ڀارت جو نوجوان اداڪار راهول ووهرا ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

0
392

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جو مشهور يوٽيوبر ۽ اداڪار راهول ووهرا ڪورونا ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب 35 ورهين جي يو ٽيوبر کي ڪورونا ٿي هئي جنهن بعد هو دهلي جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي رهيو هو. طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس هڪ ٻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي هن دم ڏنو. هن ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بڪ تي پوسٽ ڪئي هئي ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ٽيگ ڪري لکيو هو ته مون کي به سٺو علاج ملي ها ته بچي وڃان ها. فيس بڪ تي سندس فالوئر جو تعداد 19 لک هو ۽ سندس وڊيو 100 ملين ويوز حاصل ڪندي هئي.