زحل جا وڌيڪ 20 چنڊ هٿ، مشتري کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

0
356

واشنگٽن(دلچسپ نيوز)سائنسدانن اسان جي شمسي نظام جي ٻئين گرهه زحل جا وڌيڪ 20 چنڊ هٿ ڪري ورتا آهن جنهن کانپوءِ ان جي چنڊن جو تعداد 82 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح زحل مشتري کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي جنهن جا هينئر تائين 79 چنڊ هٿ ٿي چڪا آهن.اها دريافت ڪارنيگي ميلون يونيورسٽي جي ڊاڪٽر اسڪاٽ شيپرڊ جي قيادت ۾ فلڪياتي ماهرن جي هڪ عالمي ٽيم ڪئي آهي جنهن جو اعلان گذريل ڏينهن عالمي فلڪياتي تنظيم جي مائنر پلينٽ سينٽر ۾ ڪيو ويو. نون هٿ ايندڙ سمورن چنڊن مان هڪ هڪ تقريبن 5 ڪلوميٽر ويڪرو آهي، انهن 20 مان 17 چنڊ رجعي حرڪت رکن ٿا يعني جنهن طرف زحل گردش ڪري رهيو آهي اهو چنڊ ان جي مخالف طرف ۾ گرهه جي چوڌاري چڪر لڳائي رهيا آهن.صرف ٽي چنڊ معمولي جي گردش يعني پروگريڊ موشن ۾ مصروف آهن، جن مان ٻن چنڊن جو زحل سان فاصلو تقريبن گهٽ آهي ۽ هو ان وڏي گرهه جي چوڌاري هڪ کان ٻه زميني سال ۾ هڪ چڪر پورو ڪري وٺندا آهن. باقي 18 چنڊ جن جو زحل کان فاصلو به چڱو وڌيڪ آهي ان گرهه جي چوڌاري ٽن سالن کان به وڌيڪ مدي ۾ هڪ چڪر پورو ڪندا آهن.ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ کان ڪروڙين يا اربين سال اڳ زحل جي چوڌاري هڪ وڏو چنڊ هوندو هو جيڪو ڪنهن وڏي ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ تباهه ٿي ويو ۽ ان جي باقيات ننڍن چنڊن جي شڪل ۾ رهجي وئي، نئين هٿ ايندڙ ڪجهه چنڊن ان خيال جي مطابقت ئي ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن پر ڪجهه چنڊ ان تصور جي ڀڃڪڙي ڪندا نظر ايندا آهن.