انور بلوچ ‘هڪ هئي قرت العين’ ڇو لکيو؟

0
59
انور بلوچ ‘هڪ هئي قرت العين’ ڇو لکيو؟

 الزام هيٺ آيل قاتل هن جي سرد لاش کي بئراج ڪالوني جي گھر نمبر بي-9 جي ڪمري مان لال بتي جي ايمرجنسي پڄائي اٽڪل سان نڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خون ۽ کٿوري لڪي ڪٿي ٿا سگهن. ملزم پنهنجي سمورين اٽڪلن سان گڏ ڦاسي پيو. ملزم، سندس وارثن ۽ همدردن معاملي کي صرف هڪڙي قتل ڪيس جي اک سان پئي ڏٺو. جڏهن ته مظلوم قرت العين عرف عيني جي ڀائرن، والد ۽ همدردن خونِ ناحق کي هڪ واقعي ۽ تاريخ ۾ تبديل ڪرڻ جو رٿيو ۽ پوءِ اڳتي هلي ائين ڪري ڏيکاريو. محمد انور بلوچ “ھڪ هئي قرت العين” جي عنوان سان ڪتاب لکي قتل جي ان واقعي کي هاڻي تاريخ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڪتاب ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇاپيو ويو آھي.

                 ڪتاب ۾ عيني جي پيدائش، پڙهائي، رشتن اچڻ جا قصا، پرڻجڻ، مار کائي مائٽن وٽ موٽي اچڻ ۽ وري ٻارن جي ڪري واپس سهريجن وڃڻ کان وٺي قتل ٿي وڃڻ تائين جي دردناڪ ڪهاڻي… ملزم پاران ڊاڪٽرن کي ڪروڙ ڏيڻ جي آڇ، ايمبولينس واري کان لڪي نڪري وڃڻ، ايمبولينس واري سان گفتگو سميت ڪيترائي هانءُ ڏاريندڙ منظر پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان مقتولا جي والد انور بلوچ لکيا آهن. انور بلوچ بهترين ڪهاڻيڪار آهي، هن کي ڪهڙي خبر ته ظالم وقت هن کان پنهنجي پياري عيني جي ڪهاڻي لکرائيندو.

گھريلو تشدد جي ڀيانڪ قصن تي مبني ھن ڪتاب جو ورق ورق پڙھندي اکيون ڀرجو اچن. قرت العين تي گهر ۾ جڏهن به “ظالم” جو هٿ کڄندو هو ته والد کي موبائل ميسيج ڪندي هئي: “بابا….” انور بلوچ مطابق، هو سمجهي ويندو هو ته اڄ وري وڙهيو اٿس. والدين جي گهر جي چائنٺ ڇڏڻ کانپوءِ اها پهرين رات هئي، جڏهن هن تي هٿ کنيو ويو ۽ چاچ انور بلوچ کي ميسيج نه آيو، جو هن کي ميسيج ڪرڻ جهڙو ڇڏيو ئي نه ويو هو.

ڪتاب ۾ بيان ٿيل عيني جي ڪهاڻي مطابق اڃان نياڻيءَ جي هٿن تان ميندي ئي نه لٿي هئي ته هن تي هٿ کنيو ويو. طعنن مهڻن سان ته هوءَ هر روز تقريبن قتل ٿيندي هئي. جهيڙي جو عالم اهو هو جو نئين ڄاول ٻار جي ڪن ۾ اذان ڏيندڙ جي چونڊ ڪرڻ ۽ ننڍڙي زهرا جي نالي تي به تڪرار کڙو ٿيو. مقتولا جي مرضي ۽ خوشين جو باقي احترام ڪيترو ٿيندو هوندو، ان جو اندازو مٿي ذڪر ڪيل ڳالهه مان ئي ڪري سگهجي ٿو.

ساره شگفتـه انور بلوچ جهڙن ڏکايل والدين لاءِ لکيو هو: “تمهين جب ڀي ڪوئي دک ملي، اس ڪا نام بيٽي رکنا.” رشتي ٿيڻ بعد نياڻي ته سکن لاءِ سِڪي وئي پر هن جي ڀائرن ۽ ماءُ پيءَ جو اندر به ڪڙهندو ئي رهيو. نياڻيءَ سان نه کٽندڙ جهيڙن کي ڏسي والدين پاڻ وٽ واپس ويهارڻ جو فيصلو ڪيو. انور بلوچ موجب: کيس اهو درد کائيندو رهيو ته رشتو ڪري غلطي ٿي وئي. سڱ سڃاڻ نه ٿيڻ وارو قصو عيني جي قتل تي وڃي انت ٿيو. عيني شادي بعد روز جي جهيڙن ۽ فيصلن وچ ۾ رهي ۽ جڏهن ماري وئي ته هن جي پڙهاڪو ڀاءُ ثنا ڀيڻ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پنهنجي زندگي جا ٽي سال ڄڻ ته ان هڪڙي مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏيا.

