پي ٽي آءِ جي تڏا ويڙهه جو تعويذ بڻيل ‘جملو’

0
530
پي ٽي آءِ جي تڏا ويڙهه جو تعويذ بڻيل ‘جملو’

  “موگمبو خوش هوا” ۽ “گڊ ٽُو سِي يُو“ ۾ ڪيتري نه هڪجهڙائي آهي! فرق صرف ايترو آهي ته بالي ووڊ جي فلم” مسٽر انڊيا” ۾ امريش پوري جڏهن اهو ڊائلاگ فلم جي هيرو انيل ڪپور کي پنهنجي سلطنت ۾ ڏسي چوندو آهي ته انهيءَ بعد امريش پوري جي فلم اندر ڏيکاريل سندس سلطنت جو خاتمو اچي ويندو آهي، پر پاڪستان ۾ وري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر عمران خان کي گرفتاريءَ بعد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ تي کيس ”گُڊ ٽُو سِي يُو“ چوڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جو خاتمو شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان جي سياست تي ۲۰۱۴ع بعد مڪمل طور ڇانئجي ويل تحريڪ انصاف ۽ انهيءَ جو ليڊر عمران خان ناقابلِ شڪست بڻجي چڪا هئا ۽ سڀني کي اهو پئي نظر آيو ته پاڪستان جي عمراني قيادت ۾ انصافي حڪومت هر ايندڙ ڏينهن ايتري ته مضبوط ٿيندي ويندي، جو انهن کي ڪير شڪست به نه ڏئي سگهندو. ۲۰۱۸ع جون عام چونڊون ٿيون. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ کي واضح اڪثريت ته نه حاصل ٿي سگهي، پر کيس ايتريون سيٽون ملي ويون جو آزاد اميدوارن جي خريد فروخت ۽ ڪجهه لٺ ۽ چٺ تي ملندڙ اتحادين جي مدد سان سندن وفاق ۾ حڪومت جڙي ٿي سگهي. هڪ طرف جهانگير ترين جي اي ٽي ايم جي ان لميٽيڊ اوپننگ ۽ جهاز جي اوچين اڏامن ڪيترن ئي آزاد اميدوارن کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪرائي ته ٻئي پاسي وطن سان لازوال محبت ۾ مبتلا ڇڙيءَ جي ڪمال تي “ڀائي لوگ” ۽ “باپ” به سندن اتحادي بڻايا ويا. پي ٽي آءِ کي مليل اقتدار عمران خان ۽ سندس پارٽي جي مکيا قيادت لاءِ اهڙي نشي جو ڪارڻ بڻجي ويو، جو هنن پنهنجي اڏو ايندڙ هر دوست دشمن، سڄڻ ۽ خير خواهه کي به لتاڙڻ شروع ڪيو. “چور چور” جي شور ۾ مخالف جماعتن کي ته هنن نيب جي وسيلي گهلڻ شروع ڪيو پر هڪ موقعو اهڙو به آيو، جو انهيءَ “چور چور” جي شور ۾ سندن مُک مهرو جهانگير ترين به سندن نشاني ۾ اچي ويو. جهانگير ترين جان جي امان وٺي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. ٻئي طرف وري ملڪ کان ٻاهران آيل مهمان قيادت، شهزااد اڪبر، ذلفي بخاري ۽ شهباز گل، ايمانداريءَ جي چوغي ۾ اهڙا ته ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي اڳتي هلي پي ٽي آءِ جي ڳلي ۾ گهلڻ جي لاءِ بهتر نموني فٽ ٿي سگهيا ٿي.

فوج ۽ اسٽئبلشمينٽ سان هڪ پيج تي هجڻ جون دعوائون ڪندڙ پي ٽي آءِ هر وقت اهو باور ڪرائيندي رهي ته ملڪ ۾ هاڻي ڪرپٽ سياستدانن ۽ جماعتن جو ڪو مستقبل ڪونهي. اربين رپين جي چورن کان وصوليءَ جون دعوائون ڪندڙ ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ انهن جي رکيل پئسن کي ملڪ ۾ واپس آڻڻ ۽ ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جي دعوا ڪرڻ واري جماعت ملڪ رياض جي لنڊن مان هڪ سئو نوي ارب ڊالرن جي واپسيءَ جي مامري ۽ توشا خاني جي ڪروڙين رپين جي ماليت جي گهڙيءَ جي اسڪينڊل ۾ سوگهي ٿي پئي. مخالف جماعتن جي قيادت ۾ نواز شريف، سندس خاندان ۽ مکيه پارٽي قيادت کي سختي سهڻي پئي. نواز شريف سگهارن ادارن جي سفارش تي ڪنهن طرح ملڪ کان نڪري ويو، پر سندس جماعت پنجاب جي اندر اسٽئبلشمينٽ مخالف ماحول ٺاهڻ جي جيڪا ڪوشش ڪندي رهي، انهيءَ نون ليگ جي قيادت سان ڳالهين جي رستن کي هموار ڪيو. مولانا فضل الرحمان جي ڪوششن سان پي ڊي ايم وجود ۾ اچي ويو ۽ عمران خان جي حڪومت کي وقتن بوقتن جهٽڪا ڏيڻ جي لاءِ ماحول گرم ٿيندو رهيو. پي ڊي ايم جي جماعتن جي مختلف خيالن جي پيش نظر ڪا به وڏي عوامي تحريڪ نه اڀري سگهي، پر ايوان اندر تبديلي جي لاءِ اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ گهوڙن جي منڊي لڳڻ شروع ٿي وئي. “باپ” ۽ “ڀائي لوگ” به پنهنجي اصلي مالڪن جي اشاري تي رٺل رکيل جيئن پي ٽي آءِ کان منهن ڦيري کين مايوس ڪري وڌو. ڏسندي ئي ڏسندي جنهن عمراني اقتدار جي انصافي حڪومت، جنهن کي ناقابل شڪست ٿي سمجهيو ويو، هڪ ئي جهٽڪي ۾ اچي پٽ پئي. اقتدار جو صدمو عمران خان کي ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت کي ايترو ٿيو، جو ماضيءَ جي محسنن سان به مهاڏو اٽڪائي وڌائون.

