ذاتي خواهشن جي ور چڙهيل پرڏيهي پاليسي

0
29
ذاتي خواهشن جي ور چڙهيل پرڏيهي پاليسي

 سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام سان گڏ پرڏيهي پاليسي جي ميدان تي به پاڪستان اڄڪلھ وڏي دٻاءَ جو شڪار آهي. دوست ملڪن جا تيور ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته خدا نه ڪري ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو پير متان ڳؤرو ثابت ٿئي. عرب جيتوڻيڪ خاموش آهن پر آمريڪا تنبيھ جاري ڪري چڪو آهي.

                 ايران اسانجو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڙو ته نبين سڳورن کي به پيارو رهيو آهي. پر لڳ ڀڳ اسي سالن جي عمر کي پهچڻ کانپوءِ اسان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو به اهڙو حشر ڪرڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جهڙو پنهنجي معاشيات ۽ سياست جو ڪري چڪا آهيون. ماڻهو، ملڪ ۽ قومون پنھنجن ماضي جي غلطين مان سبق سکي ڪوشش ڪري انهن غلطين کي دهرائڻ کان پاسو ڪندا آهن پر اسان جي عوامي ۽ حڪومتي سطح تي اهائي ڪرت اٺن ڏهاڪن کان جاري آهي، جنهن جي بند ٿيڻ جو ڪو پروگرام ڪونهي. هر پارٽي، هر سياستدان “مذهبي تڙڪا” لڳائڻ جي گوءِ کڻڻ ۾ رڌل آهي. پرڏيهي کيتر ۾ اسان جي مذهبي ڀائيچاري وارو ڀوت ڪنگي جي بيماري ۾ وٺجي ڪمزور ٿي فرقيوارانه ڀائيبنديءَ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. ايران ۽ عربن سان لاڳاپا هاڻي مذهب کان گهٽجي فرقيواريت تي اچي بيٺا آهن. ايران سان لاڳاپا ان جو واضح مثال آهن. پاڪستان جي اثنا عشرين جو مرڪز نجف اشرف بجاءِ قم شريف آهي.

ٻئي طرف تيل جا ذخيرا اڃا خشڪ ٿين، ان کان اڳ ۾ عرب ملڪ پنھنجن تجربن آڌار مستقبل جي معاشي ۽ پرڏيهي پاليسي جي منصوبي بندي طئي ڪري معاشرتي طور مذهبي بنيادپرستيءَ کان اعلانيه دستبردار ٿي چڪا آهن. امارات ته ڇڏيو پر سعودي عرب جهڙو سخت آرٿوڊوڪس ملڪ به بدلجي چڪو آهي پر پاڪستان  جي عوام کي اڃا ساڃھ ڪانه آئي آهي ۽ ايران جي قيادت ڳالهه سمجھڻ کان گوٿناٿ ڪري رهي آهي.

ايراني قاضين کي ته ڇڏيو پر پاڪستان جو بنياد پرست Neo-Liberal به پنهنجي حڪومت تي ايران سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ خاطر دٻاءُ وجهي رهيو آهي. پاڪستان جي بيوروڪريسي بنياد پرست لبرل سان ڀري پئي آهي. صدر رئيسي جي ٽن ڏينهن جي دوري ۾ نام نهاد قومي ميڊيا کان وٺي پاڪستان جي سوشل ميڊيا تائين وٺ وٺان لڳي پئي هئي. هر ڪو چوي ته ايران اهو ملڪ آهي، جنهن سڀ کان پهريان پاڪستان جي آزادي کي تسليم ڪيو هو، هاڻي به اسان جو دوست آهي. اسرائيل سان منهن ڏيو ويٺو آهي، تنهنڪري پنهنجو الهه تلهه سندس حوالي ڪرڻ گهرجي. ايئن ته اسرائيل انهن پهرين ملڪن منجهان آهي، جن 1949 ۾ ڪميونسٽ چين کي تسليم ڪيو هو، جڏهن ته چين طرفان وڃي 1992 ۾ يهودي رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ٿيو هو. ڪيڏي نه ٽائيم وڇوٽي هئي اسرائيل ۽ چين جي هڪٻئي کي  تسليم ڪرڻ ۾. ياد رهي ته عالمي سياست ۾ سڀ کان اتم ملڪي ۽ قومي مفاد هوندا آهن. شايد چين قومي مفادن کي نظر ۾  رکي 45 سالن جي وقفي کان پوءِ اسرائيل کي تسليم ڪيو هو. پاڪستان کي به پنهنجا قومي مفاد نظر انداز نه ڪرڻ گهرجن.

