ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻيهر سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪالهه ايم ڪيو ايم بهادرآباد مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر عامر خان چيو آهي ته پ پ حڪومت جعلي اڪثريت تي قائم آهي، ايف آءِ اي عملدارن پريس ڪانفرنس ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ 30-40 لک جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺاهيا ويا آهن، چيف جسٽس سميت سڀئي ڄاڻن ٿا ته ڪراچي جي آبادي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي پر آدمشماري هڪ ڪروڙ 60 لک ڄاڻائي وئي آهي، جيڪڏهن 40 لک جعلي ماڻهن کي نيڪالي ڏني وڃي ته رڳو هڪ ڪروڙ 20 لک آبادي جي ڳڻپ ڪئي وئي آهي، صفوران ڳوٺ مان گرفتار ٿيل دهشتگردن، افغان ۽ را جي ايجنٽن کي به سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري پ پ ملڪي سلامتي داءُ تي لڳائي آهي، سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري جعلي سڃاڻپ ڪارڊن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي،