اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث کي سهيڙيندي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهين جي نتيجي ۾ ايندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو حدف 7 هزار 4 ارب کان وڌائي 7 هزار 470 ارب رپيا ڪرڻ، نان ٽيڪس وصولين جو حدف 2هزار ارب رپين کان گهٽ ڪري 1935 ارب رپين تي آڻڻ، 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني رکندڙ شخص جي آمدني تي هڪ سيڪڙو، 20 ڪروڙ آمدني رکندڙن تي 2 سيڪڙو، 25 ڪروڙ آمدني رکندڙن تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني رکندڙن تي 4 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، 13 مختلف شعبن جي ڪمپنين تي جن جي نج آمدني 30 ڪروڙ کان وڌيڪ هوندي انهن مٿان 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ بجيٽ بحث کي سهيڙيندي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ختم ٿيندڙ مالي سال ملڪي تاريخ ۾ هڪ برو سال تصور ڪيو ويندو ڇو ته ختم ٿيندڙ مالي سال ۾ بجيٽ خساري جو حدف 3990 ارب هو پر بجيٽ خسارو 5310 ارب رپين جو ٿيو آهي، پراڻي جي ڊي پي تحت وفاقي خسارو 9.85 سيڪڙو ۽ نئين جي ڊي پي تحت 8.8 سيڪڙو خسارو ٿيو آهي، جڏهن 8.8 سيڪڙو يا 9 سيڪڙو جو بجيٽ خسارو ٿئي ٿو ته  ان جو مطلب اسان جا خرچ تمام گهڻا آهن، جنهن ڪري اسان کي سڄي دنيا ۾ وڃي پيسا وٺڻا پون ٿا، جڏهن مان ناڻي وزير ٿيس ته مون کي ٻن ڏينهن کان پوءِ واشنگٽن ان بعد دوها، جده ۽ ٻين شهرن ۾ وڃڻو پيو، توهان ٽن يا 4 سالن ۾ 20 هزار ارب رپين جا قرض ورتا پوءِ به آزادي ۽ خودمختياري جي ڳالهه عمران خان پاران ڪئي پئي وڃي، جنهن ملڪي تاريخ جو 80 سيڪڙو قرض ورتو ان جو مقصد اسان خودمختياري طرف نه پر غلامي طرف وڃي رهيا آهيون، کيس اهڙا ڀاشن نه ڏيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ ملڪ کي ڊفالٽ جي سطح تي وٺي آئي هئي، اسان ان صورتحال کان ملڪ کي بچائي ورتو آهي، مان اها خوشخبري ڏيڻ چاهيان ٿو ته هي 23 ڪروڙ عوام جو ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ هاڻي ڊفالٽ طرف نه پر ترقي طرف ويندو،  جڏهن آياسين ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي هئي، سياسي پارٽين جي سربراهن ساٿ ڏنو، سول حڪومت جو ماهوار خرچ 40 ارب ۽ تيل تي سبسڊي 120 ارب رپيا هئي، ان بابت اسان مشڪل فيصلا ڪيا، سڀني سمجهيو پئي ته اهي فيصلا ڪرڻ سان اسان جي سياسي ساک خراب ٿيندي پر انهن چيو ته سڀ کان پهريان پاڪستان آهي سياسي ساک ٻئين نمبر تي پوءِ اچي ٿي، گذريل مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو نه هو، پر ختم ٿيندڙ مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17 ارب ڊالر ٿيندو، جڏهن اسان آيا هئاسين ته 10.3 ارب ڊالر مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا مليا هئا، ايترو خسارو برداشت نه ٿا ڪري سگهو، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي معطل ٿيل پروگرام ملڪ کي تباهه ۽ ڊفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ بحال ڪرڻ ضروري هو، آءِ ايم ايف سان ڪافي ڳالهيون ڪيون آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون اڄوڪي بجيٽ سهيڙن واري تقرير ۾ شامل ڪندس، هن چيو ته اسان پاڪستان جي امير ترين ماڻهن ۽ ڪمپنين تي ٽيڪس لڳايو آهي، انهن کان وڌيڪ پيسا وٺنداسين، جيئن سڄي دنيا ۾ وڃي جهولي نه ڦهلائڻي پوندي ۽ بجيٽ خسارو گهٽ ڪري سگهون، ناڻي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 90 لک رٽيلر دڪان آهن، اسان سوچي رهيا  آهيون ته ان مان 30- 35 لک دڪانن يا گهٽ ۾ 25 لک دڪانن تي انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس کي فڪس ڪري بجلي بلن ذريعي 3 هزار رپيا ننڍي دڪان ۽ 10 هزار رپيا ماهوار وڏي دڪان کان فڪس ٽيڪس وٺنداسين، ان کان پوءِ انهن کان ڪو سوال جواب نه ٿيندو، اسان سان تمام وڏي آساني پيدا ٿينديون، سون جي ڪاروبار ۾ 30 هزار کان وڌيڪ دڪان آهن پر ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ  رڳو 22 دڪان آهن، جيڪي رجسٽرڊ دڪان آهن اهي ايوريج سيل رڳو 4 هزار رپين جي ڏيکارين ٿا، اهي دڪان جن بابت