تنقيدي سوچ کان وانجهيل سماج 

0
551

نومبر 1950ع ۾ ادب جي نوبل پرائز لاءِ منتخب ٿيندڙ آمريڪا جي ٽئين نوبل لاريٽ وليم فاڪنر، جنهن ساڻ 1962ع ۾ آمريڪي صدر ڪينيدي خواهش ظاهر ڪئي ته هو وائيٽ هائوس وڃي ڊنر گڏ ڪري. هن همراھه اهو چئي دعوت رد ڪري ڇڏي ته هو پري وڃي هڪ اجنبي سان گڏ ماني نٿو کائي سگهي. فاڪنر پنهنجي ناول The Fury  The Sound And۾ لکي ٿو ته زمان حال  کانپوءِ ٻيو حال اچي ٿو، تنهنڪري مستقبل جو ڪو به وجود ڪونهي، ماضي ڏي اسان ڪيئي سال پوئتي هڪ سيڪنڊ ۾ واپس وڃون ٿا، اهو يادن جي صورت ۾ اسان جي تڪليفن جو سبب بنجي ٿو، فاڪنر جي هن ماسٽر پيس  ۾ هڪ ڪردار “ڪئنٽن” گهڙي فرش تي اُڇلائي، ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر پوءِ به اها ٽِڪ ٽِڪ ڪندي رهي ٿي، جنهن جو مطلب آهي ته اسان وقت جي بي رحمي کان بچي نٿا سگهون.

وقت جي هن ڳالھه کي پاڻ زمان حال ۾ ڏسون ٿا. بالي ووڊ جتي سرمائيداراڻي قدرن کي پيش ڪيو ۽ وڌايو آهي، اُتي سيڪيولر رُجحان به متعارف ڪيا آهن، (جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ به ٿيو آهي.) ۽ زنگ آلوده سوچ جي هڪ هٽي جا پردا چاڪ ڪيا آهن، ته اهڙي سماج ۾ موجود انتهائي تنگ ذهنن جا بکيا اڊيڙيا  آهن. ايئن، هن فلم انڊسٽري جي بدولت سيڪيولرزم جي سٽاءُ سان “سماجي هُٻس” ۾ نازبوءِ جهڙيون هوائون محسوس ٿيون آهن. بالي ووڊ جي ٻن فلمن وڏو ممڻ مچائي ڪٿارسس پيدا ڪيو. انهن ۾ هڪ طنزيه سائنس فڪشن ڪاميڊي فلم “پي ڪي”آهي، جنهن کي راج ڪمار هيراڻي ۽ اڀيجت جوشي لکيو آهي. فلم ۾ هڪ اجنبي پي ڪي (عامر خان) تحقيق جي مقصد سان ڌرتي تي اچي ٿو، جنهن جي سڃاڻپ هڪ ٽي وي صحافي جَگو (انوشڪا شرما) سان ٿئي ٿي. ايئن، ڪهاڻي ۾ پي ڪي ڌرمي ٺيڪيدارن جي ٻهروپيت ۽ ڪاروباري ذهنيت تي منطقي سوال ڇڏيا آهن، ته ماڻهن جي وهم پرست نفسيات تي به پردو کنيو آهي. ڌاڳن ڦيڻن ۾ جيئندان ڳولا ۽ روزمره جي زندگي ۾ توهم پرستي ۾ مبتلا ماڻهو ڏيکاري هن فلم عقلي سبق سمجهايا آهن. ٻي فلم، “بجرنگي ڀائيجان” وجيندرا پرساد جي لکيل آهي، سلمان خان ۽ وينڪاتيش پروڊيوسر آهن. هي فلم  حڪمران طبقي جي اٽڪل بازي ۽ بي سبب دشمني کي بي نقاب ڪري ٻڌائي ٿي ته اقتدار کيڊيگهه ڏيڻ جي فسادي ڪوششن ۾امن پسند عوام ڪيئن ٻارڻ ٿئي ٿو. هي فلم اها به راءِ رکي ٿي ته نفرت ۽ ناانصافي جي باھه ۾ انسان سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿو، تنهنڪري انسانيت جو رشتو اُتم آهي، ان کي بچائڻ جي ضرورت آهي.

