سوال/سروي … سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ راندين لاءِ گرائونڊ ناهي، جتي آهن ته اتي وري با اثرن قبضا ڪري ورتا آهن: عوام

0
23

  ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي  عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ اسپورٽس سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي: ڇا اوھان جي شھر ۾ راندين لاءِ سرڪار پاران گرائونڊ وغيره جي سھولت مليل آهي؟ سڄي سنڌ ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪھڙا قدم کڻڻ گھرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪرڪيٽ گرائونڊ جي سهولت موجود ناهي، ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته گرائونڊ آهن پر انهن تي با اثرن قبضا ڪيا آهن، سروي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هر شهر ۾ گرائونڊ جي سهولت ڏني وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سهيل احمد چانڊيو لکيو ته اسان وٽ سرڪار وڏي جي مهرباني سان ڪا به سهولت ناهي نه اسڪول نه روڊ نه وري ڪا ڊيوٽي، ڀنڀو خان چانڊيو لکيو ته ٻٻرن کان ٻير….! هتي بنيادي سهولتن جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي! ۽ اسپورٽ گرائونڊ جو خيال ته پري جي ڳالهه آهي، نبي سر روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ سوين نوجوان راندين جي سرگرمين ۾ مصروف آهن پر اهي صرف ۽ صرف پنهنجي مدد پاڻ گرائونڊ وغيره ٺاهي استعمال ڪري رهيا آهن باقي ٻيو ٿيو خير….گلاب خاصخيلي لکيو ته سنڌ اسپورٽس کي ھُٿي وٺرائڻ لاءِ ڪي عملي جوڳا قدم ناھن کنيا ويا سياسي ڀوتار ڪڏھن نه چاھيندا ته سنڌ جو رورل ترقي ڪري ۽ اتي روڊ رستا ۽ صحت جو نظام ۽ اسپورٽس گرائونڊ ھجن بس ھُنن جا ٻارڙا فارين ۾ پڙھندا ۽ اسان جو مقدر گِلي ڏڪر ،ڦِر ڦِر سونٽو، بلور راند تائين محدود آھي، مختيار مولائي لکيو ته تنگواڻي گرائونڊ به بااثرن کائي پنهنجي بنگلن ۾خرچ ڪيا آهن ۽ ٺيڪيدارن گرائونڊ نالي تي پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪيا آهن، تنگواڻي ۾ڪرڪيٽ گرائونڊ آ نه ئي پارڪ باقي تعلقي جو الله واھي آھي صرف نالي ماتر تعلقو آهي، صفيان بلوچ لکيو ته ڦل شھر ۾ گرائونڊ ڪونھي پر جيڪو عام ماڻھن پنھنجي ٻنين ۾ ٺھرايو ھڪ ٻه اھي به ٻوڏ ۾ ٻڏل آھن. ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته اسان جو شھر مقصودو رند لڳ ڀڳ 7لک جي آبادي رکي ٿو جنهن ۾ سرڪار جي طرفا ڪوبه اهڙو ڪم ناهي ڪاليج يا ڪرڪيٽ گرائونڊ ناهن ۽ جيڪا سرڪاري زمين آهي ان تي شھر جا وڏيرا قبضو ڪري پنهنجا گهر ۽ اوطاقون بنگلا ٺاهي ويٺا آهن جنهن سبب شھر جا اسڪول يا گرائونڊ پنهنجي ذاتي زمين ۾ ٺاهي راند کيڏن ٿا. اشفاق چانڊيو لکيو ته نصيرآباد تعليقي ۾ راند گرائونڊ نالي ڪا به شئي ناهي، خميسو آريسر لکيو ته اسان وٽ اسڪول جي سهولت ڪونهي راند جي ميدان کي ڇا ڪنداسين، جمشيد علي لکيو ته ڳوٺ محمد حسن مشوري، ضلعو نوشھرو فيروز ۾ راندين لاءِ ڪابه سھولت ناھي اسان جو مطالبو آهي نوشھرو