ڳالھ ڪيان ڪيهي! … نورعين جو قتل ۽ ‘مفتين’ جون قطارون!

0
304
ڳالھ ڪيان ڪيهي! ... نورعين جو قتل ۽ ‘مفتين’ جون قطارون!

 جيتوڻيڪ ان رات هو پاڻ ۾ کل ڀوڳ وارا مييسج ڪري هڪ ٻئي کي کلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر پوءِ به منصور جي دل ۾ عجيب اڻ تڻ هئي، کلندڙ چهري واري تازي موڪليل تصوير ڏسي هن کيس لکيو، “اڄ الائي ڇو تنهنجيون اکيون اداس لڳي رهيون آهن”. ان رات هنن جي پاڻ ۾ ڪيل واٽس ايپ چيٽ زندگيءَ جي آخري چيٽ هئي.نورعين جون اکيون اداس هيون پر سندس چپن تي مرڪ هئي. نورعين لکيس، “مون کان جڏهن منهنجيون سهيليون پڇنديون آهن ته منصور ڇا ڪندو آهي؟ ته مان کين فخر سان چوندي آهيان، هو واپڊا ۾ وڏو آفيسر آهي، پوءِ هو مون تان سڙنديون آهن… هڪ سهيليءَ چيو، وڏي استاد آهين، واھ جو ڇوڪرو ڦاسايو اٿئي”!

پوءِ منصور جي جواب تي هوءَ خاموش ٿيو وڃي.“پر، نور، تو ته مون سان تڏهن پيار ڪيو هو، جڏهن مان ڪنگلو هئس”.واٽس تي ڪيل زندگيءَ جي آخري چيٽ ڪندي ٻنهي کي ننڊ اچي وئي…. نورعين کيس پڪ ڏياري ڇڏي هئي ته سندس ماءَ سڀني کي راضي ڪري ورتو آهي. هن کيس سمجهايو هو ته امان ته هر قدم تي پنهنجو ساٿ ڏنو آهي،  پنهنجي پينشن جا پئسا به گهر وٺڻ لاءِ توکي ڏئي ڇڏيا اٿس، بس امان خاطر ڪجھ ڏينهن ٻيا به انتظار ڪرڻو پوندو.پر ان رات منصور سندس اکين جي اداسي پرکي ورتي هئي، صبح جو سوير هو ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ پهريون ميسيج ڪندي نور کان پڇيائين،

“تو ڏي سڀ خير آهي نه؟”

پر نور جو ڪوبه جواب نه آيو.

“الائي ڇو مون کي لڳي ٿو ته ڪجھ ٿيو آهي”!

سندس ميسيج جو وري به ڪو رپلاءِ نه آيو.

پوءِ هو ميسيجز مٿان ميسيجز ڪندو ويو.

“تون پريشان نه ٿي، گهر ۾ مهمان آهن، آئون ڳالهائي نٿي سگهان”.

نور جو اهو رپلاءِ کيس پنجن ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ آيو هو.

“ايئن ٿي نٿو سگهي، مهمان هجن يا کڻي ڇا به هجي، تو اڳ ۾ ته ڪڏهن ميسيج جو رپلاءِ ڪرڻ ۾ ايتري دير ناهي ڪئي”!

۽ پوءِ اوپري لئنگويج ۾ منصور کي ميسيجز جا رپلاءِ ايندا رهيا.

اها خبر کيس پورن اٺن ڪلاڪن کان پوءِ پئي ته جنهن جي موبائل تان کيس ميسيجز جا جواب ڏنا پيا وڃن، سا ته ڪيئي ڪلاڪ اڳ مري چڪي آهي.

اهڙي خبر پوڻ تي هو چرين وانگر سيوهڻ اسپتال پهچي ٿو، جتي کيس خبر پئي ته نورعين خودڪشي ڪئي آهي، جنهن جي مائٽن پوليس کي اطلاع ڪرڻ بدران پهرين ته معاملي کي دٻايو پر پوءِ جڏهن ڳالھ جي ڳنڍ کلي وئي ته هنن وري به پوليس کي گهرائڻ بدران سندس لاش پاڻ ڀان اسپتال کڻي آيا، جتان بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي واپس گهر کڻي ويا پر سيوهڻ جي اي ايس پي جي ضد تي مجبورن هنن سيوهڻ جي اسپتال مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ۽ هاڻي کيس دفن به ڪري چڪا آهن.

