ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پرڏيهي مامرن واري وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چين سان اسانجا لاڳاپا ڪنهن کان ڳجها ناهن، آئون چين ويو هئس ۽ ٻن طرفن جي تعلقاتن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، داسو ۾ چيني ڀائرن سان گڏ اسان جا پاڪستاني شهري به متاثر ٿيا، ڪجهه قوتون نٿيون چاهين ته پاڪستان ۾سيڙپڪاري ٿئي، اهي بزدلاڻيون ڪارروايون ۽ حملا ڪن ٿا پر سندن سازشن کي مٽي ۾ ملائينداسين، پاڪستان ۾ حڪومتون بدلجنديون رهيون آهن پر چين سان لاڳاپا ڏينهن به ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ڪالهه ڪراچي ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز علي ڀٽو جي لاڏاڻي تي سندس پٽ امير بخش ڀٽو سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلزپارٽي هاڻي علائقائي جماعت بڻجي آهي، پنجاب کيس اڳ ۾ رد ڪري چڪو هو، سنڌ واسين 12 سالن کان پ پ کي ڀوڳيو آهي، 2023ع واري اليڪشن جا نتيجا هاڻي کان مختلف هوندا، هن چيو ته سنڌ سان اسانجو نسلن کان تعلق آهي، قومي اسيمبلي ۾ اچي جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ پ پ سنڌ ۾ به جمهوري نظام لاڳو ڪري، هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪهڙي آهي؟ صحت جون سهولتون ڪهڙيون آهن؟ ٿر ۾ اقليتن سان ڇا پيو ٿئي؟ اهو سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته ممتاز علي ڀٽو جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي لاڙڪاڻي ۾ موقعو مليو هو، سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ايندي ۽ ماڻهن کي ٻڌائينداسين ته متبادل موجود آهي، سنڌ زرداري خاندان کي موقعا ڏنا پر هتي ته ڪورونا ويڪسين کي به بخش نه ڪيو ويو، هاڻي انهن مان نجات جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم بلوچستان جي عوام جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن جي حل لاءِ شاهه زين بگٽي کي ذميواري ڏني آهي، هن چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام پنهنجو مينڊيٽ پي ٽي آءِ کي ڏئي ڇڏيو آهي، اتي پ پ ٻئي نمبر ۽ نواز ليگ ٽئين نمبر تي آهن،