ڪلوئي (ن پ ا) ڪلوئي ۾ سرن جي بٺن تي بٺا مالڪن پاران ٻارڙن ۽ عورتن کان جبري پورهيو وٺڻ ۽ گهٽ اجورو ملڻ بابت وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص معاون پاران جوڙيل فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي اڳواڻ نالي وارو سماجي اڳواڻ ايوب کوسو، ميمبر طارق خٽڪ، پيپلزپارٽي پارٽي ليڊيز ونگ ٿرپارڪر صدر سمترا منجياڻي ۽  انساني حقن واري خاص معاون جو ڪوآرڊينيٽر اشوڪ چوهاڻ ۽ ٻيا ڪلوئي پهچي سرن جي بٺن جا دورا ڪيا. جڏهن ته ڪاميٽي ميمبرن جي پهچڻ تي حامله عورتون ۽ معصوم  ٻارڙا پورهيو ۾ رڌل هئا، ڪاميٽي ميمبرن ونگو، ڪلوئي، بلوچ آباد، سنتورو ۽ ڱلموري، راضي شاهه ٻين هنڌن تي پهچي پورھيتن کان پڇا ڪئي. جڏهن ته ارباب احمد، عبدالله خان، دلاور ملڪاڻي ۽ ٻين بٺن تي پورهيو ڪندڙ پورهيتن تمام گهٽ اجورو ملڻ، ڇهن کان ستن سالن جي ٻارڙن کان بٺا مالڪن پاران پورهيو وٺڻ جون پڻ دانهون ڪيون، پورهيتن دانهيو ته ڌر تتيءَ، سخت سيءَ توڙي برساتن ۾ کليل آسمان هيٺ رهون ٿا، پيئڻ جو پاڻي صاف نه ٿو ملي ۽ بٺا مالڪ خرچو پڻ صحيح نه ٿا ڏين جنهن سبب ٻچا ڦاڪاڪشي واري صورتحال ۾ رهن ٿا. جڏهن ته ڪجهه پورهيتن پنجاب صوبي ۾ سندن ماڻهو قرضن ۾ باندي هجڻ جو پڻ انڪشاف ڪيو.