انساني جبلت ۽ جنگ جي موسم

0
23
انساني جبلت ۽ جنگ جي موسم

 دنيا ۾ جنگين جي موسم شروع ٿي وئي آهي. ايران- اسرائيل جي لڙائي ڄڻ ٽين مهاڀاري جنگ جو طبل هجي. اسرائيل طرفان فلسطينن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائڻ، مسلسل قهاري ڪارروائين کانپوءِ دمشق ۾ ايران جي سفارخاني تي ٿيل حملو، جواب ۾ اسرائيل تي ڊرون اٽيڪ، انهن سڀني انساني جبلتن جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي ارتقا کان سانڍيندو پيو اچي. “انسان بنيادي طور وحشت ۽ محبت جو مرڪب ئي آهي.” ان حوالي سان ڪارل مارڪس چيو ته “ماڻهوءَ جي طبيعت تي، معيشت، ٻين لفظن ۾ ڏڪڙن جو وڏو عمل دخل رهيو آهي.” سڃي شخص ۽ بکايل جانور تي ڪهڙو اعتبار!؟ ان سلسلي ۾ فرينچ شاعر، صحافي ۽ ناول نگار اناطول فرانس، انساني طبيعت تي موسمن سميت ٻين انيڪ اثرن جي ڳالهه کي ورجائي ٿو. اناطول فرانس مطابق موسم جي شدت به انسان جي اندر ۾ ويٺل وحشيءَ کي بنا ڪنهن سبب جي خوني وارداتن لاءِ آماده ڪري سگهي ٿي. اسان وٽ سنڌ ۾ لاڙَ ۽ اترَ ۾ ان جا فرق ڏسي سگهجن ٿا. لاڙ پٽيءَ جي مقابلي ۾ اتر ۾ وڌيڪ واقعا، جن کي سانحن سان تعبير ڪري سگهجي ٿو، ان جو ثبوت آهن. سخت گرمي ۽ شديد سرديءَ سان گڏ انسان جي جبلت تي جاگرافيائي بيهڪ جو به وڏو اثر آهي. جبلن ۾ رهندڙ ماڻهو وڌيڪ ويڙهاڪ ۽ خوني ٿين ٿا، جڏهن ته ميداني علائقن جا رهاڪو ويڙهه ڏانهن نسبتن ڪجهه گهٽ راغب ٿين!

معاشي، موسمي، جاگرافيائي وغيره جي اثرن سميت ماڻهو جي جبلت ۾ شامل وحشت کي ان مان خارج نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ هو ٻين کي تڪليف ۾ ڏسي مزو حاصل ڪندو آهي. ڪڪڙن جي ويڙهه هجي يا رڇ بڇ. ڪتن جو مقابلو هجي يا تترن جو هڪ ٻئي کي رتو رت ڪرڻ، ڪُشتيءَ کان ملهه، ڪوڏي ڪوڏيءَ کان قديم روم ۾ گليڊيٽيريس جا بُکين شينهن سان مقابلا، انهن سڀني ۾ اسان جي اندر ۾ ويٺل وحشي سڪون ئي ته وٺندو آهي! جهڙي ريت شينهن، چيتن ۽ بگهڙن کي خوراڪ لاءِ نه پر پنهنجي برتري ڏيکارڻ لاءِ ماريندو آهي، اهڙي طرح انسان جي لاشعور ۾ وحشت ۽ شڪار سرايت ٿيل آهي. هو سمجهي ٿو ته ٻين کي مارڻ ۾ هن جي بقا آهي، پوءِ اهو راندين جي صورت ۾ هجي يا زندگيءَ جا حقيقي واقعا…. ٻين کي ايذائڻ يا مارڻ رڳو ماضيءَ جا قصا نه آهن، پر حال به ان سان ڀريو پيو آهي، هر گهڙي ٿيندڙ وارداتون ان جو ثبوت آهن. باقي اها ڳالهه آسانيءَ سان مشاهدي هيٺ آڻي سگهجي ٿي ته جاگرافيائي، اقتصادي، موسمي اثرن سميت انيڪ شيون انسان جي وحشي جبتلن کي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون. دريا خان مريءَ جي سميع جي ڪهاڻي به ڪا پراڻي نه آهي، جنهن کي برادريءَ وارن صرف ان ڪري قتل ڪري ڇڏيو ته هو شام جي وقت گهٽيءَ ۾ ڇڻڪار ڇو ٿو ڪري. ڪن ماڻهن، قاتلن کي اهو ٻڌايو ته سميع جو ڇڻڪار بس بهانو آهي. حقيقي طور هن جون نظرون سندن گهرن ۾ کتل هونديون آهن. بس پوءِ ڇا هو، ٻئي ڏينهن انهيءَ ڇڻڪار جي پاڻيءَ ۾ سميع جو گرم رت به شامل ٿي ويو.

