پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي خان چاچڙ ۾ ھفتو اڳ نينگر رمضان چاچڙ پاران جوابدار سوڍو چاچڙ تي بدفعلي جو الزام لڳائڻ واري مامري جو حاجي خان چاچڙ جي سرپئنچي ۾ جرڳو ڪيو ويو آھي، الزام ھيٺ آيل ڌر مٿان ساڍا ٽي لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنھن مان هڪ لک رپيو جرڳو ڪندڙ سرپئنچ کي تڏي جو ڏنو ويو، جڏھن ته اڍائي لک رپيا مبينا طور بدفعلي جو الزام ھڻندڙ نينگر جي وارثن حوالي ڪيا ويا آھن، اھڙي جرڳي کانپوءِ ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون آهن ، جڏھن ته بائجي پوليس جو چوڻ آھي ته جرڳي بابت علم ناھي جاچ ڪريون ٿا ، ٻي پاسي تعلقي اسپتال پنوعاقل جي ذريعن جو چوڻ آھي ته نينگر سان ابتدائي رپورٽ ۾ بدفلعي جي تصديق ڪونه ٿي آھي.