ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پيپلزپارٽي ميدان ماري وئي، پ پ  14 ضلعي ڪائونسلن، 4 ميونسپل ڪارپوريشنن، 109 ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين تي ڪامياب: جي ڊي اي  3 ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيون کٽي وئي. پي ٽي آءِ هڪ ٽائون ڪاميٽي کٽڻ ۾ ڪامياب، پ پ پاران جشن ملهايو.

سکر ڊويزن

غير سرڪاري غير حتمي نتيجي موجب ڪنڌرا ٽائون جي وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار مير شاھد ٽالپر 667 ووٽ، جڏهن ته وارڊ نمبر 6 تي پ پ جو محمد يوسف جاگيراڻي 401 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. ڪنڌرا وارڊ نمبر 3 جو آزاد اميدوار ضياءُ الرحمان ٻرڙو 433 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن مان 9 وارڊن تان پ پ 4 تي مهر گروپ ۽ هڪ تي جي يو آءِ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا. گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 5 تي پيپلزپارٽي جو رحيم بخش ميراڻي، وارڊ نمبر 8 آغا اظهر خان پٺاڻ،وارڊ نمبر 6 سڪندر لاکو، وارڊ نمبر 11 اسد الله لاکو، وارڊ نمبر 14سکديو آسرداس،وارڊ نمر 7 ڄام آصف ڌاريجو وارڊ نمبر 2 راڻا عدنان، وارڊ نمبر 9 تي ايڊووڪيٽ  محمد نديم، وراڊ نمبر 10 تي رضوان شاهه ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته مهر گروپ جا حمايتي 4 ۽ جي يو آءِ جو هڪ اميدوار ڪامياب ٿيو آهي. مهر گروپ جي ڪامياب ٿيل اميدوارن ۾ اشوڪ ڪمار، اصغر علي شاهه، ماجد شاهه، رائو نديم راجپوت ۽ جي يو آءِ سيف الله چاچڙ شامل آهن. ميونسپل ڪاميٽي ميرپورماٿيلو جي 9 وارڊن مان 8 وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب ھڪ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو  آھي. ميونسپل ڪاميٽي وارڊ 1 تي ڪمال خان مھر935، وارڊ 2 تي پ پ اميدوار مير خان مھر481 ووٽ، وارڊ 3 تي آزاد اميدوار امجد لغاري، وارڊ 4  تي پ پ جو سرفراز مھر خان 715 ووٽ، وارڊ 5 تي پ پ جو پيارو سھرياڻي 1051 ووٽ، وارڊ 6 پ پ جو شھباز خان لنڊ 906 ووٽ، وارڊ 7 تي پ پ شبير رند 1130 ووٽ، وارڊ 8 تي پ پ خالد مغل 1059 ووٽ ۽ وارڊ 9 تي پ پ جو شھباز خان لنڊ 1334 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ڏهرڪي جي  14 وارڊن  مان 10 وارڊ پ پ اميداور ميان رضا رحيم، حاجي پيربخش  ڀٽي، ڄام زاهد ڏهر، ڄام جاويد ڏهر، مير ملڪ، دادن مهر، محراب مهر کٽي ويا. جڏهن آزاد اميدوار ڄام فتاح  سميجو ۽ ميان شفيق ۽ جي ڊي اي اميدوار افضل مهر کٽي ويا. پولنگ اسٽيشنن تي سڄو ڏينهن جهيڙا ۽ بدنظمي جاري رهي.يوسي رائونتي ۾ پيپلز پارٽي کي شڪست، جي يو آءِ جو چيئرمين ڪامياب، علي گوهر مهر جو اتحادي آزاد اميدوار ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر الله ورايو چاچڙ ۽ جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ يوسي چيئرمين ڄام ساجن چاچڙ ڪامياب ٿي ويا. ٽائون ڪاميٽي اڳڙا جي 8 ئي وارڊن تي پ پ اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب وارڊ نمبر 1 تي پ پ اميدوار عادل ابراهيم زاهدي 394  ووٽ، وارڊ نمبر 2 مهتاڻي تي پ پ اميدوار جميل احمد جسڪاڻي 501 ووٽ، وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدار امجد علي لاشاري 425 ووٽ، وارڊ نمبر 4  بنگالو تي پ پ اميدوار ذوالفقار علي سيال 388 ووٽ، وارڊ نمبر 5  تي پ پ اميدوار اسد الله بهليم 467 ووٽ، وارڊ نمبر 6 واحد بخش مرکنڊ تي پ پ اميدوار معشوق علي ملاح 537 ووٽ، وارڊ نمبر ست تي پ پ اميدوار نبي بخش سيال، وارڊ نمبر 8  تي پ پ اميدوار سهيل احمد سيال ڪاميابي حاصل ڪئي.يوسي رپڙي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ پ پ اميدوار سراج پنھور 331 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، چيئرمين لاءِ پ پ جي اميدوار محمد علي پنھور 345 ووٽ، يوسي کيمٽيا ۾ پ پ جو چيئرمين يونس آريجو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر عارف آريجو، جڏهن ته وارڊ نمبر 2 تي پ پ جو نامزد ڪائونسلر راحيل ڪلھوڙو 445 ووٽ، يوسي نسيم کرل تي پ پ جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر شاھ حسن کرل، چيئرمين منصور کرل، وائيس چيئرمين صفي الله ڪلھوڙو سميت پورو پينل بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو. يوسي سليم کرل تي پ پ جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاء نامزد اميدوار تاج محمد سروهي 321 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. اڳڙا جي يونين ڪائونسل منور آباد جي وارڊ نمبر 4 تي آزاد اميدور محمد جمن شيخ  283 ووٽ کڻي پ پ ڪائونسلر حاڪم علي کي شڪست ڏئي ڇڏي، باقي ٽن وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا.

ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي غير سرڪاري نتيجن موجب ستن وارڊن مان ڇهن وارڊن تي جي ڊي اي اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا. پ پ پ پاران ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ باوجود صرف هڪ وارڊ کٽي سگهي، هر طرف ڀيڄ پاڳارا جا نعرا، شھر ۾ جشن. ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو  وارڊ ھڪ تي پ پ پ اميدوار شاه محمد لغاري  522 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. جڏھن ته وارڊ 2 تي ڊي اي جو اميدوار ربنواز ڀنڀرو351 ووٽ، وارڊ 3 تي جي ڊي اي اميدوار پيراڻو خان ڀنڀرو  762 ووٽ، وارڊ 4 تي ڊي اي اميدوار مکي صورت مل 352 ووٽ، وارڊ 5 تي جي ڊي اي اميدوار ايڊوڪيٽ سائت علي آرادين 1612ووٽ، وارڊ 6 تي جي ڊي اي اميدوار فقير بخش علي آرادين 920 ووٽ ۽ وارڊ 7 تي جي ڊي اي اميدوار محمد شريف نظاماڻي  920 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.ٽائون ڪاميٽي هڱورجا جي 10 مختلف وارڊن مان 8  ۾ جي ڊي اي اميدوار ڪامياب ٿيا آھن، جن ۾ وارڊ نمبر 2 تي عباس علي شاهه وارڊ نمبر 4 تي ضمير حسين ميمڻ، وارڊ نمبر 5 تي تسليم احمد ميمڻ، وارڊ نمبر 6  تي امجد علي سولنگي  ايڊووڪيٽ، وارڊ نمبر 7 تي حسن رضا شاهه، وارڊ  8 تي تاج محمد سولنگي، وارڊ نمبر 9 تي امداد سومرو وارڊ نمبر 10 تي غلام شبير سومرو جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. جڏھن ته وارڊ نمبر 1 تي پ پ پ اميدوار فيض محمد سهتو ۽ وارڊ نمبر 3 تي پ پ پ اميدوار عزيز ميمڻ ڪاميابي حاصل ڪئي.ٻٻرلوءِ وارڊ نمبر 1 تي غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ اميدوار اظهر جتوئي 438 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ اميدوار ڪرامت جتوئي 250 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار ظفر مستوئي 340 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي ورتي. وارڊ نمبر 4 تي اڳوڻي چيئرمين پ پ اميدوار مظهر حسين شاهه 573 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.وارڊ نمبر 5 ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ٿيڻ سبب پولنگ ڪجه ڏينهن لاءِ ملتوي پڻ ڪري ڇڏي. وارڊ نمبر 2 تي پيپلزپارٽي جو مريد حيدر شاھ بنامقابلي سوڀ حاصل ڪري چڪو آهي. ٺري ميرواھ ٽائون ڪاميٽي جي ڇهن وارڊن مان چئن تي پ پ، هڪ تي آزاد ۽ هڪ جي ڊي اي اميدوار ڪاميابي ماڻي. وارڊ نمبر 5 تي جي ڊي اي اميدوار عبدالشڪور ملاح 798 ووٽ، وارڊ نمبر 2 تي آزاد اميدوار انجنيئر علي راز جوڳي 289  ووٽ، وارڊ نمبر 1 تي پ پ جي  مراد علي جوڳي 302 ووٽ، وارڊ نمبر 4 تي پ پ جي رياض سمور 635 ووٽ، وارڊ نمبر 6 تي پ پ جي زاهد ٻانڀڻ 620 ۽ وارڊ 2 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر ريحان جوڳي 528 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. ٽائون ڪاميٽي ڪرونڊيءَ جي ٽنهي وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا. وارڊ نمبر 1 تي پ پ جو شاهزيب راڄپر 642 ووٽ، وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر سليم شوڪت راڄپر 842 ووٽ، وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار سجاول خان راڄپر 713 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا.سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي11 مان 8 وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته جي ڊي اي جا اميدوار ٻن وارڊن تي ڪاميابي ماڻي سگهيا. جهيڙي سبب  هڪ وارڊ جو نتيجو روڪيو ويو. وارڊ نمبر هڪ تي پ پ جي امير حسين خاصخيلي 561 ووٽ، وارڊ نمبر 2 تي آزاد اميدوار سائينداد حاجي ۽ پ پ جي برهان حاجي ۾ مقابلو هو، جنهن پولنگ دوران جهيڙي نتيجو روڪيو ويو آهي. وارڊ نمبر 3 تي پ پ پ جو محمد صادق لُنڊ 850 ووٽ، وارڊ نمبر 4 تي پ جو ممتاز حسين سهتو 418 ووٽ، وارڊ نمبر 5 تي پ پ جو غلام عباس نول 384 ووٽ، وارڊ نمبر 6 تي پ پ جو انجنيئر ڪامران عباس ڪٻر 487 ووٽ کڻي، وارڊ نمبر 7 پ پ پ جو غلام اڪبر ويسر 421 ووٽ، وارڊ نمبر 8 تي پ پ جو غلام مصطفي لُنڊ 312 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا. جڏهن ته وارڊ نمبر 9 جي ڊي اي جي عاشق حسين ڪٻر 404 ووٽ، وارڊ نمبر 10 تي پ پ پ جي ڊاڪٽر احمد علي ڪٻر 453 ووٽ، وارڊ نمبر 11 تي جي ڊي اي جي ثمرعباس لُنڊ 492 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي.ٽائون ڪاميٽي ڪنب جي چئن وارڊن مان پ پ اميدوار ڪامياب ،فقيرآباد ٽائون جي 9 وارڊن مان 8 وارڊن تي پ پ پ اميدوار سوڀارا ٿي ويا. ٽائون ڪاميٽي ڪنب وارڊ نمبر 1 تان پ پ جو نادر علي سولنگي ۽ وارڊ 2 تان پ پ اميدوار درمحمد تمراڻي اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا هئا. جڏهن ته وارڊ نمبر 3 ۽4 تي پ پ جي تنوير احمد وساڻ 741 ۽ وارڊ 4 تي پ پ اميدوار محمدحسن اڄڻ 395 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. ٽائون ڪاميٽي فقيرآباد وارڊ 1 تي پ پ اميدوار سجاد علي ڀٽي 432 ووٽ، وارڊ نمبر 2 تي پ پ جي محمد بشير ڀٽي898 ووٽ، وارڊ 3 تي پ پ پ اميدوار خورشيد چانڊيو 712 ووٽ، وارڊ 4 تي پ پ جي نظر محمد ڳاهو 887 ووٽ، وارڊ 5 تان پ پ اميدوار نثار حسين خاصخيلي 1027 ووٽ، وارڊ 6 تي پ پ جي پرويز احمد ڀٽي 818 ووٽ، کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته فقيرآباد ٽائون جي وارڊ 7 تان پ پ اميدوار علي گوهر راڄپر پهريان ئي بنامقابلي ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي. وارڊ نمبر 8 تي پ پ جو ڊاڪٽر ايوب منگي 373 ووٽ ۽ وارڊ نمبر 9 تي جي ڊي اي اميدوار حق محمود چانڊيو 635 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.ٽائون ڪاميٽي کهڙا جي 9 وارڊن مان 7 تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ، جي ڊي اي صرف 2 سيٽون حاصل ڪري سگهي. وارڊ نمبر 1 تي پ پ پرويز احمد لاشاري، وارڊ 2 تي ميان رحم علي اڄڻ ،وارڊ 3 تي ڪرم الله اڄڻ، وارڊ 5 تي ميان رازق ڏنو اڄڻ، وارڊ 7 تي مخدوم نديم احمد هاشمي، وارڊ 8 تي غلام مصطفي خواجه۽ وارڊ نمبر 9 تي قربان علي گلال ڪامياب ٿيا، جڏهن ته وارڊ نمبر 4 ۽ 6 تي جي ڊي اي اميدوار اطهر شاھ ۽ مخدوم شاهريز هاشمي ڪاميابي حاصل ڪئي. ميونسپل ڪاميٽي پيرجوڳوٺ ۾ پهرين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ جي ڊي اي اميدوار 7 ئي وارڊ ٻهاري ويا. ميونسپل ڪاميٽي پيرجوڳوٺ جي وارڊ نمبر 1 تي جي ڊي اي اميدوار سرفراز ڀنڊ 1456 ووٽ، وارڊ نمبر 2 تي جي ڊي اي اميدوار شاھ مردان شاهه 1142 ووٽ، وارڊ نمبر 3 تي جي ڊي اي اميدوار عبدالغفار ميمڻ 1231 ووٽ، وارڊ 4 تي جي ڊي اي اميدوار نصير فقير لاڙڪ 477 ووٽ، وارڊ نمبر 5 تي جي ڊي اي اميدوار شوڪت خاصخيلي 635، وارڊ نمبر 6 تي جي ڊي اي اميدوار نور محمد ڌاريجو 604 ووٽ، وارڊ نمبر 7 تي جي ڊي اي جي عبدالباري ميمڻ 873 ووٽ کڻي ڪامياب حاصل ڪئي. اھڙي طرح سان ميونسپل ڪاميٽي پيرجوڳوٺ جا 7 ئي وارڊ جي ڊي اي / فنڪشنل ليگ اميدوار ٻهاري ويا آهن، جي ڊي اي اميدوارن پاران ڪاميابي بعد جشن ملهائي مٺايون ورهايو ويون. ٻئي طرف چونڊ عمل دوران ميونسپل ڪاميٽي جي 7 ئي وارڊن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ جي 13 وارڊن مان 10 تي پ پ پ کي سرسي حاصل، جي ڊي اي صرف 3 وارڊ کٽي سگهيو. وارڊ نمبر 01 تي پ پ جو عبدالغفار شيخ 401 ووٽ، وارڊ نمبر 02 تي جي ڊي اي جو مسعود خالد شيخ 334 ووٽ، وارڊ نمبر 03 تي جي ڊي اي جو اعجاز مري 525 ووٽ، وارڊ نمبر 04 تي پ پ جو سجاد حيدر شاهه بخاري 310 ووٽ، وارڊ نمبر 05 تي پ پ اميدوار عزيز الله ڦل 528 ووٽ، وارڊ نمبر 06 تي حاجي عبداللطيف شيخ 518 ووٽ، وارڊ نمبر 07 تي سڪندر علي ٿيٻو 1047 ووٽ، وارڊ نمبر 08 تي جي ڊي اي اميدوار نورالهديٰ شاهه جيلاني 554 ووٽ، وارڊ نمبر 09 تي پ پ اميدوار سريش ڪمار 474 ووٽ، وارڊ نمبر 10 تي پ پ جو سرفراز ميمڻ 328 ووٽ، وارڊ نمبر 11 تي حاجي عبداللطيف شيخ 840 ووٽ، وارڊ نمبر 12 تي پ پ جو عبدالشڪور شيخ 1004 ووٽ، وارڊ 13 تي پ پ جو حمايت يافته جي يو آءِ اميدوار مولوي نعمت الله شيخ 611 ووٽ، کڻي ڪامياب ٿي ويو. احمدپور ٽائون ڪاميٽي جي جي 6 وارڊن مان4 تي جي ڊي اي 4 ۽ ٻن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب. وارڊ نمبر 1 تي جي ڊي اي جي عبداللطيف سنديلو 712 ووٽ، وارڊ نمبر 2 تي جي ڊي اي اميدوار 604 ووٽ، وارڊ نمبر 3 تي جي ڊي اي جي اميدوار ملھه احسان ميتلو 839 ووٽ، وارڊ نمبر 4 تي پيپلزپارٽي جي سراج احمد لاکو 263 ووٽ، وارڊ نمبر 5 تي جي ڊي اي جي فضل الله ملاح 633 ۽ وارڊ نمبر 6 تي پيپلز پارٽي اميدوار محمد علي وسطڙو 829 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ جي 7 مان 3 پيپلز پارٽي،  2 جمعيت علماءِ اسلام  ۽ 2 تي آزاد اميدوار ڪامياب. وارڊ نمبر 1 تي پيپلز پارٽي جو احسان ڪنڌر 600 ووٽ، وارڊ نمبر 2 پ پ جو حاجي منير احمد بلوچ 876 ووٽ، وارڊ نمبر 3 تي آزاد اميدوار لالو بڙدي 318 ووٽ، وارڊ نمبر 4 جمعيت علماءِ اسلام جو اميدوار استاد سجاد ميراڻي 421 ووٽ، وارڊ نمبر 5 تي آزاد اميدوار اشفاق شاھ 330 ووٽ، وارڊ نمبر 6 تي جمن شاهه بخاري ۽ وارڊ نمبر 7 جمعيت علماءِ اسلام جو استاد نثار احمد ڌاريجو 339 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا. فيض گنج تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ جي 9 وارڊن مان 3 وارڊن تي جي ڊي ۽ 6 تي پيپلز پارٽي اميدوار ڪامياب ٿي ويا. غير حتمي غيرسرڪاري نتيجن موجب فيض گنج ٽائون ڪاميٽي پڪا چانگ وارڊ نمبر  9 پ پ جي جيئل شاهه جيلاني479 ووٽ، وارڊ نمبر 8 پ پ جي معروف راڄپر 321ووٽ، وارڊ نمبر 2 تي جي ڊي اي  ڪائونسلر  اميدوار  امانت علي چانگ 967  ووٽ، وارڊ نمبر 3 تي جي ڊي اي ڪائونسلر اميدوار محمد اسلم چانگ 658 ووٽ، وارڊ نمبر 5  تي پ پ ڪائونسلر اميدوار غلام رباني شر 547 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.  وارڊ نمبر 4 پ پ  ڪائونسلر رياض چانگ، وارڊ نمبر هڪ تي پيپلز پارٽي اميدوار هدايت خاصخيلي 664  ووٽ، وارڊ نمبر 7 تي پيپلز پارٽي ڪائونسلر اميدوار انور راڄپر 598 ووٽ، وارڊ نمبر 6 تي جي   ڊي اي ڪائونسلر  اميدوار عبدالنبي چانگ619  ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.

