پِيس پائيپ لائين جو خواب!

0
27
پِيس پائيپ لائين جو خواب!

 هينري ڪيسنجر سان منسوب هڪ مشهور جملو آهي ته، “آمريڪا سان دشمني خطرناڪ آهي پر آمريڪا سان دوستي موتمار آهي!” ٻين ڳالهين کي ڇڏيو، پر اها ڳالهه پاڪ- ايران گيس پائيپ لائين واري مسئلي تي ٻنهي ملڪن سان ٺهڪي اچي ٿي. ايران، جيڪو ڪڏهن آمريڪا جو ڊارلنگ هوندو هو، سو خميني واري انقلاب کانپوءِ آمريڪا جو دشمن آهي، ان ڪري هو دشمنيءَ جا نتيجا ته ڀوڳي رهيو آهي پر پاڪستان، آمريڪا جو دوست ۽ اتحادي ته ان کان به وڌيڪ عذاب ۾ آهي. هونئن ته چئبو آهي ته ملڪن جون دوستيون ۽ دشمنيون قومي مفادن جي بنيادن تي هونديون آهن، هر ملڪ جي اولين ترجيح پنهنجي مفادن جو تحفظ هوندي آهي پر پاڪستان جي ڪيس ۾ ايئن ناهي. ڏهاڪن کان رولڙي جو شڪار ايران- پاڪستان گيس پائيپ لائين واري مسئلي ۾ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اسان جي سفارتي ڪارڪردگي انتهائي بدترين رهي آهي. اهو هڪ واضع مثال آهي ته اسان ڪيئن نه ٻين ملڪن سان ڊيولپمينٽ پارٽنر ٿيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهيون ۽ عالمي برادري آڏو اهو تاثر ڏنو آهي ته حڪومت نه ته پنهنجي قول ۽ فعل تي بيهي ٿي ۽ نه ئي پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪري سگهي ٿي.

اها 1994 جي ڳالهه آهي، جڏهن ايران پاڪستان وچ ۾ 2775 ڪلوميٽر ڊگهي گيس پائيپ لائين منصوبي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جي شروعات ٿي. (ان منصوبي کي خبر ناهي ڪهڙي خيال کان “پيس پائيپ لائين” جو نالو ڏنو ويو پر اهو نالو هاڻي ڪنهن ڀوائتي خواب کان گهٽ ناهي رهيو.) ان جي ٻئي سال معاهدو ٿيو، بعد ۾ ايران جي صلاح تي ڀارت کي به ان منصوبي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 99ع ۾ ڀارت سان به معاهدي تي صحيون ڪيون ويون. 2008ع ۾ جڏهن ڀارت، آمريڪا سان نيوڪليئر معاهدي تي صحيون ڪيون ته هو گيس اگهن توڙي سيڪيورٽي مسئلن کي جواز ڄاڻائي معاهدي مان نڪري ويو پر سڀني کي خبر هئي ته ڀارت پائيپ لائين واري معاهدي کي سول نيوڪليئر معاهدي لاءِ بارگيننگ طور استعمال ڪيو. 2010ع ۾ آمريڪا، پاڪستان کي آڇ ڪئي ته ايران سان معاهدو ختم ڪري ته پاڪستان ۾ ايل اين جي ٽرمينل ٺاهيو ويندو ۽ ترڪمانستان مان سستي بجلي امپورٽ ڪري ڏني ويندي پر ان دوران پاڪستان ايران سان حتمي معاهدو ڪري ورتو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن کي 2014ع تائين پنهنجي پاسي واري پائيپ لائين جو ڪم پورو ڪرڻو هو. اسان واري ڪامورڪي لڏي جي عالي دماغن معاهدي ۾ اها عجيب و غريب شق شامل ڪرائي ته جيڪڏهن پاڪستان مقرر مدي تائين پائيپ لائين وارو ڪم مڪمل نه ڪيو ته هو ايران کي روزاني جي بنيادن تي هڪ ملين ڊالر ڀري ڏيندو ۽ اها شق شامل ڪرائي ثابت ڪيو ويو ته اسان جا بقراطي پاليسي ساز ڪهڙين صلاحيتن سان مالامال آهن. انهن ئي پاليسي سازن جي مهرباني آهي، جن آمريڪا سان دهشتگردي خلاف ويڙهه دوران اتحادي هجڻ باوجود پائيپ لائين جهڙي معاملي کي سردخاني ۾ اڇلائي ڇڏيو. بهرحال 2011ع ۾ ايران اعلان ڪيو ته هن پنهنجي حصي جي لڳ ڀڳ 1800 ڪلوميٽر پائيپ لائين وڇائي ڇڏي آهي پر پاڪستان واري پاسي ڪم جي شروعات  نه ٿي سگهي. نيٺ 2013ع ڌاري ٻنهي ملڪن جي صدرن، آصف زرداري ۽ احمدي نجاد، پاڪستان واري پاسي پائيپ لائين وڇائڻ وارو پيڙهه جو پٿر رکيو. پر اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، ان پٿر کان اڳتي پائيپ لائين جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو. ايران پنهنجي حصي جي پائيپ لائين وڇائڻ ۾ 2 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪو هو ۽ پاڪستان کي پنهنجي حصي (750 ڪلوميٽرن) لاءِ ڏيڍ ارب دالرن جي ضرورت هئي. جنهن مان ايران آڇ ڪئي ته هو پاڪستان کي 500 ملين ڊالر قرض طور ڏيندو پر آمريڪي پابندين ۽ فنڊز جي کوٽ ان معاملي کي اڳتي چرڻ ئي نه ڏنو.

