پي ٽي آءِ سنڌ کي ڇا ڏئي سگهندي؟

0
593

جيڪڏهن سوال ڪجي ته ملڪي معاملن  ۾ هن وقت سنڌين جو  ڪيترو عمل دخل آهي ۽ کين ڪيترو ڳڻيو  ٿو وڃي ته جواب ٻڙي ملندو. جڏهن کان پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آئي آهي ان جي اوليت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا آهن، سنڌ ۾ ان جو ٿورو گهڻو مرڪز وري به ڪراچي شهر آهي جتان ان پاڻ به سيٽون کٽيون ته ماضي ۾ ڪراچي کي ڪنٽرول ڪندڙ سندن اتحادي ڌر به ڪراچي لاءِ هاءِ گهوڙا ڪندي رهي ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪراچي لاءِ به سواءِ يارنهن سو ارب رپين جي  پيڪيج جو اعلان ٿيڻ کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. سنڌ جي باقي ضلعن لاءِ به هڪ پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو پر ان تي به ڪنهن اڳڀرائي  بابت عوام کي ڪا آگاهي ناهي.

اسلام آباد جي پارلياماني  آفيسن توڙي بيورو ڪريسي جي گڏجاڻين ۾ سنڌ جي ترقياتي رٿائن وغيره بابت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿيندي ۽ سمورو وقت پي ٽي آءِ جي حڪومت وارن ٻن صوبن جي رٿائن ۽ مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي.  ڪجهه گڏجاڻين ۾ ته  سنڌ جو ذڪر ايندي پي ٽي آءِ جي وزيرن جا رمارڪس به ٻڌڻ ۾ آيا آهن. هڪ  گڏجاڻي  ۾ وزيراعظم پاڻ به سنڌ بابت هڪ نهايت غير ذميواراڻو جملو ادا ڪيو جيڪو گڏجاڻي  ۾ موجود بيورو ڪريٽس کي به محسوس  ٿيو.

پي ٽي آءِ کان اڳ نواز شريف جي وفاقي حڪومت وقت به صورتحال ڪا بهتر نه هئي ان وقت ته سڄي وفاقي حڪومت ۾ هڪ ٻه سيڪريٽري سنڌي هئا.

ان وقت به ٻه بي اختيار وفاقي وزير سنڌي هئا، ان کان پٺتي پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ وڃو ته وفاقي وزيرن ۾ سنڌين جو انگ بهتر هو ، جنهن ڪري اسلام آباد ڏانهن سنڌين جي اچ وڃ  ڪجهه بهتر هئي، البته وفاقي بيورو ڪريسي ۾ ان وقت به سنڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا.هن وقت البته  انتها درجي جي يتيمي وارو ماحول آهي جو اسلام آباد ۾ موجود حڪمرانن کي سنڌ واسين کان شديد چڙ آهي ڇو ته انهن کين باقي ٽن صوبن جيان اڇي ڪاري جو مالڪ نه بنايو. بظاهر ته وفاقي حڪومت  کي پيپلز پارٽي حڪومت سان نفرت آهي پر ان ۾ وزير اعظم ۽ سندس ساٿي سموري سنڌ سان وير جهڙيون پاليسون اختيار ڪيو ويٺا آهن. شروع ۾ ته خان صاحب جو خيال هو ته شايد اسلام آباد ۾ ويٺل وزيراعظم ملڪ  جو بادشاهه سلامت هوندو آهي سو جيڪو چاهيندو اهو ٿيندو البته ستت کيس خبر پئي ته 18 هين ترميم  کان پوءِ ڪيترائي اختيار صوبن وٽ آهن تنهنڪري مٿن ڏنڊي سان حڪمراني ڪرڻ هاڻي سولو ناهي.  پوءِ زويراعظم سميت سندس جن به ساٿين ارڙهين ترميم ڪڏهن پڙهي ئي نه هئي،انهن جو خيال هو ته شايد اهو ڪو آرٽيڪل آهي جيڪو وزيراعظم جي حڪمنامي يا سادي اڪثريت سان قومي اسيمبلي ختم ڪري ڇڏيندي.

بعد ۾ وزيراعظم کي پتو پيو ته 18 هين ترميم وسيلي ته لڳ ڀڳ هڪ سو آرٽيڪلز ۾ ڦير ڦار  ڪئي وئي هئي. ٻي ڳالهه ته  ڪنهن به آئيني ڦير ڦار لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي گهڻائي گهربل  هوندي آهي. نيٺ  سڀ دروازا بند ڏسي چيو ويو ته ڀلا گورنر راڄ ٿا هڻون پتو پيو ته اهو دروازو به ارڙهين ترميم بند ڪري چڪي آهي. خان صاحب کي پتو ئي ناهي ته ارڙهين ترميم ملڪ جي آئيني تاريخ جو هڪ غير معمولي ڪم آهي جنهن کي ريورس ڪرڻ ايترو  سولو ناهي.  بس  ان بيوسي کان پوءِ سندس حڪومت ڏينهن رات سنڌ مٿان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ پنهنجو قبضو قائم ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندي رهي آهي. ڪڏهن ٻيٽن تي سڌي والار وارو آرڊيننس، ڪڏهن برساتي نالا صاف ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي  موڪلڻ ،ڪڏهن  ڪراچي ڊولپمينٽ ڪميٽي جوڙڻ، ته ڪڏهن سنڌ ۾ بنگالين جون ڇڏيل زمينون پنهنجي اتحادين حوالي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ وارا ٽڪساٽ استعمال ٿيندا  رهيا آهن.

