سَڄَڻَ ساھَ پَساھَ ۾ … پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان! جڏھين چوندين ماءُ!

0
27
سَڄَڻَ ساھَ پَساھَ ۾ ... پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان! جڏھين چوندين ماءُ!

سج لٿي جي ٻانگ اچي چُڪي آھي، سُرمئي شام آھستي آھستي ڪاري رات ۾ تبديل ٿي رھي آھي ۽ آئون تنھا پينگهي (ھندوري) ۾ لُڏي رھيو آھيان. اوچتو امان جي ياد اچي ٿي ۽ سندس وڇوڙي ۾ اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. انيڪ يادون/ساروڻيون وَڏَ – ڦُڙي مينھن وانگر اوھيرا ڪري مون تي وَسي رھيون آھن. ٻاروتڻ کان جوانيءَ تائين يادن جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو آھي، جيڪو منھنجي آڏو اُٺن جي ڊگهي قافلي وانگر گذري رھيو آھي.منھنجو جنم ھڪ ھاريءَ جي گهر ۾ ٿيو ھو. منھنجي جنم جي ڪا اصل تاريخ ته ڪانه لکي وئي ھئي پر امان چوندي ھئي ته: “تون سومر جي رات ستين شعبان تي ڄائو ھئين.” مون کي پنھنجي ٻالڪپڻ جي يادن ۾ ھڪ جنگ جي ماحول جي ياد آھي، جڏھن رات جي وقت وڏڙا گهر ۾ بتي يا باھ ٻارڻ نه ڏيندا ھئا. پڪ اھو 1971ع جي جنگ وارو زمانو ھوندو.

                 ماءُ ۽ پيءُ جو اڪيلو پٽ ھئس، ان ڪري امان ۽ ابا ٻئي ڏاڍو ڀائيندا ھئا. ان زماني ۾ نقل، ريوڙيون، ڦِڪا ڀُڳڙا، رنگ برنگي کٽمٺڙا، مٺيون لوليون، گلقند، مصري، ڏونگهي ۽ پتاشا مون کي ڏاڍو وڻندا ھئا. جن لاءِ ڪجھ رقم ملي ويندي ھئي، جي نه ته به اَنَ جو جهول ڀَري وڃي شيءِ وٺبي ھئي. امان ٻھراڙيءَ جي سادي سودي، اڻ پڙھيل ۽ عام ڳوٺاڻي عورت ھوندي ھئي. گهر جي ماني پَچائڻ امان جي بِلي ھوندي ھئي. امان اڪثر ڪري ماني ٿوٻيءَ تي پَچائيندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن جوئر، ٻاجهريءَ ۽ چانورن جي ماني به پَچائي ڏيندي ھئي. امان ماني پَچائڻ جي وڏي سگهڙ ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن امان ڳرھاڙي (بسري) به پَچائي مکڻ ڦٽيءَ سان ڏيندي ھئي. امان جي ھٿن جو پَچايل چانورن جي اٽي جو چِلو ۽ ڳرھاڙي (بسري) منھنجي لاءِ خاص سوغات ھوندي ھئي. امان ٻوڙ ۽ ڀاڄي به ڏاڍي سَوادي رڌيندي ھئي.

مون کي ياد آھي ته سيارو ايندو ھو ته امان مون کي سَڏي، ڇِڪي اجرڪ جي ٻوڪي ٻَڌندي ھئي. جمال شاھ جي ميلي تان جيڪي رانديڪڙا وٺي ايندو ھوس، امان تن کي ساھ ۾ سانڍي رکندي ھئي. ننڍي ھوندي بلورن راند به شوق سان ڪندو ھئس ۽ لاٽون به ڦيرائيندو ھوس، امان انھن کي به سانڍي سنڀالي رکندي ھئي. ڳوٺ ۾ اسڪول نه ھئڻ ڪري آئون پَٽيءَ کان وٺي نواب شاھ پڙھڻ ويس. امان کان ننڍي ھوندي جُدا ٿيڻ مون لاءِ ٽانڊن تي ماتم برابر ھو، پر امان ئي ھمٿايو ھو ته: “ابا وڃ ۽ وڃي پڙھ.” نواب شاھ ۾ امان جي ياد ايندي ھئي ته پَٿَ پاڻيءَ جا روئندو ھوس. ڪڏھن ڪڏھن ته وَڏيون اوڇنگارون ڏئي، وڏا رانڀاٽ به ڪندو ھوس، پر پوءِ به پڙھڻ نه ڇڏيم ۽ پڙھڻ جي ڪرت سان لڳو رھيس.

امان کي ڪو گهڻو ھنر ته ڪونه ايندو ھو، پر امان رليون ٺاھڻ جي وڏي ماھر ھوندي ھئي. امان جون ٺاھيل رليون اڄ به اسان وٽ محفوظ آھن. امان کان وٺي تمام ڀَلي ٽُڪَ جي رلي پنھنجي دوست مشتاق عمراڻيءَ کي ان جي شاديءَ جي موقعي تي 1985ع ۾ سيج ۾ ڏني ھئم. امان کان وٺي ھڪ رلي ڪراچي اسٽيل مل ۾ ملازمت ڪندڙ دوست نظير احمد اوڍاڻي ۽ ھڪ رلي خيرپور جي اديب دوست امان شيخ کي به سوکڙي ڪري ڏني ھئم. ڪجھ ٻين دوستن کي به امان جون ٺاھيل رليون تحفي طور ڏنيون ھئم.