هلندڙ دؤر انهن سڀني اصولن تي ڪار فرما آهي، جيڪي اصول انسان جي قديم تاريخ ۾ ملن ٿا. دنيا جي ٻين خطن جيان هن پرڳڻي جا ماڻهو به شديد ترين اهنجن ۾ ورتل ملن ٿا، جن ۾ نمايان طور: مالي مشڪلاتون، زندگيءَ ۾ ملندڙ موقعن جي کوٽ، ڏينهن خراب ٿيندڙ صورتحال وغيره جي پيش نظر جيڪڏهن ترقي پذير سماجن جي ماڻهن جو نفسياتي جائزو وٺجي ته پتو پوندو ته هتان جا ماڻهو پنهنجي اندر وڏا ڪروڌ پاليو ويٺا آهن، پوءِ ان ڪاوڙِ، جيڪو خود هڪ عمل آهي، ان جي ردعمل ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پئي، اهو هر روز جي اخبارن ۾ ڇپجي رهيو آهي. هي ننڍيون وڏيون جنگيون به ان جو ئي نتيجو آهن، پوءِ اها لڙائي ايران – اسرائيل جي هجي يا ننڍڙي شهر جي ننڍڙي پاڙي ۾ رهندڙ احمد علي جي، هن جو ٻيو ڪوبه ڏوهه نه هو، سواءِ ان جي ته پنهنجي پاڙيسري مولوي شبير کي سمجهايائين ته صبح جو دير تائين مسيت جي لائوڊ ۾ ذڪر سان برابر هن کي ته روحاني سڪون ملندو هوندو پر گهر ۾ هن جي پوڙهي بيمار ماءُ جي طبيعت خراب ٿي وڃي ٿي. رد عمل ۾ ان شام تي ئي مولوي شبير جي اڳواڻيءَ ۾ پاڙي وارن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ‘منڪر’ قرار ڏئي، احمد عليءَ کي محلو ڇڏڻ جو نوٽيس ڏنو ويو. پاڙو نه ڇڏڻ جي صورت ۾ اگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ…. احمد علي غربت سبب پاڙو ته نه ڇڏي سگهيو، البته خاموش ضرور ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن اندر هن جي پوڙهي بيمار ماءُ دنيا ڇڏي وئي، جنهن جي جنازي نماز به مولوي شبير پڙهائي ۽ اهي سڀ ماڻهو به شريڪ هئا، جن ڪجهه ڏينهن اڳ شبير کي پاڙي مان لڏائڻ لاءِ گڏجاڻي گهرائي هئي! اسان جنهن معاشري م ساهه کڻون پيا، اتي فقط هڪ احمد علي نه آهي، جنهن سان اهڙي قسم جا رويا روا رکيا وڃن ٿا، پر هر ماڻهو مختلف صورتن ۾ زيادتي جو نشانو بنجي ٿو! شڪاريءَ ۽ شڪار جو سلسلو صدين کان هلندڙ آهي. هڪڙا ماڻهو مرڻ وارا آهن ٻيا مارڻ وارا. شبير ۽ احمد علي صرف نالن جي تبديلي آهي، توهان اهي منظر پنهنجي آس پاس ۾ ڏسي سگهو ٿا، ڪڏهن فردن جي صورت ۾ ته ڪڏهن ٽولن جي شڪل ۾ ته ڪڏهن پورا سماج ان ۾ حصيدار ڪن ٿا ته ڪڏهن سڄا ديس به ماڻهن جهڙا ٿيو پون…….!

