ڪراچي: ڪراچي جي پٽيل پاڙي ۾ هٿياربند پاران کير جي دڪان ۾ گهري ڌاڙي هڻن جي ڪوشش 60 ورهين جي پيرسن ناڪام بڻائي ڇڏي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هٿياربند گراهڪ بڻجي کير جي دڪان تي ويو ۽ موقعو ڏسي هن بزرگ دڪاندار تي هٿيار تاڻي ورتو. پر پيرسن دڪاندار کيس جهلي ورتو ۽ کيس ڪائونٽر تي ڪيرائي مٿس ٺونشن جي برسات ڪري ڏني، جنهن تي جوبدار هٿيار ڇڏي فرار ٿي ويو.