جهنڊومري (ن پ ا) پيارولنڊ شهر ۾ مهنگائي تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيوآهي، رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به منافعي خور واپاري ۽ دڪاندار پنهنجا من پسند ريٽ وصول ڪرڻ لڳا آهن، جڏهن ته مختيارڪار، اي سي جهنڊومري توڙي مارڪيٽ انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي. ان ڏس ۾ ٽائون ڪميٽي پيارولنڊ ۽ پسگردائي ۾ مهانگائي چوٽ چڙھيل، عام واهپي جي شين جهڙوڪ سبزي، فروٽ، گوشت، مرغي، مڇي، ڪولڊ ڊرنڪ، توڙي ٻين عام واهپي جي شين ۾ منافعي خور واپاري ۽ دڪاندار پنهنجا من پسند اگھ مقرر ڪري غريب شهرين کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا آهن. رمضا جي ڀلاري مهيني ۾ خاص ڪري فروٽ، بوتلون ۽ ٻئي مشروبات تمام مهانگي ريٽ تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، پر دڪاندارن کان ڪو پڇڻ  وارو ڪونهي. انتظاميا به واپارين سان ٻٽ بڻيل آهن. هتان جي ساڃاھ وندن وزير اعلئ سنڌ، ڪمشنر ،  ڊي سي ٽنڊوالهيار، اي سي جهنڊومري ۽ ٻين وس وارن کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته تعلقي جهنڊومري جي هيڊڪواٽر پيارولنڊ ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ عام واهپي جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي بنا دير ڪنٽرول ڪري مسڪين ماڻهن کي ڦرجڻ کان بچائي، رليف ڏنو وڃي.