گھوٽڪي (رپورٽر) پيپلزپارٽي جو چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري اربع تي (اڄ) گھوٽڪي پھچي رھيو آھي. پ پ چيئرمين جي دوري جي حوالي سان ڊگري ڪاليج ۾ تياريون مڪمل، 5 ھزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو. بلاول ڀٽو زردري سرسو پروگرام تحت مستحق عورتن ۾ روزگار لاءِ چيڪ ورھائيندو. ان حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي وزير سيد ناصر شاھ، ايم اين اي سردار محمد بخش مھر، پ پ ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ سميت ضلعي انتظاميا متحرڪ ٿي وئي آهي. پ پ  چيئرمين گهوٽڪيءَ جي دوري دوران پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.