ڀارت جو پارڪ غيرشادي جوڙن لاءِ وري کوليو ويو

0
377

نئين (دلچسپ نيوز) تفريحي پارڪن ۾ عورتن سان وڌندڙ هراساني واري واقعن کي نظر ۾ رکندي نوجوان جوڙن جي حوالي سان پريشان ڪندڙ فيصلو ڪيو ويو آهي. ڀارت جي هڪ تفريحي پارڪ جي انتظاميا پريمي جوڙن لاءِ دڳ بند ڪري ڇڏيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي شهر حيدرآباد ۾ موجود هڪ پارڪ جي اتنظاميا اخلاقيات جي دائرن کي ڏسندي غير شادي شده جوڙن جي پارڪ ۾ اچڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. انتظاميا طرفان پارڪ کان ٻاهر واضح طور تي هڪ بينر لڳايو ويو آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته غير شادي شهد جوڙا پارڪ ۾ داخل نٿا ٿي سگهن. ان کانپوءِ پارڪ ۾ لڳايل پابندي تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، نه رڳو ايترو پر ماڻهن پابندي کي غيرآئيني قرار ڏيندي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ردعمل کي ڏسندي ڀارتي زونل ڪمشنر سڪندرآباد ٽوئيٽ ڪئي ته غير شادي شده جوڙن تي پابندي لڳائڻ واري بينر کي لاٿو ويو آهي، جڏهن ته پارڪ جي ماحول کي پر سڪون بڻائڻ لاءِ پوليس کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.