لاڙڪاڻو ڊويزن

لاڙڪاڻي شهر جي يونين ڪاميٽين جي گڏ ڪيل غير سرڪاري  ۽ غير حتمي نتيجن موجب حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي 2 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار منير سومرو ۽ وائيس چيئرمين 3600 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي 3 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار شفيق چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين اميدوار علي مراد ميراڻي 2150 ووٽ کڻي ڪامياب حاصل ڪئي. حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار انور لهر ۽ وائيس چيئرمين غلام محمد ڪورائي ڪامياب ٿيا. حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي 4 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار ذوالفقار بروهي ۽ وائيس چيئرمين ظفر علي شاهه ڪامياب رهيا. حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي 5 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار محمد اسلم مغيري ۽ وائيس چيئرمين منور علي لهر ڪامياب ٿيا. دڙي ٽائون جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار محمد امين شيخ ۽ وائيس چيئرمين شاهه رخ سيال 3077 ووٽ کڻي ڪامياب ماڻي. ايمپائر ٽائون جي يونين ڪاميٽي 4 تان پيپلز پارٽي مخالف جي ڊي اي جو چيئرمين عبدالحفيظ سامٽيو ۽ وائيس چيئرمين شاهد حسين گاد 1515 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا. لاڙڪاڻي تعلقي جي يونين ڪائونسل ٿررڙي ايٽ ڪنگا تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار علي ڏنو ڪنگو ۽ وائيس چيئرمين انور علي 3600 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. ايمپائر ٽائون جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار ابراهيم کوسو ۽ وائيس چيئرمين انعام گل سانگي ڪامياب رهيا. سچل ٽائون جي يونين ڪاميٽي 5 تي جي ڊي اي اميدوار اويس عباسي ۽ وائيس چيئرمين اختيار علي بگٽي ڪامياب ٿيا. دڙي ٽائون جي يونين ڪاميٽي ٽي تان پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار محمد قاسم بروهي ۽ وائيس چيئرمين محمد مٺل چانڊيو ڪامياب رهيا. دڙي ٽائون جي يونين ڪاميٽي 4 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار محمد رفيق ڪرماڻي ۽ وائيس چيئرمين غلام رسول لغاري ڪامياب ٿيا. دڙي ٽائون جي يونين ڪاميٽي 5 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار خير محمد شيخ ۽ وائيس چيئرمين محمد هارون هليو ڪامياب رهيا. ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 2 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار ساجد ڊومڪي ۽ وائيس چيئرمين آفتاب اصغر عباسي ڪامياب ٿيا. ايمپائر ٽائون جي يونين ڪاميٽي 3 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار غلام نبي ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين وقار ڀٽو ڪامياب رهيا. ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 5 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار محمد يوسف ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين ماجد بروهي ڪامياب ٿيا. سچل ٽائون جي يونين ڪاميٽي هڪ تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار چنگيز ابڙو ۽ وائيس چيئرمين اميدوار مشتاق کوکر ڪاميابي ماڻي . سچل ٽائون ڪاميٽي جي يونين ڪاميٽي 2 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار ڪاشف علي عمراڻي ۽ وائيس چيئرمين محمد رضا کوکر ڪامياب ٿيا. سچل ٽائون جي يونين ڪاميٽي 3 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار دانش لغاري ۽ وائيس چيئرمين سرائي سرفراز کوکر ڪاميابي ماڻي. سچل ٽائون جي يونين ڪاميٽي 4 تي پيپلز پارٽي چيئرمين اميدوار عطا محمد ميمڻ ۽ وائيس چيئرمين اميدوار عبدالوهاب رند ڪامياب ٿيا.جيڪب آباد ميونسپل جي 25 وارڊن تي پيپلزپارٽي اميدوار ڪامياب ٿيا، ٽن وارڊ تي پي ٽي آءِ ۽ هڪ وارڊ تي آزاد اميدوار ڪامياب رهيا، ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جي وارڊ 1 تي پي ٽي آءِ اميدوار محمد عظيم سومرو 1000، وارڊ 2 تي پي ٽي آءِ اميدوار حفيظ رڏ 468، وارڊ 3 تي پيپلزپارٽي اميدوار هارون رشيد سومرو 700، وارڊ 4 تي پي ٽي آءِ اميدوار غلام حسين 388، وارڊ 5 تي پ پ اميدوار غوث بخش مغيري 1356، وارڊ 6 تي پ پ اميدوار نثار احمد 815، وارڊ 7 تي پ پ اميدوار راجه عرف نصر الله سرڪي 492، وارڊ 8 تي پ پ اميدوار عبدالرب لاشاري 830، وارڊ 9 تي پ پ اميدوار خالد حسين 750، وارڊ 10 تي پ پ اميدوار حنيف بليدي320، وارڊ 11 تي پ پ اميدوار دلمراد لاشاري 702، وارڊ 12 تي پ پ اميدوار ديو آنند686، وارڊ 13 تي پ پ اميدوار مبشر جويو 393، وارڊ 14 تي آزاد اميدوار زاهد سومرو 512، وارڊ 15 تي پ پ اميدوار ظاهر شاهه 728، وارڊ 16 تي پ پ اميدوار آصف مغيري 1354، وارڊ 17 تي پ پ اميدوار عبدالمالڪ کوسو 623،  وارڊ 18 تي پ پ اميدوار علي دوست 626، وارڊ 19 تي پ پ اميدوار ڊاڪٽر غلام قادر ٽالاڻي 1283،وارڊ 20 تي پ پ اميدوار گل محمد ٽالاڻي 601، وارڊ 21 تي پ پ اميدوار سھڻو لاشاري 487، وارڊ 22 تي پ پ اميدوار تنوير بروهي 378، وارڊ 25 تي پ پ اميدوار ظفر لاشاري 339، وارڊ 26 تي پيپلزپارٽي اميدوار اسد شاهه 334، وارڊ 27 تي پ پ اميدوار شهريار لاشاري 166، وارڊ 28 تي پ پ اميدوار محمد عثمان عرف ببلي 686، وارڊ 29 تي پيپلزپارٽي اميدوار طاهر پيرزادو 475، وارڊ 30 تي پ پ اميدوار رضوان سومرو 494، وارڊ 31 تي پيپلزپارٽي اميدوار ولهاري مغيري 794 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي جڏهن ته وارڊ 23 ۽ 24 تي پيپلزپارٽي اميدوار اڳ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن جڏهن ته جيڪب آباد جي 12 يوسيز مان 7 يوسين تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن 5 يوسين جا رزلٽ رات تائين نه اچي سگهيا، جيڪب آباد جي يوسي ڳڙهي چنڊ تي اڳوڻي صوبائي وزير منظور پنهور جي پٽ چنگيز پنهور ۽ پ پ تعلقه صدر علي نواز پنهور پينل سميت ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي ڇو ته پ پ پاران ٻنھي اميدوارن کي ٽڪيٽون نه ڏنيون ويون هيون جنهن سبب يوسي ڳڙهي چنڊ تي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته اھڙي ريت پيپلزپارٽي ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد جي 27 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، هوڏانهن ٺل جي ميونسپل ڪاميٽي جي 10 وارڊن ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ جي اميدوارن عزيزدايو، سيد رضوان شاهه، محمد انور دايو، امتياز کوسو، شاهزيب سرڪي، نذير احمد نوناري، غلام مرتضي ٻرڙو، آصف ڪنراڻي، جنيد ۽ زوهيب سرڪي ڪامياب ٿيا آهن يونين ڪائونسل جونگل ۾ پ پ جي چيئرمين افضل پهوڙ، ضلعي ڪائونسلر آغا مختيار پهوڙ، يونين ڪائونسل ڪنراڻي تي پ پ جي راجا آفتاب ڪنراڻي ۽ ضلعي ڪائونسلر نظر محمد ڪنراڻي، يونين ڪائونسل ڪوٽ جنگو ۾ پ پ جي چيئرمين طاهر علي ۽ ضلعي ڪائونسل تي علي ارمان کوسو، يونين ڪائونسل توج تي جي يو آءِ جي واجد علي بنگلاڻي، يونين ڪائونسل ڪريم آباد ۾ پ پ جي چيئرمين جعفر بنگلاڻي ۽ ضلعي ڪائونسل تي غزين شفيق کوسو، يونين ڪائونسل دينپور تي پ پ جي ضلعي ڪائونسل تي فهد کوسو، يونين ڪائونسل ٻچڙو تان ضلعي ڪائونسل تي شهاب کوسو، يونين ڪائونسل لوگي تي پ پ جي چيئرمين داد محمد کوسو، ضلعي ڪائونسل جي غضنفر جکراڻي ڪامياب