ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي ڊي اي ايم پي اي علي گوھر مھر سان گوھر پئليس ۾ اھم گڏجاڻي ڪئي، ٻنھي اڳواڻن ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ وزيراعظم عمران خان جي سنڌ جي دوري بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي،گڏجاڻي ۾ وزير اعظم جي دوري کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو آھي، وفاق طرفان سنڌ لاءِ ڏنل پئڪيج توڙي وفاقي ادارن طرفان سنڌ جي عوام کي وڌيڪ رليف ڏيڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آھي، حليم عادل شيخ اڄ ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ حاضري تي پهچندو .