امان مِٽيءَ جون گُنديون، گُندڙا، چلهيون ۽ ديڙيون ٺاھڻ جي پڻ ماھر ھئي. آئون ننڍو ھوندو ھوس ته امان مِٽي مان اٺ، ڏاند گاڏيون ۽ ٻيا رانديڪڙا به ٺاھي ڏيندي ھئي. امان ڪَچي گهر کي مِٽي ۽ ڇيڻي جي راڳي جو ليپو به ڏاڍيءَ نفاست سان ڏيندي ھئي، ۽ اسان جو گهر ڪَچو ھوندي به ڏاڍو اڇو اجرو ھوندو ھو. مون کي ياد ٿو اچي ته ننڍي ھوندي امان وھنجاري سھنجاري، تيار ڪري تيل سرمون ڪرائي، ٻنھي ڀرون جي وچ ۾ نراڙ تي سُرمي جو ٽِڪو/نشان ڪَڍي ڇڏيندي ھئم، جنھن جي ڪري اڄ به نراڙ تي اھو گهنج محسوس ڪندي، سَرھو ٿيندو آھيان. جيڪو مون کي ڪنھن ساڌو جي نرڙ تي لڳل تلڪ کان وڌيڪ لڳندو آھي.

امان سخت بيماري به ڏٺي ھئي، تَرَ جي مشھور حڪيم مُلي محمد خاصخيليءَ کان وٺي ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ ۽ ڪيترن ئي اھم ۽ نالي وارن ويڄن، حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن وٽ امان جو علاج ھلندو ھو. امان کي ٿوري به تڪليف ٿيندي ھئي ته منھنجا ڳَچَ ڳَري پوندا ھئا. امان منھنجي دوستن کي پنھنجي اولاد وانگر سمجهندي ھئي. سنڌ جي عوامي شاعر ۽ ڪتاب “عشق جو آسمان” جي تخليقڪار مولا بخش ڪيرئي ته امان کي پنھنجي ماءُ ڪري سَڏيو ھو. آئون مولا بخش ڪيرئي سميت پنھنجي ڪيترن ئي دوستن  علي اصغر مھر، ممتاز لاشاري (دوڙِ واري)، خدا بخش لاشاري، دوست ملوکاڻي،  علي احمد واسواڻي، نظير احمد اوڍاڻي، ذوالفقار گاڏھيءَ کي امان سان ملاقات ڪرائي چُڪو ھوس.آئون ڳوٺ ھوندو ھوس ته منھنجي ڪچھري صرف امان ۽ پنھنجي اڪيلي مامي، ماما بھادر سان ٿيندي ھئي. سڄو سڄو ڏينھن امان سان گڏ پيو پينگهي ۾ لُڏندو ھوس ۽ پينگهي مان لَھي جي، ماما جن جي گهر ويندو ھوس ته امان به اچي نڪرندي ھئي، مون کان سواءِ امان جي ۽ امان کان سواءِ منھنجي پل به ڪانه سَرندي ھئي. امان جي گُذاري وڃڻ کان پوءِ ڳوٺ ويندو آھيان ته پنھنجو گهر به اوپرو اوپرو لڳندو اٿم. ڪو آڪھ جو ڀاتي ڪا ڳالھ پڇندو اٿم ته مختصر جواب ڏئي، ماٺ ٿي ويندو آھيان. لڳندو اٿم ته امان کان پوءِ اَڌورو بڻجي ويو آھيان. اُٻاڻڪو بڻجي ويو آھيان. امان جي وڇوڙي کي سالَ گذري ويا آھن پر اڃا تائين آئون سندس پيتين کي کولي ڏسڻ جو سَتُ ساري نه سگهيو آھيان.

مون کي ياد نه ٿو اچي ته ڪو ننڍي ھوندي مون امان جي مارَ کاڌي ھجي. امان ھونئن ته ڏاڍي ٿَڌي، نَرم ۽ نَفيس مزاج جي مالڪ ھئي پر اگر ڪاوڙجي پوندي ھئي ته ٻه ٽي ويلا ماني ڪونه کائيندي ھئي. ھر ماءُ لاءِ ان جا ٻارَ ۽ ھر ٻارَ لاءِ ان جي ماءُ ان جي ڪل ڪائنات ھوندي آھي. منھنجي ماءُ به منھنجي لاءِ منھنجي ڪل ڪائنات ھئي. امان مون کي ڪيڏا نه ڪوڏاڻا ڏيندي ھئي. امان اڪثر ڪري مون کي امير علي (منھنجو ڇَٽيءَ جو نالو) چوندي ھئي، ۽ ان مون کي رکيو به اميرن وانگر ھو.

امان جنھن کي ساريندي منھنجا نيڻ آلا ٿي وڃن ٿا. امان جنھن کي ساريندي منھنجي چَپن جي پَنکڙين تي مُرڪ جا پوپٽ اڏامي اچن ٿا. امان جنھن جو احساس مون لاءِ صحرا ۾ گهاٽي جُهڙ، نٽھڻ اُسَ ۾ ٿَڌيءَ ڇانوَ جھڙو آھي. مان ان کان سواءِ ڪيئن جيو آھيان!؟ جيو به آھيان، الائي نه؟ امان جو پيار ۽ امان جون دُعائون ھر ڪوسيءَ ٿَڌيءَ ۾ مون سان گڏ آھن. ماءُ ڪيڏو نه مِٺو ۽ سَوادي لفظ آھي ۽ شيخ اياز چيو ته:

”پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان! جڏھين چوندين ماءُ،

توکي  اھڙو  ساءُ،  ڏيندي  ٻي  ٻولي   ڪٿان.“