ٿيا، جڏهن ته يونين ڪائونسل شيرواهه، بهادرپور، بختيارپور جا نتيجا رات دير تائين نه ملي سگهيا يوسي ڪوٽ جنگو تي آزاد پينل جي اميدوارن چيئرمين ظفر کوسو، وائيس چيئرمين سخي عبدالمطلب، ضلع ڪائونسل جي ميمبر فاروق علي کوسو پڻ ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي ،ڳڙهي خيرو تعلقي جي 1 ٽائون ڪاميٽي ۽ 9 يوسيز تي مڪاني چونڊن جو مرحلو مڪمل ٿي ويو ان سلسلي ۾ مليل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڳڙهي خيرو ٽائون ڪاميٽي جي 7 وارڊن تي پيپلزپارٽيءَ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن تي حڪمران جماعت جي ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوار بنامقابلي ڪامياب ٿي چڪا هئا جڏھن ته گذريل ڏينهن وارڊ 3 ۽ وارڊ 4 تي اليڪشن ٿي جنھن ۾ پيپلزپارٽي اميدوار عبدالرئوف لاشاري 380 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل جي يو آئي اميدوار سليم الله بروھي 155 ووٽ حاصل ڪيا ، وارڊ 4 تي پيپلزپارٽيءَ اميدوار طارق حسين بليدي 413 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل آزاد اميدوار انجنيئر احسان مراد عمراڻي 117 ووٽ حاصل ڪيا. ٻئي پاسي تعلقي جي 9 يوسيز مان ٻن يوسيز مان ٻن يوسيز دوداپور ۽ خدا آباد ۾ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. يوسي دوداپور ۾ آزاد اميدوار سيد ٻڍل شاھ 2038 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو سندس مقابلي ۾ بيٺل پيپلزپارٽي اميدوار ظفر لھر 430 ووٽ کڻي سگھيو ، ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ آزاد اميدوار نظير ڀٽي 2067 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن ته سندس سامھون بيٺل پيپلزپارٽي اميدوار صيفل ڏاھاڻي 425 ووٽ کڻي سگھيو . يوسي خدا آباد ۾ چيئرمين لاءِ بيٺل آزاد اميدوار صدام لھر 1743 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن ته پيپلزپارٽي اميدوار وحيد بروھي 1261 ووٽ کڻي سگھيو ، ضلعي ڪائونسل تي آزاد اميدوار نوريز بروھي 1740 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن پيپلزپارٽي اميدوار مير عاشق بروھي 1230 ووٽ حاصل ڪيا . يوسي جھانپور ۾ پيپلزپارٽي اميدوار سيد عاطف شاھ 1613 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو سندس مقابلي ۾ بيٺل آزاد اميدوار گلشير بروھي 713 ووٽ کڻي سگھيو ، ضلعي ڪائونسل تي پيپلزپارٽيءَ اميدوار نعيم اختر اوڍو بنا مقابلي ڪامياب . يوسي علڻ پور ۾ چيئرمين لاءِ پيپلزپارٽي اميدوار سيد لياقت شاھ 2337 ووٽ کڻي ڪامياب سندس مقابلي ۾ بيٺل آزاد اميدوار غوث بخش ڪٽوھر 949 ووٽ کڻي سگھيو ، ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ آزاد اميدوار علي احمد جمالي 2153 ووٽ کڻي ڪامياب جڏھن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل آزاد اميدوار علي خان بروھي 789 ووٽ کڻي سگھيو ، ان تڪ تي پيپلز پارٽي اميدوار آزاد اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو ھو . يوسي شيران پور ۾ چيئرمين لاءِ پيپلزپارٽي اميدوار سليمان قمبراڻي 1852 ووٽ کڻي ڪامياب جڏھن ته سندس سامھون بيٺل آزاد اميدوار عبدالحسيب ٿھيم 640 ووٽ کڻي سگھيو ، ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ پيپلزپارٽي اميدوار عبدالحميد بروھي 1743 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل آزاد اميدوار علي حسن ٿھيم 643 ووٽ کڻي سگھيو. يوسي الله آباد ۾ چيئرمين لاءِ پيپلزپارٽي اميدوار آفتاب بروھي بنا مقابلي ڪامياب جڏھن ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ پيپلزپارٽي اميدوار لشڪر خان لھر 4730 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏھن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل آزاد اميدوار لطف بروھي 730 ووٽ کڻي سگھيو. يوسي شير خان ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار چيئر شير خان جمالي ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر گل حسن جمالي بنا مقابلي ڪامياب.  ٻئي پاسي باقي ٻن يوسيز محمد پور ۽ ميرانپور جو رزلٽ نه ملي سگهيو.ميروخان ٽائون ڪاميٽي جا چارئي وارڊ پيپلزپارٽي کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.ان حوالي سان مليل غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب وارڊ نمبر هڪ تي پيپلزپارٽي  اميدوار حزب الله گوپانگ 674 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.وارڊ نمبر 2 تي لياقت ابڙو 835 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي.وارڊ نمبر 3 تي پيپلزپارٽي اميدوار شهاب الدين ڀٽي 556 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي.وارڊ نمبر 4 تي پيپلزپارٽي اميدوار سراج احمد تونيو 600 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو.گڊو ٽائون جي وارڊ نمبر 1 تي پيپلزپارٽي جو شاھد بوھڙ 207 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، وارڊ نمبر 2 تي پيپلزپارٽي اميدوار مظفر مزاري 146 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو،وارڊ نمبر 3 تي جماعت اسلامي اميدوار حبيب الله ٿھيم 121 کڻي ڪامياب ٿي ويو، وارڊ نمبر 4 تي پيپلزپارٽي اميدوار شاھد پٺاڻ 442 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ نمبر 5 تي پيپلزپارٽي جو سيد نازڪ شاھ 226 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، وارڊ نمبر 6 تي پيپلزپارٽي جو فقير محمد ميراڻي 340 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ نمبر 7 تي آزاد اميدوار مھراب مزاري 38 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، وارڊ نمبر 8 تي ايس يو پي اميدوار جاويد کوسو 50 ووٽ کڻي ڪامياب رھيو، وارڊ نمبر 10 تي آزاد اميدوار لياقت دشتي 283 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ نمبر 9 تي پ پ اميدوار ان اپوز ٿي ڪامياب ٿيو ھو.خانپور ٽائون جي 08 وارڊن تي بلدياتي اليڪشن ۾ جتوئي / جي يو آءِ جي گڏيل اميدوارن  06 وارڊن تي  پ پ اميدوارن کي شڪست ڏئي ڇڏي.  وارڊ نمبر 1 تي ڊاڪٽر غلام اصغر پ پ جي عبدالصمد آرائين کي شڪست ڏني. وارڊ نمبر 2 تي جتوئي گروپ جو مھدي حسن جتوئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو،وارڊ نمبر 03 تي پ پ جي ناظم حسين آرائين جي يو آء جي نديم ڪاظم آرائين کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي، وارڊ نمبر 04 تي جي يو آءِ جتوئي گروپ جو گڏيل اميدوار حاجي عطا محمد آرائين  پ پ جي نويد افضل آرائين کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي، وارڊ نمبر 05 تي جتوئي / جي يو آءِ گروپ جو گڏيل اميدوار اصغر سيٺار پ پ جي عرفان سومرو کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي،وارڊ نمبر 06 تي جتوئي / جي يو آءِ گروپ جو گڏيل اميدوار علي مراد سيٺار پ پ جي عتيق الرحمان ابڙو کي شڪست ڏني، وارڊ نمبر 07 تي پ پ جي اورنگزيب  بلوچ جتوئي گروپ ءِ جي يو آءِ اميدوارن سليم بلوچ ۽ دلاور آرائين کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي،وارڊ نمبر 08 تي جتوئي / جي يو آءِ گروپ جي  ثناءُالله سيٺار پ پ جي منير ٻپڙ کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي، غير سرڪاري نتيجن موجب ٽائون چيئرمين جي يو آءِ / جتوئي گروپ جو چونڊجي اچڻ جا واضح امڪان ٿي ويا آھن. مبارڪپور جي وارڊ نمبر هڪ تي جنرل ڪائونسلر لاءِ پ پ اميدوار صداقت ڀٽو 941 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،جڏهن ته مبارڪپور يونين ڪائونسل جي ٻين عهدن تي پيپلزپارٽي جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن،  جن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر ذوالفقار کوسو، وائيس چيئرمين تي جنيد ڀٽو، جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 3 تي اصغر مستوئي، جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 2 تي محرم شر ۽ جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 4 تي ڪرم الله مھر ڪامياب ٿي چڪا آهن.