هن سماج ۾ سوچون، خواب ۽ خيال ڇسائپ جي شڪل ۾ اُڀرن ٿا. ذهن کي اندروني تالا ڏئي، پاڻ سوچڻ ۽ سمجھڻ کان انڪار ڪيو آهي.  اسپينوزا جو چوڻ آهي ته  “ارادو ۽ عقل هڪ ئي حقيقت جا ٻه نالا آهن.” حقيقت هي آهي ته اڃان تائين پنهنجي هن سماج ۾ عقل ۽ بحث جا ڪي به معقول بنياد بالغ نه ٿيا آهن. هتي بحث ڪرڻ، عقل ۽ سائنسي سوچ جي ڳالهه ڪرڻ ڄڻ ته دوکو ۽ فريب هجي. عقل دشمني جون سڀ حدون پار ڪري اسان جھالت جو وڏو ثبوت پيش ڪيو آهي. اها جھالت زوال پذيري ڏانهن وکون وڌائي ٿي، جنهن جا آثار واضح ۽ چٽا آهن. ايئن ڪرڻ سان اسان پنهنجي انا کي تسڪين ته ڏئي سگھون ٿا، پر وقت جي نون تقاضائن جو مقابلو نٿا ڪري سگھون. هر دور پنهنجي پاڻ سان گڏ نوان Trends متعارف ڪرائي ٿو. اهي جديد رُجحان ۽ نظريا بني نوع انسان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ نوان محرڪ ۽ نتيجا کڻي اچن ٿا. اسان دُنيا ۾ اُٿندڙ تبديلين کي نظرانداز ڪري، رهي نٿا سگھون. روايتي تعليم ۽ غير سائنسي اڀياس سان منجھيل ۽ مُڏا ذهن پيدا ٿيندا آهن، انهن ذهنن ۾ رٽو هڻائي، زوري زبردستي اڌورا خيال ۽ تصور ٿاڦيا ويندا آهن. ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ هڪ اهڙو نسل جنم وٺي ٿو، جيڪو سهپ، انسانيت ۽ ڀائيچاري کان محروم ٿي، جنونيت ۽ تعصب جو حامي ٿي وڃي ٿو. هُن جي دل ۽ دماغ ۾ نفرت جون نديون وهن ٿيون، انسان دوستي ۽ روشن خيالي  جا سڀ ويڻ وسري وڃن ٿا. نئون فڪر، اُن صورت ۾ جنم وٺي ٿو، جڏهن انساني ذهن جي تخليقي ۽ تنقيدي قوت سگھاري بڻجي ٿي. وهم پرست ۽ هن دنيا کان فراريت جي فڪر ۾ تعصب ۽ تشدد جي  پالنا ٿئي ٿي. ادب ، آرٽ، سائنس ۽ موسيقي کان سواءِ زندگي بنجر ٿي پوي ٿي.

ايڊم سمٿ چيو ته، “سائنس جذبات پڻي ۽ وهمن جي زهر خلاف هڪ عظيم سگھه آهي.” سائنس ۽ ٽيڪنالاجي “مت موڙهيل” ماڻهن لاءِ مجبوري ٿي پئي آهي ته اهي به اُن مان فائدو حاصل ڪن. مريض لاءِ اهو ضروري آهي ته هو صحتيابي لاءِ ميڊيڪل سائنس جي اوزارن، دوائن، گورين، ويڪسين وغيره جي مدد سان مرض مان نجات حاصل ڪري. سائنسي ايجادن جي استعمال کانسواءِ اسان زندگي کي اڌوري ۽ تڪليف ده سمجھون ٿا. چارلس ڊارون چوي ٿو ته “علم جي ڀيٽ ۾ جھالت ويساھه کي تمام جلد ڄڻيندي آهي. تمام گهڻو ڄاڻيندڙن بدران، اُهي تمام ٿورو ڄاڻيندڙ ئي هوندا آهن، جيڪي زور ڏيئي چوندا آهن ته سائنس هِي يا هُو مسئلو ڪڏهن به حل نه ٿي ڪري سگهي.”  هڪ طرف اسان سائنس مخالف آهيون، ٻئي پاسي انهي جو استعمال (مثبت يا منفي) به ڪريون ٿا. جيڪي شيون اسان کي Inspire  ڪن ٿيون، سوچ ۽ سمجھه جون نيون راهون متعارف ڪرائين ٿيون، حياتي گذارڻ لاءِ جدوجھد ۽ مزاحمت جو محاذ کڙو ڪن ٿيون ۽ زندگي ۾ سچائي ثابت ڪن ٿيون، انهن کان ڪنارا ڪشي ڪري رڳو موت جو انتظار ڪرڻ مناسب آهي؟