اسان سمجهون ٿا ته شايد اهي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ روزاني سيل ڪن ٿا پر اهي به روزانو سيل 4 هزار رپين جي ڏيکارين ٿا، اسان سون جي انهن دڪانن تي مان 300 اسڪوائر فوٽ جي دڪانن تي فڪس ٽيڪس لڳائي آهي، جيڪي سون جا وڏا دڪان هوندا انهن تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 3 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي، جيڪي شهري دڪانن تي پنهنجو سون وڪرو ڪن ٿا ان تي 4 سيڪڙو وٿ هولڊنگ ٽيڪس هئي ان کي به گهٽ هڪ سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته جيڪي بلڊر گهر تعمير ڪري وڪرو ڪن ٿا انهن لاءِ به اسان نئين اسڪيم آڻي رهيا آهيون، انهن مٿان به فڪس انڪم ٽيڪس لڳائينداسين، ڪار ڊيلرن کان به انهن جي تجويزن مطابق اسان ٽيڪس وٺنداسين، اسان آمدني تي ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون خرچن تي ٽيڪس نه لڳائي رهيا آهيون جنهن ڪري ان سان مهانگائي نه وڌندي، ٽيڪس آمدني ۾ اضافو ٿيندو، ناڻي وزير چيو ته عمران خان جي چئني سالن دوران ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان ڌيڪ خساري واريون بجيٽ هيون، سمورين حڪومتن جيترو قرض ورتو عمران خان ان کان وڌيڪ قرض ورتو، جنهن تي حڪومتي ميمبرن شيم شيم جا نعرا لڳايا، اسان پاڪستان کي ڊفالٽ کان بچايو آهي، ڪٿي نه ڪٿي اسان کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، تنهن ڪري اسان صاحب حيثيت ماڻهن کان ٽيڪس گهري رهيا آهيون، مفتاح اسماعيل چيو ته  آءِ ايم ايف سان طئه ڪيو آهي ته پرائمري خسارو جيڪو هن سال 16 سئو ارب رپيا ٿيو آهي ان کي مثبت ڪري ايندڙ سال 153 ارب تي آندو ويندو، اسان خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته هر اهو شخص يا ڪمپني جن جي آمدني 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي ان کي هڪ سيڪڙو اضافي ٽيڪس ڏيڻي پوندي، اها ٽيڪس غربت جي خاتمي جي مد ۾ورتي ويندي، جنهن ماڻهو يا ڪمپني جي 20 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني هوندي ان تي 2 سيڪڙو، جنهن جي 15 سيڪڙو کان وڌيڪ آمدني هوندي اهو 3 سيڪڙو ۽ جنهن جي آمدني 30 ڪروڙ کان وڌيڪ هوندي اهو 4 سيڪڙو اضافي ٽيڪس ڏيندو اها ٽيڪس هڪ سال لاءِ هوندي، ان  کانسواءِ 13 اهڙا شعبا آهن جن جي اسان نشاندهي ڪئي آهي جيڪي سٺو نفعو ڪمائي رهيا آهن، انهن شعبن جي ڪمپنين جي 30 ڪروڙ کان وڌيڪ جي آمدني آهي، انهن مٿان هڪ سال لاءِ 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائي رهيا آهيون، جن شعبن ۾ شگر انڊسٽري، سيمينٽ، اسٽيل، ٽيڪسٽائل، سگريٽ، ڀاڻ جي صنعتن، بينڪن، تيل ۽ گيس شعبي، بيوريجز، گاڏيون اسمگل ڪندڙن، ايئر لائينس، ڪيميڪلس ۽ ايل اين جي ٽرمينل تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندي، جڏهن ته باقي شعبن مٿان سپر ٽيڪس 4 سيڪڙو لڳائي رهيا آهيون، اها هڪ سال لاءِ ٽيڪس هوندي، هن چيو ته هن سال بجلي جي شعبي ۾ حڪومت 16 سئو ارب رپين جو نقصان ڪيو آهي، 11 سئو ارب رپين جي سڌي ريت سبسڊي ڏني وئي آهي، 500 ارب رپيا بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرض ۾ هليا ويا آهن، ان جو ڪٿي نه ڪٿي ازالو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته آءِ ٽي شعبي تي اسان وٿ هولڊ ٽيڪس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ٽي جي جن ڪمپنين جي 8 ڪروڙ کان گهٽ سيل آهي ان تي و ٿ هولڊنگ ۽ سيلز ٽيڪس نه لڳندي، تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين تي 0.5 سيڪڙو تي ٽيڪس واپس آڻي رهيا آهيون، سرجيڪل انسٽرومينٽ جي خريداري تي به سيلز ٽيڪس ختم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مون زندگي ۾ ملڪي معيشت جي ايتري خراب حالت نه ڏٺي آهي، بجيٽ خسارو تمام گهڻو آهي، مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا تمام گهٽ آهن، خرچن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، هن سال سبسڊي جي مد ۾ 500 ارب رپين بجاءِ 1500 ارب رپيا ڏنا ويا، پي ٽي آءِ پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن ڪري اهڙين مشڪل حالتن ۾ ملڪ کي آڻي بيهاريو، مڃيان ٿو