ڪراچي: پي ٽي آءِ ميمبرن اسيمبلي اچڻ کان اڳ گورنر هائوس ۾ اجلاس ڪري حڪمت عملي جوڙي * اسيمبلي ۾ هميشه کٽي ايندڙ ميمبر ئي هار پائي دهل شرنائين سان ايندا رهندا آهن پر پهريون ڀيرو اسپيڪر جن ميمبرن تي پابندي لڳائي، انهن کي هار پارائي آندو ويو*پي ٽي آءِ جي عديل احمد پوليس سان چڪرين دوران اسيمبلي جي گيٽ کي لتون هڻڻ بعد مٿان چڙهي اندر ٽپو ڏنو*پي ٽي آءِ ميمبرن جڏهن پوليس آفيسرن سان جھيڙو ڪيو ته ڪيترائي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار صحافين آڏو دانهين ٿيا ته کين ڌمڪايو پيو وڃي ۽ ميمبر گاريون پيا ڏين * پي ٽي آءِ ميمبرن جي ڌرڻي دوران پوليس اٽالن سنڌ اسيمبلي جا رستا بند ڪري عام ماڻهن جي اچ وڃ بند ڪري ڇڏي.