روس کانپوءِ ايران دنيا جو ٻيون نمبر وڏو گيس ذخيرا رکندڙ ملڪ آهي. ايران وٽ گيس جا اڻ کٽ ذخيرا آهن ۽ وٽس خريدار ٿورا آهن ته اسان وٽ گيس جي سنگين کوٽ آهي پر خريد ڪرڻ لاءِ هڪ ته پيسا ناهن. ٻيو آمريڪي دٻاءُ آهي. آمريڪا اڳ ئي مختلف وقتن تي ڌمڪائي چڪو آهي ته پاڪستان ان معاهدي تان مڙي وڃي، نه ته نتيجا چڱا نه هوندا. ان بدران آمريڪا پاڪستان کي مختلف آپشنز به ڏئي چڪو آهي. ٻئي پاسي پاڙيسري ملڪ ايران آهي، جنهن سان هونئن به پاڪستان جا واپاري توڙي سيڪيورٽي لاڳاپا ڪي موچارا ناهن، مٿان وري ايران به معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي صورت ۾ 18 ارب ڊالر ڏنڊ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي. آمريڪا ڪنهن به صورت ان گيس پائيپ لائين کي عملي شڪل ۾ ڏسڻ جو خواهشمند ناهي، هن کي پاڪستان جي ڪروڙين ماڻهن کان وڌيڪ ايران کي ان گيس پائيپ لائين وسيلي ملندڙ انهيءَ فائدي جي ڳڻتي آهي، جنهن وسيلي نه رڳو ايران کي گيس جي مد ۾ هڪ مستقل آمدني ملندي رهندي پر خطي ۾ سندس اثر ۾ به اضافو ٿيندو.