ته اسان پيٽرول ۽ ڊيزل گهڻو مهانگو ڪيو پر پاڪستان جي عوام ڀڙڪائڻ باوجود اسان جو ساٿ ڏنو، عوام جا شڪرگذار آهيون، هن اعلان ڪندي چيو ته نئين مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو حدف وڌي ويو آهي، هاڻي ايندڙ سال دوران ٽيڪس وصولين جو حدف 7 هزار 4 ارب رپين کان وڌي 7 هزار 470 ارب رپين جي ٽيڪس وصولين جو حدف مقرر ڪري رهيا آهيون،نان ٽيڪس روينيو جو حدف جيڪو 2 هزار ارب تجويز ڪيو ويو هو اهو گهٽ ڪري 1935 ارب جو حدف مقرر ڪري رهيا آهيون، ايندڙ مالي سال دوران 4 هزار 373 ارب رپيا ڏينداسين، ايندڙ مالي سال وفاقي حڪومت جوخسارو 4 هزار 547 ارب هوندو، ڪل خسارو 3 هزار 497 ارب رپين جو هوندو، هوڏانهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي  ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته 50 هزار کان هڪ لک ماهوار پگهار تان ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري اڍائي سيڪڙو انڪم ٽيڪس ورتو ويندو، هڪ لک کان 3 لک رپيا پگهار کڻندڙ ماڻهو تي 12 سيڪڙو انڪم ٽيڪس لڳندو، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ڏيوالپڻي ويجهو ڇڏي وئي هئي، آئون سمجهان ٿو ته پيٽروليم شين ۽ بجلي تي سبسڊي نه ڏيڻ گهرجي ها، مفتاح اسماعيل چيو ته ڪٿي ڪٿي آءِ ايم ايف اسانجي ڳالهه مڃي ۽ ڪٿي اسان ان جي ڳالهه مڃي، ناڻي وزير ٻڌايو ته هول سيل ۽ ريزڪي دڪانن تي 3 هزار کان 10 هزار رپين تائين فڪسڊ ٽيڪس لڳندو.

اسلام آباد : وزيراعظم وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حڪومتي معاشي  ٽيم جي اجلاس کان پوءِ ٽي وي ذريعي قوم سان مخاطب ٿيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ بابت اڄ اسان اهم فيصلا ڪيا آهن، جن بابت قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيان ٿو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٽيڪسٽائيل، آٽو موبائيل، سيمينٽ، اسٽيل، سگريٽ، آئل اينڊ گيس، ايل اين جي ٽرمينل، ڪيميڪل، ايئر لائنز، بيوريجز، فرٽيلائيزر، شُگر ۽ بئنڪنگ سوڌو وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سُپر ٽيڪس لڳايو ويندو، ساليانو 15 ڪروڙ آمدني تي هڪ سيڪڙو ۽ 20 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ آمدني تي 2 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو، 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 4 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو،هن چيو ته عمران خان حڪومت ۾ بدترين ڪرپشن ڪئي وئي، معيشت ڏيوالي ٿيڻ جي ويجهو هئي، اسان کي پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻو آهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف طرفان وڌيڪ شرطن جو مطالبو نه ڪيو ويو ته اسان جو معاهدو ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ بابت اهم فيصلا ڪيا آهن، اتحادي حڪومت صلاح مشورو ڪري وڏا جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا آهن، ڪيل فيصلن سان شارٽ ٽرم ۾ڏکيايون پيدا ٿينديون پر انهن ڏکيائين مان نڪري اينداسين. شهباز شريف چيو ته حڪومت سنڀالڻ بعد اسان وٽ ٻه رستا هئا هڪ رستو اهو هو ته چونڊ سڌارا آڻي چونڊن ڏانهن وڃجي ۽ ٻيو رستو هو ته سخت فيصلا ڪريون ۽ پاڪستان جي ٻڏندڙ معيشت کي سنڀاليون، سياسي ساک بچائڻ لاءِ پهريون رستو سولو هو پر ضمير جو آواز هو ته اها پاڪستان جي عوام سان زيادتي هوندي، اسان فيصلو ڪيوسين ته هي وقت سياست نه پر رياست کي بچائڻ جو آهي.وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو طوفان آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، سخت محنت ڪري مهانگائي تي ظابطو آڻينداسين. وزيراعظم شهباز شريف وڏين صنعتن تي سپر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عام ماڻهو کي ٽيڪس کان بچائڻ لاءِ صنعتن تي ٽيڪس لڳايو آهي. وزيراعظم چيو ته هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، ڪيستائين قرض تي ملڪ هلائينداسين، قرض وٺڻ بدران زراعت، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو، هتي ايندڙ سيڙپڪارين کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو.