ڪلوئي: ڪاميٽي ميمبرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پورهيتن بابت جيترو ميڊيا جي رپورٽن ۾ آيو آهي اسان کي ان کان به صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ڏسڻ ۾ آئي آهي، اسان رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪنداسين. هنن چيو ته اسان پاڻ اچي اکين سان ڏٺو آهي ته حاملا عورتون ۽ ٻارڙا پورهيو ڪري رهيا آهن، پيئڻ جو  پاڻي نه آهي، تعليم نه آهي، رهڻ لاءِ گهر نه آهن، پورهيت جانورن کان بدتر زندگي گذاري رهيا آهن.