جيتوڻيڪ سنڌ واسين کي پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوين سوال آهن پر پي ٽي آءِ حڪومت جي مرڪزيت پسند لاڙن ۽ سنڌ ۾ سندن اتحادين جي ماضي جي تاريخ سنڌ واسين لاءِ ويتر ڳڻتي جو ڪارڻ آهي. ايتري قدر جو سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جا سنڌي ڳالهائيندڙ اڳواڻ ۽ پارٽي لاءِ نرم رويا رکندڙ عام سنڌ واسي به ان معاملي تي ٻڏتر جو شڪار آهن. سڄي سنڌ ۾ پي ٽي آءِ وٽ ساکائتا سنڌي اڳواڻ به ناهن. جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا چڱي ساک وارا سنڌي پي ٽي آءِ ۾ آهن، انهن کي پارٽي ادارن ۾ ڪا اهميت حاصل ناهي، جو اهي اهم فيصلن تي اثرانداز ٿي سگهن. وفاقي حڪومت ۾ 60 کان وڌيڪ وزيرن  ۽ مملڪتي وزيرن مان ٻه سنڌي آهن، جن کي سنڌ جي معاملن تي عوامي فورم تي توڙي پارٽي اجلاسن ۾ ڪڏهن ڳالهائيندي ناهي ٻڌو ويو.  اهي سمورو وقت سنڌ حڪومت جي مخالفت ۾ رڌل رهن ٿا.

انهن حالتن ۾ هڪ گهڙي لاءِ فرض ڪيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ڪئي ٿي وڃي ته پوءِ وارو منظر نامو  ڪهڙو هوندو؟ اهو سياسي منظر نامو لڳ ڀڳ مشرف جي دور وارو هوندو، جنهن ۾ ق ليگ جي جاءَ پي ٽي آءِ والاريندي. ان ۾ ڪجهه کٽيل ۽ ڪجهه کٽايل سنڌي ۽ باقي ڪراچي ۾ ڪجهه  ايم ڪيو ايم وارا ۽ باقي سندن سوچ وارا تحريڪ انصاف وارا ميمبر سنڌ ۾ حڪومت هلائيندا. ممڪن آهي ته ٿورو گهڻو  روڊن رستن ۽ نوڪرين جا اعلان ٿي وڃن پر جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ قومي مفادن وارا  بنيادي معاملا هوندا ان جي ڇا صورتحال بيهندي؟ ڪراچي تي عملي طور ڪنهن جو راڄ قائم ٿيندو، ٻيٽن بابت فيصلا ڪير ڪندو، ارڙهين ترميم جي  اهم شقن کي ڪير بچائيندو؟

جيتوڻيڪ گورننس واري ڪاڪردگي بابت پيپلز پارٽي مان  اڪثريت ارهي آهي پر  معاملو رڳو طرز حڪمراني جو ئي نه پر حق حڪمراني جو به آهي. چونڊن ۾ ووٽ وري به قومپرست ڌرين کي نه ملي سگهندو جو اهي ايوان ۾ وڃي انهن معاملن تي ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن. رهي ڳالهه بهتر حڪمراني جي ته اڄ سنڌ  ۾ تحريڪ انصاف اندر جيڪي شخصيتون شامل آهن اهي ته ماضي ۾ به سنڌ مٿان اسلام آباد  جي آشيرواد سان حڪمراني ڪنديون رهيون آهن. جيڪڏهن انهن جي دور جي حڪمراني هن دور کان بهتر يا گهٽ خراب رهي هجي تڏهن به انهن کي آپشن طور سوچجي.

رڳو پ پ جي حمايت ۾ ان تي اکيون ٻوٽي ڇڏجن يا  پ پ مخالفت ۾ ايندڙ منظر نامي تي اکيون ٻوٽي ڇڏجن، ٻنهي صورتن ۾ سنڌ جي نفعي نقصان جو ڪاٿو بنا ڪنهن  سياسي عقيدتمندي يا انتها پسندي جي ڪرڻ گهرجي. هن معاملي کي پ پ يا پي ٽي آءِ جي عمومي روزمره جي ڪارڪردگي بجاءِ سنڌ جي بنيادي سياسي حقن، صوبائي خودمختياري ۽ سنڌ واسين جي حق حاڪميت واري اک سان پرکڻ گهرجي. جنهن به ڌر جي حمايت ۽ مخالفت ڪجي ان جو پيمانو ڪا به پارٽي نه پر سنڌ هجڻ گهرجي.

هن وقت تائين پي ٽي آءِ نه سنڌ  ۾ بهتر حڪمراني جو ڪو نمونو پيش ڪري سگهي آهي ۽ نه اها سنڌ جي بنيادي قومي سوالن تي ڪو صحتمند موقف اختيار ڪري سگهي آهي سنڌ جي سياسي حقن جي معاملي تي پي ٽي آءِ جو سمورو موقف وفاقي اسٽيبليمينٽ وارو آهي .

پي ٽي آءِ کي سنڌ واسين وٽ پنهنجي ساک ٺاهڻ لاءِ پهرين ته سنڌ جي صوبائي خودمختياري بابت موقف چٽو ڪرڻ گهرجي.سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي مالڪي بابت پنهنجو رويو بدلائڻ گهرجي. سنڌ ۾ ڪجهه ساکائتن  ڪردارن کي پنهنجي صفن ۾ اڳيان ڪرڻ گهرجي. هن وقت عملي طور سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ، ايم ڪيو ايم جو ٻيو مهانڊو بنيل آهي جنهن جي نمائندگي فروغ نسيم، علي زيدي ۽ واوڊا جهڙا نسل پرست ۽ غير جمهوري روين وارا ماڻهو ڪر رهيا آهن.