پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل جي ٻن مغوي نوجوانن نورالاھي ڪلوڙ ۽ فراز ڪلوڙ جي بازيابيءَ لاءِ ٻي ڏينهن به گدپور جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو، ڊي ايس پي جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ ٻي ڏينهن تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي اڳواڻي ۾ گدپور جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو آھي ڪچي ۾ آپريشن دوران پوليس کي ڪا به ڪاميابي ڪونه ملي آھي ، ايس ايس پي سکر عرفان سمون موجب ڪچي ۾ تيغاڻي ٽولي جي ڏوھارين خلاف آپريشن ھلندڙ آھي جلد مغوي نوجوانن کي بازياب ڪرايو ويندو ۽ ڏوھارين جا ٺڪاڻا پڻ تباه ڪيا ويا آھن ، ٻي پاسي ذريعن دعوا ڪئي آھي ته ڏوھارين پاران پوليس جي اي پي سي مشينن کي نشانو بڻائي لانچر لاڪيٽن جا فائر ڪيا ويا معجزاڻي طور اي پي سي مشينون ۽ اھلڪار محفوظ رھيا ڌاڙيلن پاران پوليس تي لانچر لاڪيٽن جا فائر ڪرڻ کانپوءِ پوليس آپريشن اڌ ۾ ڇڏي سڌوجا ٿاڻي تي واپس موٽي وئي.