مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو،بهتري جي اميد ڪجي؟

0
146
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

نيٺ اهو به مونجهارو ختم ٿيو ته مڪاني چونڊون ٿين ٿيون يا نه؟ سياسي پارٽيون ،عام ماڻهو ايستائين جو انتظاميا به ٻڏتر جو شڪار هئي ته شايد اهي چونڊون نه ٿي سگهن جنهن ڪري تياريون به اڌوريون ٿي رهيون هيون ته سڀ عدالتن ڏانهن به ڏسي رهيا هئا.مرڪز ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کانپوءِ ته اها ڳالهه ڄڻ پڪ سمجهي پئي وئي ته چونڊون شايد وقت تي نه ٿي سگهن ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم کي مڪاني چونڊن بابت قانون تي اعتراض هئا ۽ اهو چيو يا سمجهيو پئي ويو ته هاڻي اتحاد کانپوءِ شايد نئين سر قانونسازي لاءِ ٻئي ڌريون گڏجي ويهنديون ۽ چونڊن کان اڳ اها قانونسازي تي ٻيهر نظرثاني ڪري اتفاق راءِ سان مڪاني ادارن جي جوڙجڪ بابت قانونسازي ڪئي ويندي جنهن تي ڪنهن کي اعتراض نه هجي وري جڏهن ايم ڪيو ايم،پي ٽي آءِ به چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سمجهيو پئي ويو ته هاڻي ته پڪ سان ئي چونڊون ملتوي ٿينديون پر  ڪالهه عدالت جي فيصلي کان پوءِ اهاڳالهه چٽي ٿي وئي ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون جنهن مطابق سنڌ جي چئن ڊويزنن جي  14ضلعن ۾ سڀاڻي مڪاني چونڊن لاءِ ووٽ وڌا ويندا.

اسان جي بدقسمتي رهي آهي ته مڪاني نظام ڪڏهن به سهي نموني نافذ نه ٿي سگهيو آهي ۽ خاص ڪري جمهوري حڪومتن ۾ ته انهي کي اها اهميت ئي نه ڏني ويندي آهي جنهن ڪري اسان وٽ پيئڻ جي پاڻي کان وٺي ڊرينيج نظام صفائي سٿرائي سميت اهي شيون جيڪي مڪاني نظام ۾ اچن ٿيون انهن تي به قانون ساز اسيمبيلن ۾ بحث ٿيندو آهي. ان جو سبب مڪاني نظام جو مضبوط نه هجڻ ۽ وقت سر مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ آهي.جمهوري نظام وانگر اسان جي مڪاني نظام تي به سدائين تجربا ڪيا ويندا آهن ڪو آمر هجي يا جمهوري حڪمران اهي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ سدائين انهي مڪاني نظام کي قرباني جو ٻڪرو بڻائيندا رهيا آهن جنهن ڪري ڀوڳڻو انهي عوام کي پوندو آهي جيڪو اسٽريٽ لائيٽ،ڊرينيج نظام يا پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ سدائين دانهيندو رهي ٿو.هن ڀيري به اهو ئي خطرو هو ته شايد اهي چونڊون ملتوي ٿي وڃن پر عدالت جي بهتر فيصلي سبب اهي امڪان پيدا ٿي ويا آهن ته مڪاني چونڊو وقت تي ٿيڻ سان عوام کي مٿيون ڄاڻايل سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ شايد اڳڀرائي ٿي سگهي.مڪاني چونڊون ڄڻ ته گهر گهر جي چونڊ آهي تنهن ڪري اها گهڻو ڪري برادري سطح تي وڙهي ويندي آهي سياسي طور انهي کي مستحڪم نه ڪرڻ سبب انهي ۾ برادري جو عمل دخل وڌي ويو آهي ۽ انهي سان وري جهيڙن جهٽن جو به خطرو رهندو آهي.هن مڪاني چونڊن لاءِ فارم ڀرجڻ کان وٺي هن وقت تائين اهي شڪايتون اينديون رهيون آهن ته حڪومت، انتظامي مشينري استعمال ڪري مخالفن کي هيسائي رهي آهي يا وري انهن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي يا وري مخالفن جا فارم ئي رد ڪيا ويا آهن جيڪو مڪاني چونڊن لاءِ ڪنهن به ريت سٺو سنئوڻ ناهي.عوام کي پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏيڻ جو حق هجڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجي پسند جو اميدوار چونڊڻ جو حق هجي.

اسان سمجهون ٿا ته عوام جي ووٽن کي ڏاڍ ذريعي يا سرڪاري مشينري ذريعي ڦيرائڻ جي ڪوشش يا مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائڻ سان مڪاني نظام کي فائدي بدران نقصان ٿيندو ڇاڪاڻ ته اهي جهيڙا وري سالن تائين برادري جهيڙن جي صورت اختيار ڪري ماڻهن ۾ دشمني جو ڪارڻ بڻجن ٿا. تنهن ڪري حڪومت سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ جيترو ممڪن ٿي سگهي اليڪشن ڪميشن جي نه رڳو سهڪاري ٿئي پر پاڻ به ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان ئي عوام کي بنيادي سهولتون ملڻ ۾ مدد ملندي.