شادي دوران ڪنوار بيھوش، گھوٽ ڀڄي ويو

0
318

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ شادي دوران دلچسپ ۽ عجيب واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ٿي آھي، ڀارتي ميڊيا تي انسٽاگرام مان ورتل ھڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ ڪنوار، گھوٽ ۽ ٻيا مھمان شادي تقريب ۾ موجود آھن، ان دوران ڪنوار ۽ گھوٽ جون رسمون ھلي رھيون آھن، ان دوران ڪنوار بيھوش ٿي زمين تي ڪري پوي ٿي، ڪنوار کي بيھوش ڏسي گھوٽ جا ھوش اڏامي ويا ۽ ھو ڀڄي ويو، عورتن گھوٽ کي پڪڙي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو ڪنوار ۽ شادي تقريب ڇڏي ڀڄي ويو.