شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ ضلعي انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب ڊي سي پاران مقرر ڪيل اگهن کي واپارين پاران عمل نه ڪيو ويو آهي، رمضان المبارڪ آرڊينس تي عمل نه ڪندي واپارين عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن سبب غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن دانهيندي چيو ته انتظاميا سرڪاري اگهن تي عمل نه ڪرايو آهي، واپاري غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.