گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ گمس سٽي اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار سکر واسي نورالله ميمڻ فوت ٿي ويو، وارثن لاش وارڊ ۾ رکي ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڌرڻو هنيو.عمران ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي والد رٽائرڊ پوليس اهلڪار نورالله ميمڻ جي اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ بعد اسپتال جو وڏو نالو ٻڌي ڪري گمبٽ گمس اسپتال پهتاسين علاج هلندڙ هو. ڊاڪٽر عملي کي دوا لکي ڏني ۽ عملي منهنجي والد کي پيٽ ۾ هڪ انجڪشن لڳائي هئي. غلط انجڪشن لڳڻ سبب منهنجو والد فوت ٿي ويو آهي. عملو ۽ ڊاڪٽر وارڊ مان فرار ٿي ويا آهن۽ انجڪشن به کڻي ويا آهن. ڊاڪٽر ۽ عملي جي غفلت سبب منهنجو والد فوت ٿيو آهي جاچ ڪري ملوث ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊائريڪٽر گمس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پيرسن جي طبيعت سيريس هئي دل جو دورو پوڻ سبب پيرسن فوت ٿي ويو آهي. پيرسن جي فوت ٿيڻ بابت ايم ايس کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو آهي جيڪڏهن ڊاڪٽر ۽ عملو ملوث هوندو ته انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.