خيرپور (رپورٽر)اسسٽنٽ مختيارڪار پنجگلا چوڪ، مين سبزي مارڪيٽ، گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ ۽ حيدري بازار دڪانن تي ڇاپا هڻي مجموعي طور تي 9300 رپيا ڏنڊ طور وصول ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيارڪار شيراز احمد ڦلپوٽو چيو ته سمورن دڪاندارن کي حڪومت طرفان جاري ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻ گھرجي، خلاف ورزي ڪرڻ تان قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.