فيروز کي ھڪ سٺو ڪرڪيٽ گرائوڊ ڏنو وڃي اسان جا نوجوان پريشاني جو شڪار آھن. ثناءُالله  مشوري لکيو ته ملير قائدآباد ڀرسان شير پائو ڪالوني ۾ اسٽار گرائونڊ ٺھرايو ويو آ جيڪو مڪمل طور تي پٺاڻن جي قبضي ھيٺ انھن جي مرضي آهي جنھن کي ڇڏين جنھن کي نه ڇڏين اگر ڇڏيندا ته في ماڻھو 200 رپيا وٺن ٿا اھڙي سھولت ڪھڙي ڪم جي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته پنھنجا ماڻھو ويھارين سرڪار طرفان ۽ ماڻھن کي گھمڻ جون سھولتون مھيا ڪن، مسرور شر بلوچ لکيو ته اسان جي تعلقي فيض گنج ۾ ڪابه رانديگرن لاءِ سھولت ڪونھي ايم پي اي، ايم اين اي به ھن تعلقي جا آھن خير سان.. ساگر علي رضا لکيو ته ضلعي سجاول جي شهر ٻيلو ۾ راندين لاءِ ڪا به گرائونڊ جي سهولت ڪونهي. يار محمد ميمڻ لکيو ته گرائونڊ جي سھولت تي مليل ڪونھي پر موالين جا ٿاڪ ھر ھند ملندا، جي آر چانڊيو لکيو ته ماڻهو ٿا بک مرن مھانگائي غريب طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي توهان کي راندين جي لڳي آهي سنڌ جي مسئلن تي ڌيان ڏيو ته ھن وقت سنڌ جي عوام سان ڪھڙا مسئلا آھن، لڪي خليل احمد لکيو ته اسان جي اوڏيرو لال ۾ ته قبرستان جي جڳھه ڪونھي اوھان ته گرائونڊ جي ڳالهه ٿا پڇا ڪيو صهولتون صرف ۽ صرف وڏن ماڻھن جي لاءِ ھونديون آھن غريب طبقي وارن لاءِ نه ھونديون آھن اسان جي شھر ۾ ڪو به گرائونڊ ناهي، اسان جي شھر اوڏيرو لال اسٽيشن کي ھڪ گرائونڊ ڏنو وڃي، اسان جي شھر جا نوجوان پنهنجو ڪجهه وقت ڪرڪيٽ کيڏي گذاريندا، ارشاد علي سومرو لکيو ته ميھڙ ڊگري ڪاليج ۾ موجوده ايم پي اي فياض علي ٻٽ جي والد مرحوم منور خان ٻٽ جي نالي سان اسپورٽس ڪامپليڪس الائي گھڻن لکن ڪروڙن جو ٺھيل آھي جيڪو تباھه ٿيل آھي ۽ کنڊر بڻيل آھي راڌڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري راندين جي لاءِ اسپورٽس ڪامپليڪس جو اعلان ڪري ويو پر  عمل ناهي ٿيو، باقي سڄي تعلقي جي ڪنھن به يوسي ۾ ڪوبه مناسب گرائونڊ ڪونه آھي جتي نوجوان رانديگر لطف اندوز ٿين ان لاءِ سرڪار کي گھرجي ته ھر يونين ڪائونسل ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس ٺھرائي ته جيئن نوجوان ھن گھڙي کن ڪا راند روند ڪن ھونءَ اسڪول ۾ ڊانس ميوزڪ وغيره سيکاري وڃي ٿي ته راندين لاءِ گرائونڊ به ھجڻ گھرجن، اسد زرداري لکيو ته سرھاڙي شھر ۾ راندين لاءِ ڪو به گرائونڊ ناھي سرھاڙي شھر جي ھاءِ اسڪول جي چوديواري ۾ ھڪ گرائونڊ آھي اتي به بااثرن زمينون آباد ڪري ڇڏيون آھن سنڌ سرڪار کي گھرجي ته سڀ کان پھرين جيڪي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان جن شھرن ۾ گرائونڊ آھن انھن کي آباد ڪرائي سنڌ ليول تي ڪرڪيٽ ميچ ڪرايا وڃن ته جيئن سنڌ جي رانديگرن کي اڳتي اچي پاڻ مڃرائڻ جو موقعو ملي سگھي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته اسان جي شھر ڪنڌڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ته آهي مگر سرڪار پاران سار نه لھڻ کانپوءِ آھستي آھستي تباهه ٿيندي پئي وڃي، سنڌ سرڪار اسٽيڊيم جي مالڪي ڪري.