ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر شاھ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر عامر خان جي بيان تي ردِعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عامر خان گورنر راڄ جي ڳالهه ڪري پنهنجي ذهني ڏيوالپڻي جو ثبوت ڏئي رهيو آهي، عامر خان جي دماغ جو معائنو ٿيڻ گھرجي. ايم ڪيو ايم کي جڏهن کان ڪراچي جي عوام رد ڪيو آهي، تڏهن ته سندن دماغي توازن ٺيڪ ناهي. سندن دماغي حالت سندن گناهن سبب به ٺيڪ نه ٿي رهي. هڪ بيان ۾ هن ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي مخاطب ٿي چيو ته مهرباني ڪري نفرت وارو چشمو لاهيو. اوهان ڪراچي شهر کي تباھ ڪيو، اوهان درگاهن تي ويهي معافي گهرو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت فوبيا آهي. اهي خدا جو خوف ڪري حقيقت پسند بڻجن.