خطي جون حالتون سياسي استحڪام جون گهرجائو

0
217
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

افغانستان جي صورتحال سبب سڄي دنيا جون نظرون خطي تي کتل آهن.دهشتگردي خلاف جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ جنهن ملڪ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن اهو پاڪستان آهي. فوجي جوانن،عام شهرين ۽ سياستدانن جي جاني قربانين کان وٺي معاشي نقصان پاڪستان جو ٿيو آهي ان ڪري هر وقت افغانستان ۾ گهرو ويڙهه واري صورتحال جا اثر هر حال ۾ پاڪستان تي پوڻا آهن. ملڪ ۾وري سياسي عدم استحڪام سبب حالتون نازڪ ٿي سگهن ٿيون. تنهن ڪري هي وقت آهي ته حڪومت توڙي مخالف ڌر جون پارٽيون گڏ ويهي انهي نازڪ  مرحلي مان ملڪ کي ڪڍي پار پون. ايئن نه ٿئي جو سياسي پارٽين بشمول حڪومت جي ڪا غلطي ملڪ کي وري ڪنهن اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏي جنهن جو ڪو تدارڪ ڪرڻ ممڪن نه رهي.

آمريڪا جي افغانستان مان نڪرڻ ۽ طالبان جي تڪڙو ڪابل تي پهچڻ تي جتي دنيا حيران آهي اتي سڄي دنيا سان گڏ خطي جا ملڪ پريشان به آهن.پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان ۾ جلد ڪا حڪومت قائم ٿئي ۽ حالتون معمول طرف وڌن، ان لاءِ پاڪستان پنهنجي پوريون ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ سڄي دنيا جي ملڪن ۽ افغانستان جي ڌرين سان رابطي ۾ آهي، جنهن جو مثال ڪجهه وقت اڳ افغانستان جي ڪجهه ڌرين جي اڳواڻن جو اسلام آباد اچڻ هو. افغانستان جي صورتحال پاڪستان تي سڌو سنئون اثر انداز ٿيندي رهي آهي تنهن ڪري پاڪستان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ اهڙي پائيدار حڪومت قائم ٿئي جيئن افغانستان جي سرزمين پاڙيسرين خاص ڪري پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ايئن ٿيندو رهيو آهي ته ڪجهه ڌريون افغانستان جي صورتحال جو فائدو وٺي پاڪستان  ۾ دهشتگردي ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪنديون رهيون آهن. هن وقت به ٿي سگهي ٿو ڪي ڌريون افغانستان جي صورتحال جو فائدو وٺي ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پر انهن ڪوششن يا سازشن کي ناڪام بڻائڻ سياسي ڌرين جو ڪم آهي جنهن ۾ حڪومت کي بهرحال مهاڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پر لڳي ايئن رهيو آهي ته هن صورتحال ۾ به وفاقي حڪومت کي سياسي پارٽين سان رابطي ڪرڻ جي ڪا ڳڻتي ناهي. پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت  ۽ ان جي اڳواڻ عمران خان جو جيڪو پهرين ڏينهن کان وٺي  رويو رهيو آهي ته هو اڪيلي سر سڀ معاملا هلائڻ چاهي ٿو ۽ ملڪي حالتن ۾ سياسي ڌرين کي ڪو حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي يا انهن جي صلاح مشورو ڪرڻ کي گناهه سمجهي ٿو. جمهوريت ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر گاڏي جا اهي ٻه ڦيٿا آهن جن مان هڪ کانسواءِ جمهوريت جي گاڏي اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. ڀلي کڻي عوام جي اڪثريت پي ٽي آءِ کي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو آهي پر ان سان گڏ انهي ساڳي عوام مخالف ڌر جي ماڻهن کي به چونڊي اسيمبلين ۾ پهچايو آهي ۽ ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ انهن جي تنقيد ۽ مشورن کي ٻڌڻ ۽ انهن جي سٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري بڻجي ٿي. هن ٽن سالن دوران نظر اهو آيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ رويا يا رابطا اهڙا ناهن جن کي بهتر يا مثبت چئي سگهجي.عام حالتن ۾ ڀلي انهي سان  ڪو وڏو فرق نه پوي پر جڏهن ملڪ يا خطي ۾ حالتون غير معمولي ٿي وڃن ته ان کي نظر ۾ رکي حڪومت توڙي مخالف ڌر کي پنهنجي روين تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي ۽ صلاح مشوري سان اڳتي وڌڻ گهرجي .

اسان سمجهون ٿا ته هن وقت خطي جون حالتون غير معمولي آهن انهي وقت ۾ هر قدم سنڀالي کڻڻ جي ضرورت آهي.ڪالهه پارليامينٽ جي 58 ميمبرن جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو جتي کين آرمي چيف افغانستان جي صورتحال ،قومي سلامتي ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.حڪومت کي به گهرجي ته سياسي پارٽين سان رابطا ڪري جلد پارليامينٽ ذريعي معاملي تي بحث ڪيو وڃي ۽ پنهنجي تيارين بابت ملڪي عوام کي آگاهه ڪيووڃي.موجوده حالتن ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري کان وٺي ٻين سياسي معاملن کي  به صلاح مشوري سان اڪلايو وڃي، اهو ئي ملڪ جي لاءِ بهتر ٿيندو.