ٿاڻوبولاخان (ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان لڳ جو رھواسي سڌير لاسي پالاري کان موٽروي ايم نائين 32 ميل لڳ مرغي فارمن تائين ڪرائي تي کڻي وينڌڙ شخص ۽ سندس ساٿي سوزوڪي ڦر ڪري ويا، جوابدار موٽر سائيڪل تي سوار انتظار ۾ بيٺل ھئا، جن ھٿيارن جي زور تي ڊرائيور کي يرغمال بڻائي ٽن ٻٽ ٻڌل ھمراھن ڊرائيور سڌير جا ھٿ پير ٻڌي تشدد ڪري سوزڪي پڪ اپ ڦري فرار ٿي ويا جڏھن ته موٽر سائيڪل سوارن سڌير پالاري کي جهنگ ۾ فٽو ڪري ويا. ٻن ڪلاڪن جي جدوجھد کان پوءِ ڊرائيور پنھنجا ھٿ پير کولي ويجهو مرغي فارمن تائين پھتو، جتان ھن گھروارن کي اطلاع ڪيو ۽ لوڻي ڪوٽ پوليس تي پڻ اطلاح ڪيو جڏھن ايس ايڇ او لوڻي ڪوٽ سر زمين تي پھچي تصديق ڪندي چيو ته ھئي حد جھمپير پوليس ٿاڻي جي آھي توھان اتي وڃو.