پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 78 ماڻهو فوت

0
373
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 78 ماڻهو فوت ٿي ويا، 3 هزار 447 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 37756 ٽيسٽ ڪيون ويڳون، جن مان 3447 ماڻھن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي، جڏھن تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 78 ڄڻا فوت ٿي ويا، ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 18 هزار 993 ٿي ويو، متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 61473 تائين پهچي ويو، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 9.12 سيڪڙو رھي. جڏھن تھ لاهور ۾ ڪورونا ڪيسن جِي شرح هڪ ڀيرو ٻيهر 22 سيڪڙو کان وڌي وئي، پنجاب ۾ شرح ساڍا 13 سيڪڙو رڪارڊ، پاڪستان ۾ مثبت ڪسين جِي شرح 9 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، گجرانوالا ۾ 79 سيڪڙو وينٽي ليٽرز ڀرجي ويا، لاهور ۾ 67 سيڪڙو مريض وينٽي ليٽرز تي موجود آھن.