پيرجوڳوٺ: 40 ڏينهن کان گم ٿيل نينگر هٿ، وارثن ۾ خوشي جي لهر

0
176

پيرجوڳوٺ(ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ 40 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر هٿ وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي ڳوٺ ڪوڏ ميتلو مان 40 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر 12 سالا حفيظ ﷲ پٽ نياز حسين منگي شادي شهيد ڀرسان درگاھ لونگ فقير تان هٿ اچي ويو آهي نينگر جي والد نياز حسين منگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پٽ درگاھ لونگ فقير تان ملي ويو آهي جنهن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا ڪئي آهي هن چيو ته پٽ کي دماغ ۾ ڌڪ جو نشان آهي جيڪو صحيح نموني گمشدگي بابت نٿو ٻڌائي سگهي پر پٽ جي هٿ اچڻ تي خوشي آهي.