هاڻ صورتحال اها آهي ته پاڪستان جيڪو اڳ ئي مالي مشڪلاتن جو شڪار ۽ آءِ ايم ايف جي چنبي ۾ جڪڙيل آهي، تنهن لاءِ آمريڪا سان ڦٽائڻ ايترو سولو ناهي. ٻئي پاسي ايران سان به هو گيس پائيپ لائين جي معاهدي ۾ ڦاٿل آهي، اتان ڪنڌ ڪڍائي نٿو سگهي. سو پاڪستان جي في الحال پاليسي اها رهندي آئي آهي ته هو ايران کي آمريڪي پابندي جو جواز ڄاڻائيندي مهلت مٿان مهلت وٺندو رهيو آهي ته ڪابه ڪمپني يا بينڪ فنڊز يا سيڙپڪاري لاءِ تيار ناهي، ڇو ته انهن کي آمريڪي پابندين جو خطرو آهي. ٻئي پاسي آمريڪا کي اهو چوندو رهيو آهي ته هو توانائي جي سنگين کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، تنهن لاءِ ان معاهدي جي پاسداري ڪرڻ لازم آهي. هاڻ نه ايران ۽ نه آمريڪا پاڪستان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهن. سو هڪ مشڪل صورتحال آهي. جيڪڏهن پائيپ لائين وڇائي ٿو ته کيس آمريڪي پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو. جي نٿو ڪري ته ايران مٿس ڏنڊ وجهي سگهي ٿو. پاڪستان وٽ پائيپ لائين وڇائڻ لاءِ پيسا ئي ناهن، هو عالمي بينڪن تي ڀاڙي ٿو پر ڪابه بينڪ آمريڪي پابندين جي ڊپ کان فنانس ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان صورتحال ۾ چين يا روس مدد لاءِ اچي سگهن ٿا. روس ته پاڪستان کي 160 ملين ڊالر ڏيڻ جي آڇ به ڪري چڪو آهي پر روس يا چين کان مدد وٺڻ جو مطلب آمريڪا کي ناراض ڪرڻ هوندو، اهو به پاڪستان ‘افورڊ’ نٿو ڪري سگهي.

ايران پاران ڏنل تازي مهلت مارچ ۾ ختم ٿي چڪي ته هنن مهلت ۾ 180 ڏينهن يعني سيپٽمبر تائين وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي. ايران نٿو چاهي ته هي معاملو عالمي ٽياڪڙي واري عدالت ۾ کڻي وڃي پر مسئلو اهو آهي ته هن منصوبي تي هو 2 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي ۽ پارليامينٽ جو دٻاءُ به آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي خواهش آهي ته آمريڪا کيس ايئن اجازت ڏئي، جيئن هن ڀارت کي روس سان هٿيارن جي واپار تي ڏني آهي. پر آمريڪا ايئن ڪرڻ نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي مقابلي ۾ هڪ ته ڀارت ۾ ان جا مفاد وڌيڪ آهن، ڀارت وڏو مارڪيٽ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ افغانستان مان آمريڪي فوجين جي نڪري وڃڻ کانپوءِ آمريڪا لاءِ پاڪستان جي اها جيو-اسٽريٽجڪ اهميت ناهي رهي. هڪ سپر پاور ئي ايترو ٻٽو معيار رکڻ جو اهل هوندو آهي. ايئن هاڻ اها پيس پائيپ لائين آمريڪا هٿان يرغمال بڻيل آهي. آمريڪا جي پوزيشن اها آهي ته پائيپ لائين ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه گهرجي. ايران جي پوزيشن آهي ته پاڪستان رهيل ڪم پورو ڪري ۽ پاڪستان جي پوزيشن آهي ته جيترو ان معاملي کي گهلي سگهجي، اوترو گهلجي. اهو ڄاڻندي به ته پاڪستان توانائي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اها پائيپ لائين ئي آهي، جيڪا هن ملڪ جي لائيف لائين ٿي سگهي ٿي، هن ملڪ جي اڪابرن کي ڪو رستو نٿو سجهي، فقط هڪ آسرو آهي ته ڪنهن ڏينهن آمريڪا ۽ ايران جا لاڳاپا بهتر ٿي وڃن، مٿس پابنديون نرم يا ختم ٿين ۽ ايئن ان بدقسمت گيس پائيپ لائين جو آغاز ٿئي. سو پاڪستان وٽ جيڪا بهترين اسٽريٽجي (حڪمت عملي) آهي، سا اها ته تاخيري حربا استعمال ڪندو رهي، ايران کي اهو چئي آسرا ڏيندو رهي ته اسان 80 ڪلوميٽر وارو حصو شروع ڪرڻ واري عمل جي ڪارروائي ڪريون پيا ۽ آمريڪا کي به پابنديون نه هڻڻ جي درخواست ڏني آهي، ايئن هو ايران جي صبر کي آزمائيندو رهي ۽ توقع رکي ته ڪو معجزو ٿي پوي.