هو آخري ڀيرو نورعين جو منهن ڏسڻ لاءِ روئندو رهيو پر سيوهڻ جي پوليس کيس واپس حيدرآباد موڪلي ڇڏيو.

اها رات سندس ڪيئن گذري هئي، ان جو موبائل مان ڪوبه رڪارڊ نٿو ملي، ڇاڪاڻ ته ان رات هن نورعين کي ڪوبه ميسيج نه ڪيو هو، پر ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير ايس ايس پي ڄامشوري جي آفيس ۾ پهچي ويو، جتي هن نورعين سان سندس ٿيل شاديءَ جا دستاويز ڏيکاريا.

ايس ايس پي چيس، “نورعين تنهنجي جيڪڏهن زال هئي ته تون هن کي ڪنهن به طريقي سان پاڻ سان ڇو نه وٺي وئين؟”

پوءِ منصور کيس نور جا اهي ميسيج ڏيکاريا، جنهن ۾ هوءَ کيس ڀڄي هلڻ کان روڪڻ لاءِ قسم وجهي ٿي ۽ چوي ٿي، مان پنهنجي خوشيءَ خاطر پنهنجي پيءَ ۽ ڀائرن جي عزت نيلام نٿي ڪري سگهان.

“پر جڏهن توکي محسوس ٿيو ته هوءَ هتي هاڻ محفوظ ناهي ۽ تنهنجي قانوني زال به آهي ته پوءِ تو ڪا قانوني ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟” ايس ايس پي جي سوالن تي هو کيس هاءِ ڪورٽ جا آرڊر ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ پوليس کي هدايتون ٿيل آهن ته منصور جي زال کي پوليس جي ذريعي بازياب ڪرايو وڃي.منصور ٻڌائي ٿو ته هن جڏهن نور کي ٻڌايو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ هو پوليس جي ذريعي کيس بازياب ڪرائي وٺندو، تڏهن هوءَ کيس وري مائٽن جي عزت جو قسم وجهي ٿي. نه رڳو ايترو پر منصور ايس ايس پي کي نورعين جي ماءَ جي اها ڪال رڪارڊنگ به ٻڌائڻ لڳي ٿو، جنهن ۾ هوءَ ساڻس واعدو ڪري ٿي ته پوليس آڻڻ جي ضرورت ناهي، هن پنهنجي مڙس ۽ پٽن کي مڃائي ورتو آهي، جلد تنهنجي زال توکي ڏينداسين…. پر منصور کي اها خبر نه هئي ته سندس زال کي هن جي حوالي ڪرڻ جي ڏنل آسرن جي پٺيان ٻي به ڪا سازش سرجي رهي هئي.

پوءِ هو ٻارن وانگر سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ٿو.مون کي خبر ناهي ته جنهن جي دل ۾ چور هوندو آهي، سو پاڻ مرادو ايئن پوليس وٽ پيش ٿي پنهنجي موبائل پوليس جي حوالي ڪري مري ويل زال جي انصاف لاءِ ايئن دانهون ۽ آهون به ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جنهن جي دل ۾ چور لڪل هوندو آهي، سو ته پوليس جي پاڇي کان به پيو ڊڄندو آهي.

