ڀارتي فقير لکين روپين جو مالڪ، ڏيڍ لک جا سڪا هٿ

0
445

ممبئي: (دلچسپ نيوز) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ حادثي ۾ فوت ٿي ويندڙ فقير جي گهر مان 10 لک روپيا هٿ ٿيا آهن.ميڊيا رپورٽ موجب راجسٿان ۾ ريلوي ٽريڪ پار ڪندي 83 ورهين جو فقير برجو چندرا آزاد فوت ٿي ويو، پوليس جڏهن ان جي جهوپڙي جي تلاشي ورتي ته گهر مان 8 لک 77 هزار رويپن جا فڪسڊ ڊپازٽ سرٽيفڪيٽ ۽ ڏيڍ لک سڪا هٿ ٿيا.پوليس جو چوڻ آهي ته برجو چندرا جي جهوپڙي پراڻين اخبارن سان ڀريل هئي جڏهن ته ڪمري جي تلاشي ورتي وئي ته هڪ ٿيلهي مان برجو جو سڃاڻپ ڪارڊ، پين ڪارڊ ۽ آڌار ڪارڊ به هٿ ٿيو، پوليس برجو چندرا آزاد جي گهروارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.