پوليس، وڪيلن ۽ عدالتن جي اچ وڃ کان وٺي چوڪن ۽ پريس ڪلبن اڳيان انصاف لاءِ احتجاج جو پنڌ بنا وقفي جاري رهيو. متاثر ڌر سان هن ملڪ جي اندر ڇا ڇا نٿو ٿئي، اهو ڄاڻڻ لاءِ عيني جي بابا پاران بيان ڪيل مظلوم جي ڪٿا پڙهي پتو پئي ٿو. پوليس ملزم کي قابو ڪرڻ بجاءِ هن کي آجو ڪرائڻ لاءِ شاهديون ڪيئن ضايع ڪندي آهي. گهربل وقت تي ڊي اين اي جا سيمپل ڇو ليبارٽري تائين نه پهچندا آهن ۽ انهن جي رزلٽ وقت تي ڇو ناهي ايندي؟ ليبارٽري ٽيسٽن جي رزلٽن کي مبهم ڪري ڪيئن لکيو ويندو آهي، اهو سڀ ڪجهه عيني جي قتل ڪيس ۾ نه پر انور بلوچ جي لکيل هن ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهي. ڪيس جي مک گواهه ننڍڙي زهرا جو پوليس وٽ بيان ڪيئن رڪارڊ ٿيو، ننڍڙي عدالت ۾ پيش ڪيئن ٿي ۽ انهيءَ پنهنجي ماءُ کي ساهه ڏيندي ڪيئن ڏٺو ۽ اهو منظر عدالت ۾ ڪيئن بيان ڪيو، اهو سڀ ڪجهه زهرا جي بهادر ناني لکيو آهي. ڪونجون ڪيئن ڪسبيون آهن ۽ ڪونجون اينديون ڪٿان آهن، اهو سوال عيني پنهنجي بابا کان پڇندي هئي.

وڪيلن جي سيني ۾ دل ناهي هوندي. مائي جندو ڪيس ۾ به ميجر ارشد جي دفاع لاءِ وڪيل دليل ڏنا هئا. عيني جي قتل ڪيس ۾ به دفاع جي وڪيل دليل ڏنا هئا، جن مان ڪجهه انور بلوچ حوالي طور ڪتاب جو حصو بنايا آهن. اٺن نون سالن واري معصوم زهرا کان ٻن ڪلاڪن جي آڏي پڇا ڪئي وئي. هن کان جيڪي سوال ڪيا ويا، اهي عيني ڪيس ۽ بيرحم عدالتي تاريخ جو حصو آهن. وڪيل انصاف لاءِ وڪالت ناهن ڪندا، اهي ته صرف ڪيس کٽڻ لاءِ وڪالت ڪندا آهن. عيني جهڙين نياڻين جا وارث وري انصاف لاءِ عدالت ايندا آهن. انصاف لاءِ عدالت پهتلن مان گهڻن سائلن کي پتو ئي ناهي هوندو ته معاشري ۾ بحث انصاف ٿيڻ يا نه ٿيڻ بجاءِ ڪيس جي هارائڻ ۽ کٽڻ جو شروع ٿي ويندو آهي. بلڪل ائين ئي، انور بلوچ کي به برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن قانون سان رجوع ڪرڻ بجاءِ پستول ڏانهن هٿ وڌائڻ جو رستو تجويز ڪيو پر هن ڏکايل پيءَ الله جي انصاف تي پڪو ڀروسو رکيو. هتي قاتلن کي هار پارائڻ لاءِ هجوم گڏ ٿيندا آهن، جڏهن ته متاثرن سان گهٽ ئي ڪوئي بيهندو آهي. اهو سڀ اکين سان ڏسندي تجربي مان گذرندي به عيني جي خاندان عدالت جو در نه ڇڏيو.

”هڪ ھئي قرت العين” پڙهندي انور بلوچ، هن جي گهر واري يعني عينيءَ جي بهادر امڙ ۽ پٽن کي سلام ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي. پوليس جاچ خراب ڪرائڻ چاهيندي هجي، عدالتن ۾ انصاف جي عمل ۾ دير ٿيندي هجي، ملزم کي سکيو رکڻ لاءِ مرضي جو جيل طلب ٿيندو هجي ۽ دليلن دوران دفاع جو وڪيل زيورن جي ڌاڙي ۽ ملڪيت ڦٻائڻ جا دليل ڏيندو هجي، اهڙين حالتن ۾ ڪورٽ ۾ صبر ۽ تحمل سان دفاع جا دليل ٻڌڻ ۽ پوءِ ڪيس جي مسلسل پيروي ڪرڻ ڪنهن به متاثر ڌر لاءِ هي هڪڙي مثالي قانوني جدوجهد آهي.