ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ٿيل مڪاني  چونڊن جي نتيجن کي قبولڻ کان انڪار ڪندي، هاءِ ڪورٽ  جي مڪاني چونڊن بابت ڏنل فيصلي کي اڄ سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي ۽ اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان مڪاني اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ ڌانڌلين بابت دانهيندا رهياسين، دنيا ڏٺو ته صوبي جي  14ضلعن ۾ رياستي تشدد ڪري، مخالفن تي ڪوڙا ڪيس مڙهي پ پ مخالف اميدوارن کي اغوا ڪيو ويو، نوابشاھ ۾ تائيد ۽ تصديق  ڪندڙ کي اغوا ڪيو ويو، هنن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه لاڙڪاڻي ۾ جلسو ڪيو پر اليڪشن ڪميشن انهن کي ڪو نوٽيس نه موڪليو ، جڏهن ته اڳ ۾ وقت عمران خان کي ته نوٽيس موڪليا ويندا ھئا، هن وقت اليڪشن ڪميشن خاموش تماشائي بڻيل رھي، سانگھڙ ۾ اسان جي ڪارڪن کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، انهي صورتحال خلاف اسين اڳ ۾ ئي عدالت وياسين پر عدالت اسانجي پوري ڳالهه نه ٻڌي، هاڻ عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين  هن چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي تي نه رڳو اسين ( پي ٽي آءِ ) پر  پ پ جون اتحادي جماعتون ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ آڱريون پيون کڻن، هنن چيو ته ٿر ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي پٽ تي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس پڻ ڌر بڻجي حملو ڪندڙن سان گڏ ھئي، سکر مان اليڪشن وڙھندڙ اسانجي ھڪ اميدوار کي پوليس ذريعي شڪارپور مان کنڀي تشدد ڪيو ويو، اسانجي مختلف اميدوارن جا چونڊ نشان ئي تبديل ڪيا ويا، هنن چيو ته  سنڌ حڪومت قلم 144 لاڳو ڪري اليڪشن ڪرائي ۽ پوءِ  ھڪ وڏي لسٽ بنا مقابلي وارن جي آئي، هنن چيو ته ڪورنگي واري قومي تڪ اين اي 240 تي ٽرن آئوٽ 8 سيڪڙو رهيو ، پاڻ کي شھر جا دادا سڏائيندڙ  رڳو 60 ووٽن تي ايم اين اي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيا،  انھي چونڊکي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ، اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو ته سنڌ ۾ اڄ به شفاف اليڪشن ٿئي ته پي ٽي آءِ  جا اميدوار کٽيندا، اسين ڪراچي واري قومي تڪ اين اي 245 (ڊاڪٽر عامر لياقت) تي اهو ثابت ڪنداسين، هن خدشو ڏيکاريو ته اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آء خلاف گندو ترين فيصلو ڏيندي، هن چيو ته  ايم ڪيو ايم اڄ به اسان ڏانهن موٽي اچي ٿي ته ويلڪم ( آجيان) ڪنداسين، نه رڳو ايم ڪيو ايم پر  باپ ۽ ق ليگ وارن کي به ويلڪم ڪنداسين.