ايران دنيا جي بااخلاق قومن منجهان آهي. صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جو اهم سبب ايران جو معاشي بحران آهي. رئيسي پاڪستان کي گيس پائيپ لائين وارو معاهدو ياد ڏيارڻ آيو هو ۽ بند دروازن پويان ڊپلوميٽڪ ٻوليءَ ۾ هن پاڪستان کي عالمي ٽياڪڙي International Arbitrator  اداري ۾ چيلينج ڪرڻ واري ڳالھ به ڪئي هئي. ايراني صدر پاڪستان جو هي دورو آمريڪي پابندين ڪري پيش آيل معاشي بحران سبب ڪيو هو، جن پابندين ايراني معيشت تي خطرناڪ اثر ڇڏيا آهن. پاڪستان ۽ ايران  جي پرڏيهي پاليسي جي ماهرن کي اهو ادراڪ آهي ته پابندين سبب واپار وڌائڻ ناممڪنات ۾ آهي. 10 بلين ڊالر جو واپار ته وڏي ڳالهه  پر اهو واپار هڪ ڊالر جو به ٿي نٿو سگهي. ايراني بينڪون ته ڇڏيو پر ايراني جي قيادت سان گڏ  اتان جي بينڪرن تي به  پابنديون لڳل آهن. تنهنڪري ايران سان واپار جي ڏس ۾ ٿيل معاهدا عمل ۾ اچي نٿا سگھن. باقي پائيپ لائين مسئلي تي ٿيل ڪنهن پيش رفت کي في الحال ته ڳجهو رکيو ويو آهي.

مون ڪيترن ئي ڪالمن ۾ لکيو آهي ته پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جا بنياد سر ظفر ﷲ خان ۽ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي رکيا هئا، جن جي ذهانت کي عالمي مڃتا حاصل هئي. مغربي ملڪن سان ناتا استوار ڪرڻ پاڪستان جي 76 سال اڳ به ايتري ضرورت هئي، جيتري هن دور ۾ آهي. لياقت علي خان جي سوويٽ يونين جي دوري نه ڪرڻ پٺيان به  معاشي سبب هئا. روس وٽ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه هو، تنهنڪري آمريڪا ياترا کي عمل ۾ آندو ويو هو.

عرب جڏهن ترقي پسند قوم پرست هئا، تڏهن هو پاڪستان ۽ ان جي وزير خارجه سر ظفر الله ۽ ڀُٽي سان ڪونه ٺهيا. مصري صدر ناصر جي موت پاڪستان کي عرب دنيا ۾ پير رکڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ۽ ڀُٽي ان مان قومي مفاد حاصل ڪيا. اها مڃيل حقيقت آهي ته عالمي سياست ۾ ملڪي ۽ قومي مفاد سڀ کان اتم ۽ اهم  هوندا آهن. ڀُٽي عربن جي مدد حاصل ڪرڻ خاطر اسلامي سربراهه ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، جنهن تي شاهه ايران، جيڪو هڪ سيڪيولر ۽ دورانديش مدبر سياستدان هو، ڀُٽي تي ناراض ٿيو هو. پر جيئن ته پاڪستان کي معاشي لاڀ عرب دنيا کان حاصل ٿيڻو هو، تنهنڪري ڀُٽي ايران جي بادشاهه جي مقابلي ۾ شاھ فيصل ۽ شيخ زيد سان دوستيءَ کي ترجيح ڏني هئي. ناراضگيءَ جي اها حد هئي، جو راڻي فرح  جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڀُٽي صاحب جو ذڪر  ڪونه ٿو ملي. اهي هئا قومي مفاد، جن تي سمجهوتو هرگز نه ٿيو. پر زرداري صاحب جي قيادت ۾ پ پ عالمي امور ۾ اھڙو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. هتي ايران سان بنا ڪنهن سوچ  ۽ سمجھ جي ٺلهي واھ واهه حاصل ڪرڻ خاطر تڪڙ ۾ ڪيل معاهدو ڳچيءَ ۾ پوڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.

