اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چين پاڪستان کي 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ڏئي ڇڏيو، ناڻي واري وزير رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ  ۾ رقم منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ناڻي واري  وزير مفتاح اسماعيل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مان خوشي سان اعلان ڪريان ٿو ته چيني ڪنسورشيم طرفان پاڪستان کي قرض جي مد ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن. هن چيو ته اها رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ اسان جي ناڻي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي. ناڻي ذخيرا واڌي 10 ارب ڊالر تي پهتا آهن.