ڳڙھي ياسين ٽائون ڪاميٽي جي پنجن وارڊن تي پ پ جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيا آھن. وارڊ نمبر 1 تي پ پ اميدوار اسپيڪرسنڌ اسيمبلي ۽ وقتي گورنر  آغا سراج دراني جو ڀاءُ اڳوڻو ٽائون چيئرمين آغا شجاع الدين دراني 140 وٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار آغا صدام پٺاڻ 650 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو. وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار باقر منگي 622 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو حمايتي اميدوار اسپيڪرسنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني جو ڀائيٽو آغا مير مصطفي دراني 630 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي آھي. تنگواڻي ٽائون ڪاميٽي وارڊ 3 تي پيپلزپارٽي اميدوار عنايت حسين گجراڻي  472 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويووارڊ 1نمبر ڪائونسلر تي پيپلزپارٽي اميدوار اشرف بجاراڻي 960 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وراڊ نمبر 2 تي پ پ جو  نوروز  بجاراڻي بنامقابلي ڪامياب ٿيو هو،  تنگواڻي ٽائون جي ٽنهي وارڊن مان پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا.يونين ڪائونسل سهلياڻي پ پ چيئرمين اميدوار نورالله کوسو 3065 ووٽ کڻي کٽي ويو.يوسي بهلڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي اميدوار اعجاز ڏاهاڻي 3007 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو.وارڊ نمبر3 ۾ پيپلزپارٽي اميدوار عنايت حسين گجراڻي 472 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.ڪرمپور يونين ڪائونسل ۾ ضلع ميمبر جي سيٽ تي پيپلز پارٽي اميدوار اعجاز بجاراڻي 2992 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، يونين ڪائونسل ڪرمپور ۾ چيئرمين امتياز بجاراڻي ۽ وائيس چيئرمين عبدالرب بجاراڻي اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي ڪرمپور تي شيراز بجاراڻي ۽ وائيس چيئرمين مکي سنيل ڪمار بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي.نئون ديرو ميونسپل ڪاميٽي جي 7 وارڊن تي پيپلز پارٽي جي 7 ئي اميدوارن مخالفن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.وارڊ 1 تي پ پ اميدوار عارف سومرو 700 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،وارڊ 2 تي پ پ اميدوار نبي بخش کوکر 844 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ 3 تي پ پ اميدوار ظهير ميراڻي 1184 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار ڪاشان قاضي 1178 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ 6 تي پ پ جو نامزد اميدوار سيد ڪاشف اعظم راشدي اڳواٽ بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو، وارڊ 7 تي پ پ اميدوار محمد انور ٻرڙو 976 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو وڳڻ ٽائون جي پنجن مان ٽن وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿيا. وارڊ نمبر ھڪ تي پ پ اميدوار عبدالباري 541 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. وارڊ نمبر 2 تي پ پ جو خليل وڳڻ 600 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. ھڪ وارڊ نمبر 3 تي آزاد اميدوار جو چونڊ نشان نه اچڻ سبب ڪينسل ڪئي وئي. وارڊ 4 نمبر وارڊ تي پ پ اميدوار مختيار جتوئي 558 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. وارڊ پنج تي پ پ جو اڪبر مغيري 375 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو. يوسي ياروديرو تي پ پ پ جو چيئرمين جو اميدوار ڪليم الله تنيو 1400 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، يوسي چئوديرو تي پ پ پ چيئرمين اميدوار دانش تنيو ٿيو. شڪارپور ۾ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويا آھن. باڊھه ٽائون جي 14 وارڊن تي جي ڊي اي ميدان ماري ورتو،ٽائون ڪاميٽي جي ٽوٽل 14 وارڊن مان غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب 7 وارڊن تي جي ڊي اي جا اميدوار ڪامياب جڏهن ته 6 وارڊن تي پ پ جا اميدوار سوڀارا ٿيا ، هڪ وارڊ تي جي يو آءِ ف جو اميدوار ڪامياب ٿي سگهيو

بڊاڻي يونين ڪائونسل تي پيپلز پارٽي طرفان ضلعي ڪائونسل اميدوار خالد ڀٽو 1446 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، يوسي چيئرمين لاءِ پيپلزپارٽي اميدوار  مير حسن سانگي 1783 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي  جا ڏھ وارڊ نئوديرو ميونسپل ڪاميٽي جا ست وارڊ ۽  يونين ڪائونسل وڏا ٻوسڻ ،  يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي ، يونين ڪائونسل جمع اگهم ، يونين ڪائونسل لاشاري ، يونين ڪائونسل وليداد ويسر ، يونين ڪائونسل بنگلديرو ، يونين ڪائونسل طيب ايٽ ڀانڊو قبو ،يونين ڪائونسل موسيٰ جي وانڍ يونين ڪائونسل بهمڻ سميت يارنهن يونين ڪائوسل پڻ  کٽي ورتيون آھن جڏھن ته يونين ڪائونسل پير بخش ڀٽو پي ٽي آءِ کٽي ورتي آھي.  شڪارپور ميونسپل جي 30 وارڊن مان 29 وارڊن تي پ پ ڪاميابي ماڻي ورتي آھي جڏھن ته هڪ وارڊ جي يو آءِ اميدوار ڪامياب ٿي ويو آھي،وارڊ ھڪ تي مورڻ سنجراڻي، وارڊ 2 تي عاطف شيخ، وارڊ 3 تي پ پ اميدوار منور سنجراڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، وارڊ 4 تي اڳوڻي صوبائي وزير مقبول شيخ جو پٽ محسن شيخ، وارڊ 10 تي اڳوڻو تعلقي ناظم ظفر شيخ, وارڊ 8 تي ميونسپل جو اڳوڻو وائيس چيئرمين خالد شيخ, وارڊ 22 تي ممتاز ڀٽو, وارڊ 15 تي اقبال عباسي, وارڊ 14 تي اڳوڻي صوبائي وزير مقبول شيخ جو پٽ فياض محمود شيخ, وارڊ 16 تي عورت اميدوار آپا نگهت منگي, وارڊ 19 تي شير علي سومرو, وارڊ 24 حضور احمد سومرو, وارڊ 12 تي ميونسپل جو اڳوڻو چيئرمين عقيل عباس سومرو, وارڊ 25 تي شمشاد ميمڻ, وارڊ 17 تي عبدالطيف ٻرڙو, وارڊ 29 تي آغا محمد صلاح پٺاڻ, وارڊ 30 تي لالا سرفراز پٺاڻ, وارڊ 28 تي بلاول مهر, وارڊ 18 تي شھباز آرائين, وارڊ 13 تي سچل جکرو,  وارڊ 9 تي شير محمد شيخ, وارڊ 6 تي صادق شيخ, وارڊ 7 تي بابر بروهي شامل آھن, جڏھن ته وارڊ 26 تي جي يو آء جو حافظ منيب سومرو ۽ وارڊ 11 تي آزاد اميدوار خالد هڪڙو  ڪامياب ٿي ويا آھن.همايون شريف يوسي تي پيپلزپارٽي چيئرمين اميدوار درمحمد سڌايو 2252 ووٽ کڻي کٽي ويو. ضلعي ميمبر لاءِ پيپلز پارٽي اميدوار منور بکراڻي 1774ووٽ کڻي کٽي ويو. يوسي جهان واهه تي به پيپلزپارٽي جي چيئرمين اميدوار ارشد جکراڻي 880 ووٽ کڻي کٽي ويو. ضلعي ميمبر لاءِ پيپلز پارٽي اميدوار مراد ڀيو 710 ووٽ کڻي کٽي ويو. يوسي علي بحر تي به مير بابل خان ڀيو سميت پوري پيپلز پارٽي جي  پينل سوڀ ماڻي ورتي. يوسي سلطان ڪوٽ جو رزلٽ ناهي ملي سگهيو پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ اميدوار بيٺل هئا.ڪنڌڪوٽ ميونسپل جي 12 وارڊن تي پ پ اميدوار سوڀارا ٿيا، وارڊ نمبر 1 تي پ پ اميدوار راشد سندراڻي 631 ووٽ کڻي ڪامياب.ٿيو، وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار عبدالطيف کوسو 381  ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار خان محمد سومرو 907 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ نمبر 6 تي پيپلز پارٽي اميدوار آفتاب ڍال جکراڻي 937 کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ 8 تي پ پ حمايتي يافتا جماعت اسلامي اميدوار سليم الله خلجي 628 ووٽ کڻي کٽي ويو، وارڊ نمبر 10 تي پ پ اميدوار احسان ملڪ  806 ووٽ کنيا، وارڊ نمبر 11 تي پ پ اميدوار مشتاق چاچڙ 361 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ 12 تي پ پ اميدوار مهيندر ڪمار 323 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ 13 ۾ پ پ اميدوار شير محمد سهرياڻي 586 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ نمبر 14 تي پ پ اميدوار مختيار سهرياڻي 407 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ 15 تي جي يو آءِ اميدوار سجاد چاچڙ 187 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، ياد رهي ته ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جا 16 وارڊ آهن، جن مان اليڪشن کان اڳواٽ ئي 4 پ پ اميدوار ۽ حمايتي يافتا اميدوار ڪامياب ٿي چڪا آهن. تعلقي ڏوڪري جي 10 يونين ڪائونسلن تي 9 يونين ڪائونسلن تي پ پ جا اميدوار چئرمين چونڊجي ويا.9 يونين ڪائونسلن تي پ پ ضلعي ڪائونسل جون سيٽون به ٻھاري وئي، يونين ڪائونسل سيهڙ،يارو لاکير،وڏي وهڻي،موهن جو دڙو/ايٽ بگي،وڪڙو،ڪاراڻي،گاجي ديرو.ڳجهڙ،دڙا جي يونين ڪائونسلن تي پ پ ميدان ماري ورتو،يوسي ٽاٽڙي تي جي ڊي اي کي هڪ سيٽ ملي سگهي جاويد سامٽيو جي ڊي اي جي سيٽ تي يوسي ٽاٽڙي جو چئرمين چونڊجي ويو جي ڊي اي جو هڪ اميدوار ضلعي ڪائونسل جي سيٽ به کٽي ورتي.آريجا ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 1 تي پ پ اميدوار خالد سيف الله آريجو  354 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ 2 تي پ پ جي حزب الله آريجو 332 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ 3 تي پ پ اميدوار ممتاز کوهارو 315  ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ 4 تي پ پ جي احمد علي سھڙو 479 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ 5 تي پ پ جي اميدوار محمد اويس سھڙو 319 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو،وارڊ 6 تي پ پ جي محمد محسن آريجو 264 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ 7 تي پ پ جي شاهنواز سنديلو 618 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، آريجا ٽائون جي ست وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿيا. باقراڻي تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي ڳيريلو جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب وارڊ 1جو نتيجو ٻن ووٽن جي تڪرار سبب پينڊنگ ۾ رکيو ويو آهي جڏهن ته وارڊ نمبر 2 جي ڊي اي اميدوار محمد عرس جلباڻي 884 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو سندس مقابلي ۾ پ پ اميدوار شعيب ڪماريو 559 ووٽ کنيا ، وارڊ 3 تي پ پ جي اميدوار سعيد احمد عباسي 685 کڻي ڪامياب ٿي ويو ، جي ڊي اي جي علي حسن ميئو 535 ووٽ پڻ کنيا آهن . باڊھه ٽائون جي 14 وارڊن تي جي ڊي اي ميدان ماري ورتو،ٽائون ڪاميٽي جي ٽوٽل 14 وارڊن مان غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب 7 وارڊن تي جي ڊي اي جا اميدوار ڪامياب جڏهن ته 6 وارڊن تي پ پ جا اميدوار سوڀارا ٿيا ، هڪ وارڊ تي جي يو آءِ ف جو اميدوار ڪامياب ٿي سگهيو بڊاڻي يونين ڪائونسل تي پيپلز پارٽي طرفان ضلعي ڪائونسل اميدوار خالد ڀٽو 1446 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، يوسي چيئرمين لاءِ پيپلزپارٽي اميدوار  مير حسن سانگي 1783 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.ڳيريلو ٽائون جي وارڊ 3 تي پ پ اميدوار سعيد عباسي 685 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، وارڊ 2 تي جي ڊي اي اميدوار محمد عرس جلباڻي 885ووت کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ 1 تي ٻن ووٽن جو فرق ٿيڻ سبب پ پ اميدوار عطاءَ الله ميئو ۽ جي ڊي اي اميدوار رسول بخش ابڙو ۾ ڦڏو ٿي پيو جنهن جو نتيجو پڻ روڪيو ويو آهي، ڏوڪري ٽائون تي پيپلز پارٽي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌچڪو، جي ڊي اي ميدان ماري ورتو، وارڊ نمبر 1 تي جي ڊي اي اميدوار سيف الله سومرو 313 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، وارڊ نمبر 2 تي پي ٽي آءِ اميدوار جو نشان موجود نه ھئڻ ڪري پولنگ جو عمل بند ڪيو ويو.وارڊ نمبر 3 تي جي ڊي اي اميدوار محراب علي خاصخيلي 283 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ نمبر 5 تي جي ڊي اي اميدوار عبدالحميد جيسر 541 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. شھدادڪوٽ ميونسپل جي 14 مان 11 وارڊن تي پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.وارڊ نمبر 1 تي پ پ اميدوار صدام حسين لاشاري 559 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. وارڊ نمبر 2 تي پي ٽي آءِ اميدوار ممتاز مستوئي 363 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. وارڊ نمبر 3 تي پيپلزپارٽي اميدوار طارق حسين بروھي 272 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو. وارڊ نمبر 4  تي پيپلزپارٽي اميدوار فھد علي لانگاھ 637 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. وارڊ نمبر 6 تي آزاد اميدوار ڪرم خان مگسي 658 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. وارڊ نمبر 7 تي پ پ پ اميدوار بابو ڪرم خان بروھي 875 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. وارڊ نمبر 8 تي پيپلزپارٽي اميدوار غلام عباس سومرو پڻ ڪامياب ٿي ويو.وارڊ نمبر 11 تي آزاد اميدوار محمد ياسين رند 434 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. وارڊ نمبر 13 تي پيپلز پارٽي اميدوار يار محمد سومرو 941 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. وارڊ نمبر 14 تي پيپلزپارٽي اميدوار پرڪاش ھرياڻي 875 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.گاجي کهاوڙ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 1 تي پ پ اميدوار سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ 635 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار ارشاهه شاه 866 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار همٿ علي چانڊيو 443 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ، وارڊ نمبر 4 تي آزاد اميدوار عرفان علي لاڙ 550 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، وارڊ نمبر 5 تي پ پ اميدوار اعجاز احمد سولنگي 724 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، بخشاپور ٽائون جي ٽن وارڊن تي پي ٽي آءِ اميدوار ڪامياب ٿيا ، وارڊ 1 تي پي ٽي آءِ جي سالار ڊومڪي 585 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، وارڊ نمبر 2 تي پي ٽي آءِ جي محمد حنيف ڊومڪي  649 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، وارڊ نمبر 3 تي پي ٽي آءِ جي مير محمد ڇڄڻ 894 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو.

