عدالتون، وڪيل ۽ مؤڪل

0
301
عدالتون، وڪيل ۽ مؤڪل

 عام طور تي چيو ويندو آهي ته بينچ ۽ بار جو چولي دامن جو ساٿ هوندو آهي. ماڻهو ان جي جيڪا به معنيٰ ڪڍندا هجن، پر هڪ مشهور چوڻي آهي ته هر شخص پنهنجي صحبت جي ڪري سڃاتو ويندو آهي. تازو لاهور جي عدالت جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ وڪيل ۽ جج صاحب جي وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي. جج صاحب بيٺل آهي ۽ هو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو پر بحث ۾ ايترو الجهي ويو جو بيٺو ئي رهيو ۽ هڪ وڪيل صاحب خاموش ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. سوشل ميڊيا تي ڪراچي جي ضلعي ملير سان لاڳاپيل وڪيلن ۽ خاتون ڊسٽرڪٽ جج جي وچ ۾ تڪرار جو به پڙاڏو آهي. وڪيلن خاتون ڊسٽرڪٽ جج صدف کوکر کي درگذر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، انهن هڙتال، ڌرڻي ۽ چيف جسٽس جي آفيس ٻاهران احتجاج جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي. ظاهري طور تي اهو تڪرار ائين پيدا ٿيو، جو جج صاحبه عدالت جي احاطي ۾ لڳل کاري پاڻي کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪندڙ آر او پلانٽ جي پاڻي جي عام ماڻهن کي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

وڪيلن جو موقف آهي ته اهو آر او پلانٽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي ملڪيت آهي، جنهن کي انهن پنهنجي همدردن جي مالي مدد سان لڳرايو آهي. ايسوسئيشن ان باري ۾ با اختيار آهي ته اها ان پاڻي جو ڪهڙي طرح به استعمال ڪري. ايسوسئيشن پاڻي وڪڻڻ جو ٺيڪو هڪ شخص کي ڏنو آهي، جيڪو پاڻي کي بوتلن ۾ پئڪ ڪري وڪرو ڪري ٿو. ان مان ايسوسئيشن مالي طور تي فائدو حاصل ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري تڪرار ايترو وڌي ويو آهي، جو وڪيل هڙتالون ۽ احتجاج ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن پاڻي جو وڪرو ئي تڪرار جو سبب آهي ته ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن کي ايترو گهڻو ڪاوڙ ۾ اچڻ نه گهرجي پر سوشل ميڊيا تي هڪ ٻيو سبب به سامهون آيو آهي ته جج صاحبه ڪنهن ڪيس ۾ جوابدار کي ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي لکيو ويو آهي ته ڪو معقول سبب ٻڌائڻ کانسواءِ ضمانت جي درخواست رد ڪئي وئي. تڪرار جو اصل سبب اهو ئي نظر اچي ٿو. ضمانت منظور ڪرائڻ وڪيلن جي هڪ گروهه جو ڌنڌو آهي. ان جي آمدني جو ذريعو ئي ضمانتون منظور ڪرائڻ آهي. بس ضمانت منظور ڪرائي ئي وڪيل ڪيس کان پاسيرا ٿي ويندا آهن. وڪيلن جي ان ڪاروبار کان جج ۽ وڪيل برادري اڻڄاڻ ناهي. مفروضو اهو آهي ته خاتون جج جنهن ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست رد ڪئي هوندي، اها ضمانت بار ايسوسئيشن جي ڪنهن ذميدار طرفان ڪيس ۾ دائر ڪيل هوندي. ان سبب ڪاري ڪوٽن واري برادري کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ انهن خاتون جج خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو.

گذريل ڪجهه سالن کان خاص طور تي “چيف تيري جانثار” مهم جيڪا چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي لاءِ شروع ڪئي وئي هئي، ان مهم کانپوءِ وڪيلن هر معاملي ۾ نه رڳو سخت رويو اختيار ڪيو پر هنن برداشت ۽ درگذر ڪرڻ جو مظاهرو ڪرڻ ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ججن، خاص طور تي سول ججن ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽن سان منهن ماري، موڪلن سان هٿين پوڻ جي نوبت به اچي وڃي ٿي. پوليس جي سپاهين سان ڳالهه ڳالهه تي اٽڪي پوڻ ۽ ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ عام ڳالهه ٿي پئي آهي. ان کانپوءِ وڪيل پنهنجو هڪ ئي هٿيار استعمال ڪن ٿا ته عدالتن جو بائيڪاٽ ۽ هڙتال ڪيو وڃي ٿو،