پوليس جڏهن منصور جون سڀ ڳالهيون مڃي سندس فرياد تي ڪيس داخل ڪري ٿي ڇڏي، تڏهن ڪيس ۾ نامزد ٿيل سندس پيءُ سيوهڻ جي عدالت مان 17 ڏينهن جي ضمانت ڪرائڻ باوجود رڳو ست منٽ به پنهنجي ڌيءَ جي ڏک ۾ تڏي تي نه ويٺو. نورعين جو تڏو وڇايو به ويو هو يا نه، سا ته خبر ناهي پر سندس پيءُ، پنهنجي پياري ڌيءَ جون فاتحائون وصول ڪرڻ ته پري جي ڳالھ پر پوليس جي بار بار نوٽيس موڪلڻ جي باوجود به الائي ڇو سامهون اچڻ ۽ ڪنهن به قسم جو بيان ڏيڻ کان لنوائيندو رهيو.مون کي اها به خبر ناهي ته نورعين جي قتل جي الزام هيٺ آيل مک ملزم سندس ڀاءُ محسن جي جسم تي پوليس پاران ڊرل مشين سان ٻه سئو سوراخ ڪرڻ باوجود به هو جيئرو ڪيئن رهيو پر ان کان به وڌيڪ حيرانيءَ جي ڳالھ اها آهي ته ڊرل مشين جا اهي سوارخ ٻن ڏينهن اندر سڪي ۽ ڇٽي به ڪيئن ويا؟ مون کي اها به خبر ناهي ته سوشل ميڊيا تي ويٺل سنڌ جي شعور کي اها خبر ڪيئن پئي ته نورعين جو لاش سندس ڀاءَ جي گهر مان ملڻ باوجود هنن کي اهي اطلاع ڪيئن مليا ته نورعين جو قتل ناهي ٿيو ۽ هن خودڪشي ئي ڪئي آهي ۽ جي قتل ٿي به آهي ته به ان جو سبب منصور سومرو ئي آهي!ڪي ماڻهو چون ٿا ته نورعين منصور جي دٻاءَ سبب پاڻ کي ماريو آهي، پر پوليس جا آڙيڪاپ تجربيڪار آفيسر ٻڌائين ٿا ته ان قسم جي صورتحال ۾ خودڪشي ڪندڙ ڇوڪريون پستول جي فائر سان پاڻ ناهن مارينديون، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پستول تائين رسائي آسان ناهي هوندي. اهي عام رواجي طريقن سان پاڻ مارينديون آهن پر نورعين جيڪا قتل واري رات دير تائين پري رهندڙ منصور سان کل ڀوڳ ڪري رهي هئي، تنهن چاچي جو پستول هٿ ڪري ان سان وڃي خودڪشي ڪئي!

آخري رات ڪيل چيٽ وارا ميسيج جيتوڻيڪ پاڻ ۾ بي انتها پيار ڪندڙ هڪ زال ۽ مڙس جا ذاتي نوعيت جا ميسيجز آهن پر انهن ميسيجز ۾ واضح طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته نورعين تي ڪنهن به حوالي سان خودڪشي ڪرڻ جهڙا مايوسين وارا خيال طاري نه هئا، بلڪه هو ٻئي پاڻ ۾ خوشي خوشي سان هڪ ٻئي سان ڳالهيون شيئر ڪندي نظر اچن ٿا. ميسيجز ۾ نورعين منصور کي پنهنجين سهيلين سان ٿيندڙ ڪچهرين بابت بڌائي ٿي ۽ مستقبل جي خوابن جي باري ۾ ٻڌائي ٿي، گڏو گڏ هو جلد هميشه لاءِ گڏ رهڻ لاءِ خدا کان دعا گهرندي به نظر اچن ٿا. پوليس موجب منصور ۽ نورعين جي پاڻ ۾ ڪيل اها آخري چيٽ هئي، جنهن کان پوءِ نورعين کي مبينا طور قتل ڪيو ويو.اي ايس پي سيوهڻ وٽ اها رڪارڊنگ به موجود آهي، جنهن ۾ نورعين جي ماءَ شروعاتي بيان ۾ پنهنجي ڌيءَ جي قتل ٿيڻ جو چئي روئي ڏئي ٿي پر بعد ۾ سندس اکين مان ڳوڙها سڪي وڃن ٿا ۽ هوءَ پنهنجي بيان تان ڦري وڃي ٿي. جيتوڻيڪ نورعين جي جاري ڪيل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ پڻ منجهيل آهي، جنهن ۾ خودڪشي يا قتل جو ڪوبه تعين ناهي ٿيل، پر ذريعن ٻڌايو آهي ته سيوهڻ جي اي ايس پي وٽ اهڙي رڪارڊنگ به آهي، جنهن ۾ محسن پوليس سان گڏ وڃي ڳوٺ جي قبرستان مان پاڻ پنهنجي هٿن سان زمين کوٽي ان مان واردات وارو پستول ڪڍي ڏئي ٿو.