ايئن، سماج ۾ سنجيده تنقيدي شعور نه هئڻ ڪري  اهڙن ليکڪن ذهني طور اپاهج ماحول کي فروغ ڏنو آهي. هي ليکڪ هر مضمون ۾ اهو تاثر ڏيندا آهن ته ڄڻ هر ڳالھه جي صرف انهن کي ئي خبر آهي، ڪنهن مستند ڪتاب يا ريسرچ پيپر جو ڪو به حوالو نه هوندو آهي. انهن جي اهڙي راءِ حتمي هجڻ جو تاثر ڏيئي ٿي. هي ريسرچ جو دور آهي، هوائي توائي ڳالهيون قابلِ قبول ناهن. حقيقت ۽ سچ کي سلهاڙڻ لاءِ دليل، حوالا ۽ ثبوت گهرجن. بنا حوالي لکڻي تي يقين نٿو ڪري سگهجي. هر موضوع تي لکندڙ هي ماهر ليکاري اهڙا ڪردار ۽ موضوع ٿا کڻي پيش ڪن، جن جوسائنس، فلسفي ۽ ٻين جديد موضوعن سان ڪو واسطو ڪونهي. جهنگلي جيوت، وڻ ٻوٽا، قدرتي ماحول ۾تبديليون، آبهوائي تبديلي، گلوبل وارمنگ وغيره سائنسي موضوع آهن، انهن موضوعن تي لکڻ  لاءِ سائنسي سوچ ۽ دليل گهرجن. سنئوڻ ساٺ پيش ڪرڻ ۽ ڏند ڪٿائي ڳالهيون لکي هنن موضوعن سان جسٽيفاءِ نٿو ڪري سگهجي. نظرين ۽ تضادن جو گھڻ رخو مطالعو نه هجڻ ڪري ماضي قريب جي رجعت پسند ڪردارن ، قصن ۽ ڪهاڻين جو بار بار ذڪر ذهنن کي مُڏو ڪرڻ جي مترادف آهي. توهم پرستي زندگي کي جيئڻ کان محروم ڪيوآهي. عوام کي وهمن ۽ وسوسن ۾ مبتلا ڪري نفسياتي مونجھارن ۾ وڌو آهي. اهڙي جهالت جو فائدو “روحاني مُشيرن” کان وٺي “سياست جي گُرگ ڪاروبارين” تائين ورتو آهي. هاڻي هڪ ملٽي نيشنل موبائيل ڪمپني ايس ايم ايس ڪري چوي ٿي ته فلاڻي نجومي کان پنهنجي قسمت ۽ بيمارين کان نجات لاءِ هن نمبر تي بيڪ ايس ايم ايس ڪري معلوم ڪريو. مطلب ته معاشي ڦرلٽ ايئن به ٿي سگھي ٿي ته توهان لوڪل نفسيات تي حملو ڪريو! ايئن مقامي نفسيات ۽ ذهنيت کي جامد ڪرڻ جو ٽاسڪ انهي قسم جي ليکڪن پئي پورو ڪيو آهي،  اهي هوائي توائي ڳالهين سان پڙهندڙن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪندا رهيا آهن. ظاهر آهي ته جنهن سماج ۾ سائنسي علم  ۽ منطقي سوچ جي کوٽ هجي ته اتي اهڙن “ليکڪن” کي موٽ به ملندي ۽ هي موجون به ڪندا آهن. اهي نهام نهاد ليکڪ انتهاپسندي جو انوکو روپ ۽ ٻهروپ آهن. ڏسجي ته زمان حال ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي گلوبل اثر هاڻي تهذيبي ۽ ثقافتي طور تي ڪافي شين ۾ نواڻ آڻي ڇڏي آهي. اهڙي تهذيبي ۽ ثقافتي يلغار جا اثر ڏور رس پيا آهن. مختلف معاشرن انهن کي نه چاهيندي به قبول ڪيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سوچن ۽ قدرن کي گهڻي حد تائين بدلائي ڇڏيو آهي، پر هي ليکڪ اڃان لکڻين ۾ ذات ۽ نسل جي بنياد تي رنگ ڏيئي انسان کي ڪو “اَڇوت” هئڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي ٿو ته ڪو شيڊول ڪاسٽ سڏي “ڪم ذات” ڪري پيش ڪري ٿو. عوام جي آزاد جيئڻ ۽ سوچڻ جي حق تلفي ڪندڙ اهڙين لکڻين ۾ تنگ ذهنيت جو عنصر عيان آهي. هنن رجعت پسند ليکڪن جي بدولت هڪ نئين قسم جي “هيروازم” جنم ورتو آهي. ڏسجي ته شخصيت پرستي غلاماڻي ذهنيت جو باعث بڻي آهي، ان سان آمريت کي به هٿي ملي آهي ۽ جمهوري قدر پنهنجي موت مري ويا آهن. مِٿِ جڏهن مغز ۾ هميشه مسلط ٿي وڃي ته زمانن تائين ناڪارا اثر ڇڏيندي آهي. هتي هن وقت لکارين هٿان “هيروز” جون خوبيون ته خُوب بيان ڪيون وڃن ٿيون، پر انهن جي خامين تي پردو رکيو وڃي ٿو. هونئن به اهڙن “هيروز” کي درٻاري مصنفين جي نسل جي ضرورت پئي رهي آهي، جيڪي سندن ڏوهن کي لوڪ کان لڪائي “عظيم ماڻهو” ڪري پيش ڪن. سفاڪ، ظالم ۽ انسان دشمن “هيروز” بڻيل آهن، جيڪي غريبن جي رت تي پلجي وڏا ٿيا، جن رهزني ۽ ڏاڍ زورائي جي بنياد تي راڄ ڪرڻ جي روايت وِڌي، سي “هيرو” ڪيئن ٿيا؟! دراصل سوال هي آهي ته ڪهڙا هٿ ٺوڪيا ۽ ڪهڙا حقيقي هيرو آهن؟ ذاتي پسند جي “نظريي” تي “هيرو” ٺاهڻ وارو عمل تاريخ سان ويساهه گهاتي آهي. عوام کي جذباتي طور تي گمراهه ڪري “هيروز”  جي مدد سان ذاتي مفادن جي جنگ کٽي وڃي ٿي! اهڙن هيروز جي هٿ هيٺ مزاحمتي تحريڪون جنم نه وٺنديون آهن. قدامت پرستي اهڙن هيروز جي بدولت رڳن ۾ گردش ڪندي آهي، ته هيروز جي روپ ۾ اهي حڪمران بڻجي عوام جو استحصال به ڪندا رهندا آهن. انهي اقتداري حصول جي گريٽ گيم ۾ اهڙا هيرو پنهنجي مٿي ۾ هنيا ويا، جيڪي پنهنجا هيرو نه هئا. تنهنڪري هيرو ايجاد ٿيا ۽ مفاد حاصل ڪيا ويا.

لکڻ جي جوهر ۾ ديومالائي ڀاشڻ ڏيڻ ۽ سائنسي ۽ سيڪيولر نقطه نظر نه هجڻ ڪري ليکڪن جوهڪ حلقو مُدي خارج ۽ غير عقلي سوچ کي جيئارڻ جي ڪوشش ۾ آهي، ڪافي اهڙيون روايتون ۽ ڏند ڪٿائون آهن، جيڪي هن دور جي ضرورت نه آهن، جن تي گهڻو زورڏنو وڃي ٿو. جيئن سنڌ ۾ اقتدار پرست اهي پارٽيون گهٽ، پيراڻيون گاديون وڌيڪ لڳن ٿيون، ايئن هي همراھه ليکڪ گهٽ، مُجاور وڌيڪ لڳن ٿا. اهڙيون ڏند ڪٿائي لکڻيون ڪنهن مخصوص سماج، حلقي ۽ دائري ۾ ته هضم ٿي سگهن ٿيون، نه ته  سائنس ۽ ڄاڻ جي ذريعن جي وڌڻ ڪري مرغوب ٿي نٿيون سگهن ۽ بي اثر رهن ٿيون.

بهرحال، زندگي جي مختلف شعبن ۾ روز نوان رُجحان ۽ لاڙا اُڀرندا رهن ٿا ۽ اسان انهن کي چاهيندي يا نه چاهيندي به قبول ڪيو آهي. هاڻي ادب ۽ آرٽ سان گڏ سائنس جو ڦهلاءُ زندگي جي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي مات ڏيئي جيئڻ لاءِ نواڻ آندي آهي. ڪائنات ۾ هر شيءَ هر وقت تغير پذير آهي ۽ جمود جو ڪو وجود ڪونهي.