جج عدالتن ۾ ئي ويٺل رهجي ٿا وڃن. وڪيل بار رومن ۾ ڪچهريون پيا ڪندا آهن، البته موڪل دربدر ٿي ڌڪا پيا کائيندا آهن. ملير ۾ به ائين ئي آهي ته عدالت جو بائيڪاٽ جاري آهي. موڪل شديد گرمي ۾ بکيا اڃيا دربدر ٿي رهيا آهن. ان صورتحال ۾ جيڪا ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، سا اها ته موڪل کي عدالت ۾ پنهنجي حاضري لڳرائڻي هوندي آهي. عدالت موڪل تي اها پابندي ڇو لاڳو ڪري ٿي، جڏهن عدالت لڳي ئي نٿي ۽ ڪيس جي شنوائي ان ڪري ناهي ٿيندي ته وڪيلن طرفان عدالت جو بائيڪاٽ ڪيل هوندو آهي. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن کي ڪنهن به ڳالهه تي وڪيلن جي احتجاج، هڙتال، عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جي رجحان کي ختم ڪرڻ گهرجي. وڪيلن وٽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جو اثرائتو ذريعو ڪيس داخل ڪرائڻ آهي. هڪ ڀيرو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ عدالت پابند ٿي ويندي ته معاملي کي اثرائتي طريقي سان نبيري.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڪيل صاحب پنهنجي راءِ جو اظهار هن طرح ڪيو آهي: “ميڊيا ۾ اها ڳالهه سامهون اچي رهي آهي ته ڪراچي جي بار ايسوسئيشنز ۽ بار ڪائونسل ڊسٽرڪٽ جج جي بدلي جي گهر ڪري رهيون آهن، ڇو ته ان حڪم ڏنو آهي ته عدالت جي احاطي ۾ آر او پلانٽ جو پاڻي ٻاهرين ماڻهن کي وڪرو نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته اهو شرمناڪ فعل آهي. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي ليڊر، جڏهن سنڌ جو عوام سيلاب ۾ ٻڏل هو ۽ حڪومت پئسا غبن ڪري رهي هئي ته انهن مظلوم ماڻهن جي مدد نه ڪئي. مون هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي پر انهن مان ڪو به ماڻهو ان جي حمايت ۾ نه آيو ۽ نه ئي وري فنڊن جي غبن خلاف ٻاهر نڪتا، نه ئي اهي اڳواڻ عدالتي سڌارن لاءِ ڪم ڪن ٿا، ته جيئن عدالتي نظام عام ماڻهن کي انصاف فراهم ڪري سگهي. انهن جي چائنٺ تي انصاف جي فراهمي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! جيڪي ليڊر پردي جي پٺيان رهي هڙتال تي تنقيد ڪن ٿا ۽ اهي ان خلاف کلي سامهون نٿا اچن، اهي بزدل آهن. منهنجو خيال آهي ته اهو سمجهداري جو ڪم هوندو جو اهي هڙتال جي پنهنجي فيصلي تي ٻيهر سوچين ۽ اها هڙتال ختم ڪن. آئون هاءِ ڪورٽ جي انتظاميه جي رويي جي به ساراهه نٿو ڪريان، جيڪا ان جي انصاف نواز ۽ عوام نواز رويي جي ڪري مشهور ناهي. چيف جسٽس کي فوري طور تي ان معاملي کي حل ڪرڻ گهربو هو. جيڪڏهن چيف جسٽس ان دٻاءُ جي سامهون جهڪي ٿو پوي ته ان مان ان جي قيادت جي کوٽ صاف ظاهر ٿيندي.”

پاڪستان ۾ عدالتن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو سڀني جي ڄاڻ ۾ آهي ته وڪيل ڪيتري قدر غير قانوني رويو اختيار ڪن ٿا. ججن سان هٿين پوڻ ۽ موڪلن کي مصيبت ۾ وجهڻ تي ڪڏهن به افسوس جو اظهار نٿا ڪن ۽ اعليٰ عدالتون وڪيلن کي سمجهائڻ يا انهن خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهنديون آهن. سوال اهو آهي ته موڪل، وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي مرضي موجب معاوضو ادا ڪندا آهن. ان کانپوءِ ڪنهن به وڪيل طرفان عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي؟ موڪل شخص، وڪيلن جي بائيڪاٽ کي وڪيلن جي هٺ ڌرمي جو نالو ڏين ٿا پر مجبوري سبب ڪجهه به نٿا ڪري سگهن.

معمولي نوعيت جي ان معاملي تي سنڌ بار ڪائونسل صوبي جي سطح تي وڪيلن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وڪيلن کي پاڻي جي معاملي کان هٽي خاتون جج جي رويي مان شڪايت پيدا ٿي وئي، جنهن جو اهي اظهار ڪن ٿا ۽ ان جي بدليءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خاتون جج جي رويي خلاف سنڌ بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن، ڪراچي بار ايسوسئيشن، ملير بار ايسوسئيشن جا نمائندا سنڌ جي چيف جسٽس جناب احمد علي شيخ سان ملاقات لاءِ ويا. ان ملاقات دوران چيف جسٽس اهو واضح ڪيو ته اهو ڊسٽرڪٽ جج جي بدلي نه ڪندو ۽ نه ئي ان کي زوريءَ موڪل تي روانو ڪندو. چيف جسٽس جو جواب ٻڌي وڪيلن جا نمائندا تپي باهه ٿي ويا پر اهي چيف جسٽس کي ڇا ٿي ڪري سگهيا. وڪيل تنظيمن کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته وڪيلن کي قائل ڪيو وڃي ته هر معاملي ۾ احتجاج، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ، هٿين ۽ ٻکين پوڻ سان انهن جي ئي بدنامي ٿي رهي آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته موڪل يا سائل آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو اهي ڀوڳيندا رهن!