دوڙ: سوزوڪي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

0
240

دوڙ: دوڙ شهر لڳ لياري روڊ تي سوزوڪي ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. فوتين ۾ دانش، دانيال، ظفر ۽ فيضان شيخ شامل آهن جن جو تعلق دوڙ شهر سان ٻڌايو پيو وڃي. فوتين جا لاش دوڙ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا، دوڙ پوليس سوزوڪي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.