شهيد بينظير آباد ڊويزن

نوابشاهه ميونسپل ڪارپوريشن جي ٻن ٽائون ڪاميٽين اولڊ نوابشاھ ٽائون ڪميٽي ۽ ايڇ ايم خواجا ٽائون ڪاميٽي ٽو جي 18 يونين ڪائونسلن تي پ  پ اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته ڪجھه وارڊن تي ايم ڪيو ايم، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ آزاد اميدوارن به سوڀ ماڻي آهي،ڄام صاحب ٽائون ڪاميٽي جي چئني وارڊن تي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ جا اميدوار ڪامياب، وارڊ نمبر ھڪ  تي پ پ اميدوار عبدالله خان شر 504 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا، جي ڊي اي جي اسلم ڏاھري 370 کنيا، وارڊ 2 تي پ پ اميدوار غلام محمد بروھي 588 ووٽ کڻي سوڀارو، آزاد اميدوار رحيم بخش وسطڙو 240 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 3 تي پ پ اميدوار امان الله بگٽي 500 ووٽ کڻي ڪامياب، آزاد اميدوار غلام مرتضيٰ بروھي 285 ووٽ کنيا، وارڊ 4 تي  پ پ اميدوار ھادي بخش لاشاري 816 ووٽ کڻي ڪامياب، آزاد اميدوار سيد زنوار شاھ 232 ووٽ کڻي ٻئي تي رهيو.قاضي احمد ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن مان 4 تي پ پ ۽ هڪ تي آزاد اميدوار ڪامياب، وارڊ هڪ تي پ پ اميدوار غفار جتوئي 525 ووٽ کڻي ڪامياب، جي ڊي اي جو عمران  ملاح 234 ووٽ کنيا، وارڊ 2 تي پ پ اميدوار پير ظاهر شاھ 640 ووٽ کڻي ڪامياب، پي ٽي آءِ جو عبدالقادر خلجي 95 ووٽ کنيا، وارڊ 4 تي پ پ اميدوار قربان لاشاري 372 ووٽ کڻي ڪامياب، ايس يو پي اميدوار لکمير جتوئي 189 ووٽ کنيا، وارڊ 7 تي پ پ اميدوار خان محمد لاکو 602 ووٽ کڻي ڪامياب، جي ڊي اي جي انور علي شاھ 583 ووٽ کنيا، وارڊ 5 تي آزاد اميدوار الطاف بالادي 433 ووٽ کڻي پ پ اميدوار حيدر راهو کي هارائي ڇڏيو،ڪنڊيارو ۾ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ هڪ تي پ پ جو اصغر قريشي 333 ووٽ کڻي ڪامياب، جي يو آءِ جي عبدالواسع آگرو 28 ووٽ کنيا، وارڊ 2 تي پي ٽي آءِ جو غفار قريشي 314 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ جو شوڪت قريشي 269 ووٽ حاصل ڪيا، وارڊ 4 تي پ پ جو سليم آگرو 327 ووٽ کڻي ڪامياب، جي يو آءِ جو مولانا عبدالمجيب سومرو 156 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 5 تي پ پ جو سڪندر ڏپير 348 ووٽ کڻي سوڀارو، جي يو  آءِ جو رمضان خاصخيلي 99 ووٽ کنيا، وارڊ 6 تي پ پ جي مير خان سهتو 456 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب، آزاد اميدوار منور ڪليري 208 ووٽ کنيا، وارڊ 7 تي پ پ جو مقيم ڪليري 482 ووٽ کڻي ڪامياب، آزاد اميدوار نظام الدين ابڙو 127 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 8 تي پ پ جو محمد زمان پيرزادو 286 ووٽ حاصل  ڪري ڪامياب، آزاد اميدوار اسد الله چنا 99 ووٽ کنيا، وارڊ 10 تي پ پ  جو سرفراز قريشي 300 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب، جي يو آءِ جي مولانا شڪور 56 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 11 تي پ پ جو اڪرم قريشي 669 ووٽ کڻي ڪامياب، جي يو آءِ جي مولانا عطاءُ الله  269 ووٽ کنيا، وارڊ 12 تي پ پ جي عابد شاهه 577 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب، جي يو آءِ جي عبدالوحيد ملاح 173 ووٽ حاصل ڪيا، جڏھن ته ٻن وارڊن تي پ پ اميدوار اڳ ئي ڪامياب ٿي چڪا آهن. ڀرياروڊ ٽائون ڪاميٽي جي 8 وارڊن مان 5 تي پ پ، 3 تي نواز ليگ ڪامياب، وارڊ هڪ تي پ پ اميدوار امتياز آرائين 850 ووٽ کڻي ڪامياب، وارڊ 2 نواز ليگ جو لالا عبدالڪريم ڪاڪڙ، وارڊ 3 تي پ پ جو گلاب ڪيريو، وارڊ 4 تي نواز ليگ جو زيد ڪيريو، وارڊ 5 تي نواز ليگ جو ملڪ وسيم اعواڻ جڏھن  ته وارڊ 6 تي پ پ جي امير علي شا ڪاميابي ماڻي ورتي، ھالاڻي ٽائون ڪاميٽي جي7 ئي وارڊن تي پ پ ڪامياب، وارڊ هڪ تي الهرکيو مهيسر، وارڊ 2 تي شاھد گاڏھي، وارڊ 3 تي بابر شاهه، وارڊ 4 تي انورسولنگي، وارڊ 5 تي پ پ ايم اين اي ابرار شاھ جو پٽ عاقل شاهه، وارڊ 6 تي سرفراز رند، وارڊ 7 تي وڪيل شفقت سھتو ڪاميابي ماڻي، مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي جي 6 وارڊن تي پ پ جا اميدوار مظھر مشوري، مظھر پنھور، ابوذر پنھور، اختر علي چانڊيو، ٻڍل ملڪ، مختيار سھتو  ڪامياب ٿي ويا،مورو ميونسپل جي 23 وارڊن مان 22 وارڊ پ پ کڻي ورتا، پ پ جي ڪامياب اميدوارن ۾ غلام حسين سولنگي، ذوالفقار چوھاڻ، جان عالم، ماجد قريشي، گلزار ڀٽو، دوست سولنگي، نظير ميمڻ، ايڊووڪيٽ الله بخش، ستار لانگاھ، محمد بخش ھليو، لياقت سرھيو، ساجن سولنگي، زاھد سولنگي، عامر زرداري، شمن سولنگي، اڪرم چانڊيو، اڪرم آرائين، انور قائمخاني، ساجن سولنگي، سليمان ابڙو شامل آهن، يوسي لاکاروڊ ۾ پ پ اميدوار ظھير حسين لاکو ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ فياض احمد لوڌي چيئرمين چونڊجي ويا،سانگھڙ ميونسپل ڪاميٽي جي 12 وارڊن مان 6 وارڊن تي جي ڊي اي ۽ 6 وارڊن تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿيا،  کڏڙو ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ هڪ تي جي ڊي اي اميدوار رحيم بخش ماري 891 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ اميدوار مير منظور ٽالپر376 ووٽ کنيا، وارڊ 2 تي پ پ جو محمد سرور ملڪ 682 ووٽ کڻي ڪامياب، جي ڊي اي اميدوار غلام حسين ملڪ 531 ووٽ کنيا، وارڊ 3 تي پ پ جو محمد حنيف ٽالپر 548 ووٽ کڻي ڪامياب، جي ڊي اي اميدوار سليمان ٽالپر 219 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 4 تي جي ڊي اي اميدوار غلام رضا خاصخيلي 302 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ اميدوار لکانو خاصخيلي 276 ووٽ کنيا، وارڊ 5 تي آزاد اميدوار نياز جوڻيجو ڪامياب، پ پ اميدوار مقبول ٽالپر هارائي ويو، ٽنڊو آدم ميونسپل جي 23  وارڊن مان پ پ 21 ٻهاري وئي، 2 آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا، پ پ جي ڪامياب اميدوارن ۾ لالا ايوب، لالا عمير خان، عامر خاصخيلي، امتياز آرائين، تاج محمد ملڪ، دين محمد مري، ملڪ اسماعيل، شهباز ڊوگر، ملڪ ذوالفقار روشن ، حاجي صلاح الدين انصاري، عبدالحق راجپوت، انورعلي عباسي، غلام محمد راجپوت، راجا ظهور ايڊوڪيٽ، غلام محمد ميمڻ ۽ شاهد بلوچ شامل آهن،جھول ٽائون ڪاميٽي جي 6 وارڊن مان 5 تي پ پ ۽ هڪ تي جي ڊي اي ڪامياب، پ پ جي سوڀ ماڻيندڙن ۾ راشد علي راجپوت، اشرف کرل، اسد شر، خان محمد خاصخيلي ۽ پريتم ميگهواڙ شامل آهن، جڏهن ته هڪ وارڊ تان جي ڊي اي جو اميدوار ڪريم بخش چنڙ سوڀارو ٿيو، شاھپورچاڪر ٽائون ڪاميٽي جي 8 وارڊن مان 7 تي پ پ ڪامياب، ھڪ وارڊ تي جي ڊي اي اميدوار سوڀ ماڻي، ڪامياب ٿيل پ پ اميدوارن ۾ فتح محمد جاريڪو، عابد علي ڏاهري، گل محمد ڏاهري، بابر امير عمراڻي، عبدالغفار عمراڻي، سالم رند، جڏهن ته وارڊ هڪ تي جي ڊي اي جي صدام خاصخيلي ڪامياب ٿيو،کپرو سٽي ۾ پ پ اڪٽريت سان ڪامياب، کپروٽائون ڪاميٽي جي 18 وارڊن مان پ پ 11 تي ڪاميابي ماڻي، پ پ جي ڪامياب اميدوارن ۾ گل محمد لاشاري، يعقوب ملڪ، امتياز درس، حنيف قائمخاني، شاھين بانو، خليفو خان محمد بوزدار، اقبال جٽ، وسيم قائمخاني، عباس ھنگورجو، سانوڻ مري، جڏهن ته جي ڊي اي جي ڪامياب اميدوارن ۾ عليم ھنگورو، الهه بخش جٽ، ڊاڪٽر  گوبند رام، غلام فريد جٽ، موھن مکي، هڪ تي پي ٽي آءِ جو اسلم جٽ ۽ هڪ تي آزاد اميدوار ارشاد ڪنڀر شامل آهن، ٽائون ڪاميٽي ٻيراڻي جي 5 وارڊن تي پ پ جا اميدوار ڪامياب، ڪامياب اميدوارن ۾ شازيا مري جو ڀاءُ اورنگ زيب مري، اختر راجپوت، ممتاز علي عرف پپو شاه، محمد علي راجپوت، نادر مري شامل آهن.

ميرپور  خاص ڊويزن

ھنڱورنو ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن مان 3 تي پ پ ۽ 2 تي جي ڊي جا اميدوار ڪامياب، وارڊ هڪ تي پ پ جو اسماعيل شيخ 552 ووٽ کڻي ڪامياب، جي ڊي اي جي مراد علي راڄڙ 326 ووٽ کنيا، وارڊ 2 تي پ پ جو دادو بروهي 129ووٽ حاصل ڪري ڪامياب، جي ڊي اي جو جان محمد پھوڙ 123 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 3 تي پ پ جي رخسانا شر 540 ووٽ کڻي سوڀاري، جي ڊي اي جو فدا ھاليپوٽو 360 ووٽ کنيا، وارڊ 4 تي جي ڊي اي جو نبن شر 429 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جو ڪليم ھاليپوٽو 357 ووٽ حاصل ڪيا، وارڊ 5 تي جي ڊي اي جو خان محمد پھوڙ 268 ووٽ کڻي پ پ جي غني کي هارائي ڇڏيو، پ پ اميدوار 242 ووٽ کڻي سگهيو، ميرواهه گورچاڻي ٽائون ڪاميٽي جي 8 وارڊن مان 4 تي پ پ، ٻن تي ايم ڪيو ايم ۽ هڪ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن هڪ جو نتيجو روڪيو ويو آهي پر ان تي به پ پ کي سرسي آهي. وارڊ نمبر هڪ آزاد اميدوار علي نواز شاھ گروپ جو حاجي علي احمد گورچاڻي 370 ووٽ کڻي، وارڊ نمبر 2 پيپلزپارٽي جو هيرالال ميگھواڙ 459 ووٽ،  وارڊ نمبر 3 تي پيپلزپارٽي جو راڻا اسلامت علي راجپوت 470ووٽ،  وارڊ نمبر 4 پيپلزپارٽي جو چوڌري منير احمد آرائين 488 ووٽ،  وارڊ نمبر 5 تي متحده قومي موومينٽ جو راڻا نصير احمد راجپوت 502ووٽ،  وارڊ نمبر 6 تي متحده قومي موومينٽ جو اميدوار رائو ضياءالقاسمي راجپوت 311 ووٽ، وارڊ نمبر 7 پيپلزپارٽي جو راڻا سليم اختر راجپوت 287 ووٽ، وارڊ نمبر 8 تي پيپلزپارٽي جو احسان الحق آرائين 601ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ڊگهڙي ٽائون ڪاميٽي جي 9 وارڊن تي ٿيل چونڊ ۾ پ پ اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، لطيف آرائين، آصف جٽ، نديم نقشبندي، شهزاد آرائين، راڻا ياسين، وقاص اڪرم آرائين، ساجد قائمخاني، سرور آرائين، ميرعبدالرافع ٽالپر شامل آهن، جڏهن ته ساجد فاروق آرائين، نويد بلوچ، ذوالفقار ٽالپر، جان محمد ٽالپر اڳ ئي بنامقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، هڪ وارڊ 13تي نواز ليگ اميدوار افضل آرائين پڻ بنامقابلي ڪاميابي ماڻي هئي، نئون ڪوٽ ٽائون ڪميٽي جي 9 وارڊن مان 6 وارڊ پ پ ٻهاري وئي، ٻن وارڊن تي ايم ڪيو ايم اميدوار ۽ هڪ وارڊ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا، جھڏو ٽائون ڪميٽي جي 11 وارڊن مان 08 تي پ پ ۽ 3 تي آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي، پ پ جي ڪامياب اميدوارن ۾ يار محمد خاصخيلي ، سعد آرائين، مير ڪامران ٽالپر، حماد آرائين، شمشاد راجپوت، ظفر آرائين، ايوب نظر قائمخاني، امداد شاھ شامل آهن، جڏهن ته آزاد اميدوارن ۾ اشفاق راجپوت، جاويد ظفر قائمخاني ۽ علي گلزار قائمخاني شامل آهن،مٺي ميونسپل ڪاميٽي ۽ 6 ٽائون ڪاميٽين مان 5 ٽائون ڪاميٽين تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا، ننگرپارڪر ٽائون ڪاميٽي تي پي ٽي آءِ اميدوارن کي سرسي حاصل آھي، جڏهن ته مٺي ميونسپل ڪاميٽي سميت ڏيپلو ۽ چيلهار ٽائون ڪاميٽين جي مختلف ٽن وارڊن تي پ پ جي اهم اڳواڻن کي آزاد اميدوارن هارائي ڇڏيو آھي، پ پ جي ڪامياب ٿيل اميدوارن ۾ ڊاڪٽر منوج ملاڻي، ونيش ڀڳت، سشيل سوني،  شبير ڌرماڻي، سومجي ميگهواڙ،  ڪنور امر، کاٽائو مکي، مولشنڪر ويرجياڻي، گل حسن خيراڻي، سروپ سوٽھڙ، بهلول بجير، ونيش ڪرماڻي، منوج راٺي، جانجهڻ ميگهواڙ شامل آھن، ڏيپلو ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن مان 4 پ پ ۽ ھڪ وارڊ تي آزاد اميدوار ڪامياب، وارڊ هڪ تي پ پ اميدوار نواز علي جوڻيجو 1248ووٽ ڱڻي ڪامياب، پي ٽي آءِ جي عبدالعزيز 309 ووٽ کنيا، وارڊ 2 آزاد اميدوار شريف ميمڻ 490 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ سينيٽر گيان چند جو وڏو ڀاءُ پ پ اميدوار ۽ اڳوڻو چيئرمين موھن لال 289 ووٽ کنيا، وارڊ 3 تي پ پ جي ميٺارام ميگھواڙ 811 ووٽ کڻي ڪامياب، آزاد اميدوار قيمت راءِ 289 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 5 تي پ پ جو جھانگير ڪلر 47 ووٽ کڻي ڪامياب، آزاد اميدوار الطاف ميمڻ 36 ووٽ کنيا، چيلھار ٽائون ڪميٽي جي 4 وارڊن مان ٻن تي آزاد اميدوار ۽ 2 تي پي پي جا اميدوار ڪامياب ٿيا. 2 وارڊ تي آزاد اميدوار جگديش راساڻي 532 ووٽ کڻي کٽيو،وارڊ نمبر ھڪ تي آزاد اميدوار رستم راٺوڙ 550 ووٽ کڻي کٽي ويو وارڊ نمبر 3 تي پي پي پي جي کٽيل اميدوار عرس ڪونڀر 681 ووٽ کنيا وارڊ نمبر 2 تي پي پي جو پرديپ مھراج بنا مقابلي ڪامياب ٿيو هو.اسلام ڪوٽ ٽائون جي ٻن وارڊن جي اليڪشن ۾ وارڊ نمبر 2  تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب  پ پ پ جو ڊاڪٽر شنڪرلال 631 کڻي ۽ وارڊ نمبر 5 تي پ پ پ جو ڪرشن سنگھه راجپوت 863 کڻي ڪامياب ٿي ويو. ڇور ٽائون ڪاميٽي جي 7 وراڊن مان پ پ ۽ جي ڊي اي- 3 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي ورتي، ھڪ وارڊ تي جي يو آءِ جو اميدوار ڪامياب، وارڊ هڪ تي پ پ ج ھندوسنگھه 670 ووٽ کڻي کٽي ويو، جي ڊي اي اميدوار راڄو ڀيل 270 ووٽ کنيا، وارڊ 2 تي ڊي اي  اميدوار سومرو ڀيل 118 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جو اقبال آريسر 79 ووٽ کڻي سگھيو، وارڊ 3 تي جي ڊي اي اميدوار الھبچايو مڱريو 247 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پ پ اميدوار عمر اعجاز 179ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 4 تي جي ڊي اي اميدوار مولوي محمود 621 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ اميدوار عرس نھڙي  570 ووٽ کڻي ھارائي ويو، وارڊ 5 تي پ پ اميدوار نظر محمد آريسر 128 ووٽ کڻي ڪامياب، جي ڊي اي جو اميدوار 14 ووٽ کڻي سگھيو، وارڊ 6 تي جي يو آءِ جو مولانا يعقوب نعماني 304 ووٽ کڻي ڪامياب، جي ڊي اي اميدوار منورعلي نھڙي  234 ووٽ کڻي سگهيو، وارڊ 7 تي پ پ جو احسان مڱريو 426 ووٽ کڻي ڪامياب، جي ڊي اي جي سورج ڀيل 412 ووٽ کڻي سگهيو.