ڳالهه اسلام آباد جي اقتدار کسجڻ تائين بند نه ٿي. هڪ طرف عمران خان مقامي اسٽئبلشمينٽ ۽ عالمي اسٽئبلشمينٽ سان ٽڪراءُ وڌائيندو ويو ته ٻئي طرف مقامي اسٽئبلشمينٽ پنهنجي نيوٽرل هجڻ جي دعوا ڪندي پي ڊي ايم جي حڪومت جا هٿ مضبوط ڪندي رهي. پنجاب جي حڪومت ۾ تبديلي جي لاءِ ماحول جڙي ويو ته ٽڪراءُ جي صورتحال ۾ اڃا وڌيڪ شدت اچي وئي. ڪيترن مهينن تائين مڇي مارڪيٽ بڻيل پنجاب اسيمبلي جو ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جو خاتمو پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجي حڪمت عمليءَ سان عمل ۾ آندو ته ٻنهي صوبن ۾ نيون چونڊون ڪرايون وينديون، پر ائين ٿي ڪونه سگهيو ۽ ٻنهي اسيمبلين جي خاتمي بعد پي ڊي ايم کي فري هينڊ ملي ويو ۽ ٻنهي صوبن ۾، جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي، انهيءَ جي بدلي ۾ سندن پسند جي نگران حڪومت قائم ٿي وئي. پي ٽي آءِ کان بازي هٿ مان نڪرندي رهي. وفاقي حڪومتن بعد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت وڃڻ بعد پي ڊي ايم حڪومت عمران خان ۾ هٿ وجهڻ جي لاءِ توشا خانا گهڙيءَ وارو ڪيس ۽ لنڊن جي سرڪار وٽ بحريا ٽائون جي پاڪستان منتقليءَ وارن پئسن جو ڪيس کولي ڇڏيا. نيب متحرڪ ٿي وئي ۽ جيئن جيئن نيب جي پيشين جا نوٽيس عمران خان کي ملڻ شروع ٿيا ته خان صاحب ۽ سندس ساٿين اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته هاڻ سندن جيل جي هوا کائڻ جو وقت ويجهو پيو ٿيندو وڃي، تنهنڪري جيڪا به حڪمت عملي هجي، اها اهڙي هجي جو جيل جو منهن ڏسڻو نه پوي.

جيل جي منهن ڏسڻ کان بچڻ جي جي لاءِ جيڪا حڪمت عملي جوڙي وئي، اها ڪنهن به طرح سان ڪنهن سياسي جماعت ان جي قيادت کي ڪانه ٿي سونهي. سياسي مخالفت ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀني سياستدانن ڪوڙن توڙي سچن ڪيسن ۾ سالن جا سال جيل پئي ڀوڳيا آهن. جناح صاحب جي دور کان وٺي هر جمهوري توڙي جرنيلي دور ۾ سياستدان جيل جي سختين سان منهن ڏيندا پئي رهيا آهن پر هي اڄ جي جديد سافٽ ويئر جي دور واري سياسي قيادت ۽ ان جا ورڪر هئا، جن اهو پنهنجي لاءِ حرام قرار ڏئي ڇڏيو ته جيل ڪنهن به صورت ۾ ڪونه وڃبو. عمران خان ريڊ لائين بڻجي ويو ته جيڪڏهن انهيءَ ۾ هٿ پيا ته پوءِ ملڪ جي “ايسي ڪي تيسي” ٿي ويندي. جڏهن سوچ جمهوري ۽ سياسي عمل جي بجاءِ ٽڪراءُ ۽ تخريبڪاريءَ واري بڻجي وڃي ته انهيءَ ۾ ڪجهه به اهڙو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي نقصان جو ڪو به ازالو نه هجي. عمران خان کي جڏهن به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انهيءَ جي گرفتاريءَ آڏو رڪاوٽ وجهڻ جي لاءِ شديد مزاحمتي رخ اختيار ڪيو ويو ۽ نيٺ جڏهن عمران خان کي اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ مان هر حال ۾ گرفتار ڪري نيب جي حوالي ڪيو ويو ته ملڪ جي فوجي علائقن ۾ جنهن طرح سان گهڙي ڪري انهن جي ملڪيتن کي ۽ تنصيبات کي نقصان پهچايو ويو، انهيءَ ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جي لاءِ اهو ماحول جوڙڻ ۾ آساني ڪري ورتي ته پي ٽي آءِ جي پاور کي ڪيئن سوڙهو ڪري سندن اوقات ۾ آندو وڃي. سپريم ڪورٽ جي جج صاحب جو” گُڊ ٽُو سِي يُو” وارو جملو پي ٽي آءِ جي تڏا ويڙهه جو تعويذ بڻجي ويو. ۹ مئي جي واقعن بعد جهڙي طرح معافي نامن جي ۽ عمران خان کان لاتعلقي جو سلسلو شروع ٿيو آهي، مونکي لڳي ٿو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن پيرڻي به پير پوئتي ڪري پنهنجي نڪاح بابت مولوين کان مشورو وٺڻ شروع ڪري.