نيوڇور (رپورٽ: جگت چارڻ) نيوڇور ٿر ۽ عمرڪوٽ ۾ صدين پراڻو ھارين جو پرٻ ۽ آکاٽيج جو ڏھاڙو ڪورونا جي لھر سبب لاڪ ڊائون جي ڪري متاثر. ريگستاني ھارين جي تھوار ۾ گھرن جي آڱڻ ۾ علامتي (کرا) ٺاهي رکيا ويا, تھوار جا خاص طعام ٻاجھر جو ڀت، ڳڙ جي رٻڙي ۽ سڱرين جي ڀاڄي تيار لاڪ ڊائون سبب تراين تي آکو پايو جي رسم ۽ اوطارن ۾ رھاڻ نه ٿي سگهي. ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان ۾ صدين کان ھلندڙ ريگستاني ھارين جو تھوار ھارين جو پرٻ اماس ۽ آکاٽيج جا ڏھاڙا گھرن ۾ اناج جا لامتي کرا ٺاھي ٿر جي ھارين سگھر سياڻن سنيئو سارٺ نھاري ملھايا، فطرت جي آثار ۽ سوڻن ساٺن مان مينھن وسڻ جي اھڃاڻن جو اندازو لڳايو، گھرن ۾ تھوار جا خاص طعام ٻاجھر جو ڀت، ڳڙ جي رٻڙي ۽ سڱرين جي ڀاڄي تيار ڪيا ويا، پر لاڪ ڊائون جي ڪري تراين تي “آکو پايو” جي رسم تحت گهر گهر مان ميڙي اناج خيرات نه ٿي سگهي، ماڻهن گهرن ۾ مينھـن جي لاءِ دعائون گھريون، گھرن ۾ ٻاجھر ۽ منڱن جو ڀت رڌي سچي گيهه ۽ ڳڙ ۾ ملائي ننڍڙن ٻارن کي کارايو ويو. اوطارن ۾ رھاڻ جي رسم وڏي پيماني تي ادا نه ٿي سگھي. ننڍڙا ٻار ننڍڙن ھرن سان ڳوٺن جي ريلي ميدان ۾ علامتي ننڍيون ٻنيون کيڙي خوشي حاصل ڪري نه سگھيا. رھواسين چيو ته اسين ريگستان جا ماڻهو فطرت جي گهڻو ويجھو رھندا آھيون. اسان جو معاشي دارو مدار برسات تي آهي. ٿر جي جھـنگن ۾ فطرت جي اھڃاڻن مان پتو پوندو آهي ته ھيل سال برساتون ڪيتريون پونديون. فطرت جي انهن آثارن ۾ تمام وڏي تبديلي جي ڪري سنوڻ ساٺ ساڳيا نٿا رھن. انهن آثارن ۾ تمام وڏي تبديلي اچي وئي آهي. ھيل سال جا سنوڻ نھاريندڙ ڪرن سوڍي، امرڏان چارڻ، موھن ڏان چارڻ، کماڻ سنگهه سوڍو، تخت سنگهه سوڍو، ماستر ھري سنگهه. عطرخان ڀيو، ملجي سنگهه، لاڌي سنگهه ٺڪر، سليمان ڪنڀر، کنگھار سنگهه سوڍو، فقير اميدعلي ۽ ٻين چيو ته سنوڻن موجب ھيل آڳاٽين برساتن جو امڪان آھي ۽ ھي سال سراسري رھندو ڪٿي گھٽ ڪٿي وڌ آباي ٿيندي.