ڪنڊيارو(ن پ ا)ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ الهندو ماڇي ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ آل پارٽيز الائنس سميت مختلف برادرين جي نيڪ مردن پاران درگاهه لوڙهو شريف جي گادي نشين فقير علي مرتضيٰ لوڙهائي، اصغر عباسي، محبوب ابڙو، انور سولنگي، ديدار سولنگي، سليم عباسي، غفار ابڙو، ظهوردين اڄڻ، عبدالرزاق ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امن قافلو ڳوٺ الهندو ماڇي ۾ قتل ٿي ويل نصرالله سولنگي جي وارثن وٽ پهتو، جتي مقتولن جي وارثن پاران قافلي کي مانائتي موٽ ڏني وئي، مقتول جي سئوٽ ڏاڏي عافن سولنگي اڳواڻن کي چيو ته قافلي لاءِ عزت آهي، اسان فيصلي لاءِ راضي آهيون، عيد کان پوءِ اوهان کي فيصلي جي تاريخ ڏينداسين.