تاريخ ۾ ته ايتري تائين لکيل آهي ته آمريڪا جا مقامي ماڻهو جنگ کٽڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيندا هئا، وڌيڪ قرباني ۽ رت لاءِ ماڻهن جي ضرورت پوندي هئي ته هو پنهنجي دوستن، مائٽن، ايتري تائين جو پنهنجن ٻارن کي مارڻ لڳندا هئا. آخر ۾ هڪ ٻئي جون منڍيون لاهڻ شروع ڪندا هئا. انهن کي ڪڏهن به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ان ريت ڪڏهن به ڪاوڙ ختم نه ٿي ڪري سگهجي، نه ئي اندر ۾ ويٺل وحشيءَ کي سڪون ملندو. سچ ته ماڻهوءَ ۾ وحشي پڻو تيسيتائين باقي رهي ٿو، جيسيتائين سڀ ڪجهه ختم نه ٿي ٿو وڃي.

سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ تي ياد آيو ته بلوچ نسل سان تعلق رکندڙ ان برادريءَ جو به سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو، جيڪي سالن جي ويڙهاند کان پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ شانت ٿيا هئا. مخالف برادري سان جهيڙي ۾ جتي مخالفن جا ٽي لاش ڪريا، اتي هنن  جا به ٽي جوان مارجي ويا. نتيجي ۾ سڀ ڪجهه فنا ٿي ويو. هاڻي هو مفلسيءَ ۽ ويڳاڻپ جي حياتي جيئن پيا. سچ ته هن وقت هيءَ دنيا هڪ انساني ۽ حياتياتي الميي جو شڪار آهي، جنهن ۾ نام نهاد اخلاقيات جا سبق جتي وقتي سڪون جو سبب ٿا، اتي ڪافي پيچيدگين جو باعث پڻ آهن. هڪ اميد سان گڏ خوف ۾ پڻ مبتلا آهيون ته الائي ڇا ٿيندو؟

زندگيءَ جي هن جنگ ۾ جتي، خوف ۽ بک اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اتي ڪجهه معاشرتي مسئلا اهڙا به آهن، جن جو سماجي طور ڪو به ڇيد نه ٿو ڪري سگهجي. شام جي وقت گهر جي در تي اڻ ڄاتل ماڻهن جي هٿان اسحاق جو قتل به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. اسحاق جو ڏوهه الائي ڪهڙو هو؟ بظاهر نه هن جي قتل جي سببن جي خبر نه پئجي سگهي، نه ئي قاتلن جي باري ۾ معلوم ٿي سگهيو ته اهي ڪير هئا؟ بس جوان جو لاشو ان جي ئي گهر جي در جي چائنٺ تي سمهاريو ويو. هن جي پوڙهي ماءُ اڄ به ان چائنٺ ڏي ڏسي اسحاق جي واپسي جون راهون تڪي ٿي پر هو ڪٿي ٿو موٽي. مقتول به ڪڏهن واپس آيا آهن ڇا؟ هن جو معصوم پٽ ڪڏهن جي ساري پنهنجي بابا جو معلوم ڪري ٿو ته ان کي اهو چئي چپ ڪرايو وڃي ٿو ته هن جو بابا حج ڪرڻ لاءِ عربستان ويل آهي! ڇا واقعي به هڪ انسان ٻئي کي پنهنجي ڪاوڙ جهڪي ڪرڻ يا اندر ۾ ويٺل وحشيءَ کي سڪون  ڏيڻ لاءِ بنا ڪنهن جواز جي قتل ڪري سگهي ٿو؟ هڪ سوال جيڪو مان پاڻ کان  بار بار پڇان ٿو، هر ڀيري ’ها‘ ۾ جواب اچي ٿو ۽ داستانن جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. اهڙا داستان جن جي شروعات هڪ فرد کان ٿيندي ملڪن تائين پهچي وئي آهي. انهن سوالن وچ ۾ پاڻ کان معلوم ڪريان ٿو ته دنيا ۾ جنگ ڇو ٿي وڙهي وڃي؟ ايتري سان خبر آهي ته جنگ جو نتيجو سواءِ تباهيءَ جي ڪجهه نه آهي. اهو خوف پڻ وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وڃي ٿو ته جنگين جي موسمن ۾ ڪير به بچي ناهي سگهندو.

[email protected]