بدقسمتيءَ سان پاڪستان ايڪيهين صديءَ ۾ ڏور رس نگاهه رکندڙ قيادت کان محروم آهي. سياستدانن وٽ ملڪ جي مستقبل جو ڪوبه خاڪو موجود ڪونھي. جنهن حڪمران کي جيڪو وڻي، اهو ڪري ڏيکاري ٿو. عمران خان کي روس وڃڻ کان روڪيو ويو هو پر هن واهه واهه خاطر ماسڪو جو دورو ڪري ڏيکاريو. ايران سان هن گيس معاهدي عالمي سياست جي شاگردن کي ان وقت به حيرت ۾ وڌو هو ۽ اڄ به حيرت ۾ آهن. افسوس ته پ پ قيادت کي گيس پائيپ لائين معاهدو ڪرڻ مهل پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جا ڪارندا نه روڪي سگهيا ۽ اهڙو معاهدو ڪرڻ ڏنو ويو. پاڪستان جو عوام ڀلي اڄ به ان معاهدي جي تعريف ڪري پر جن کي ايران مٿان پابندين ۽ ان جي نتيجن جي خبر هئي، انهن کي گهربو هو ته هو زرداري صاحب کي هي معاهدو ڪرڻ نه ڏين ها.

ڏٺو وڃي ته اولھ ايشيا ۾ قائم اسلامي جمهوريتن ۾ عوام ۽ ملڪ جي مفادن بدران حڪمران طبقي جي مفادن کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ٿي. پاڪستان، افغانستان ۽ ايران فرقيوارانه سياسي ۽ ڊپلوميسي جو شڪار آهن. ايران جي قيادت 1979 کان وٺي هن وقت تائين رواداري ۽ جديديت جي مخالف رهندي اچي ٿي. اهم ڳالھ جيڪا ايران جي مذهبي قيادت کان شايد وسري چڪي آهي ته 1975 تائين شاھ ايران جا اقتصادي سڌارا ناڪام ٿي چڪا هئا، جنهن سندس تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ايران جي ڪميونسٽ پارٽي ‘توده’ کي انقلاب جو رستو هموار ڪري ڏنو هو ۽ مذهبي قيادت اوچتو مٿان ڪڙڪي ان تي قبضو ڪيو هو. هن وقت اهائي قيادت پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ دنيا اندر پراڪسي جنگيون جاري رکيو اچي ٿي، جنهنڪري ايران معاشي طور پاڪستان کان به پوئتي رهجي ويو آهي.

ڏٺو وڃي ته پابندين سبب پاڪستان ايران سان سرڪاري سطح تي ڪو به معاهدو ڪري نٿو سگهي. پوءِ 10 بلين ڊالر جو واپار ڪيئن ممڪن ٿيندو! ٻئي طرف مجموعي اقتصادي انڊيڪس ۾ پاڪستان 66 نمبر تي ۽ ايران 86 نمبر تي آهي، جنهن سبب واپار جو توازن برقرار نه رهي سگهندو. هن وقت آمريڪا پاڪستان کان لڳ ڀڳ 7  بلين ڊالر جون شيون درآمد ڪري رهيو آهي. ان لحاظ کان پاڪستان جو واپار ۾ وڏو پارٽنر آمريڪا کي شمار ڪيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت پاڪستان جا مفاد عرب دنيا سان به سلهاڙيل آهن. عربن جي موجوده قيادت پاڪستان جي معاشي مدد ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. پاڪستان هن دور ۾ ايران سان واپار شروع ڪري خودڪشي نٿو ڪري سگهي. البته سرحدن وٽ غير قانوني واپار کي ڇوٽ ڇڏڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد وٽان آهي.

[email protected]