پهرين ٽي 20 ميچ ۾ ويسٽ انڊيز هٿان پاڪستان شڪست: ندا ڊار نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو

0
381

اينٽيگا (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز پاڪستاني وومين ٽيم کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 10 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اينٽيگا ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان وومين ٽيم ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، پهرين بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز جي وومين ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنز ٺاهيون. ميزبان ٽيم طرفان هيلي ميٿيوز 32 ۽ ديندرا ڊوٽن 31 رنز ٺاهي نمايان رهيون، ميچ ۾ پاڪستاني بالر ندا ڊار اسٽيفيني ٽيلر کي آئوٽ ڪري ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽن جو سنگ ميل پورو ڪيو. گجرانوالا سان واسطو رکندڙ 34 ورهين جي ڪرڪيٽر پهرين پاڪستاني ۽ دنيا جي پنجين وومين ڪرڪيٽر آهي، جنهن اهو اعزاز ماڻيو آهي. جواب ۾ پاڪستاني ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنز ٺاهي سگهي، عائشه نسيم 45 ۽ فاطمه ثناءَ 24 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيون.