پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار) پنوعاقل جي پيرواھ واري علائقي ۾ انڍڙ بA رادريءَ جي ھڪ ئي گھر جا ٽي معصوم ٻارڙا ڇھن ورھين جي ساجده ڌيءُ ڪريم بخش انڍڙ، پنج ورھين جي
بيباءِ انڍڙ ۽ ڇھن ورھين جي علي گوھر پٽ ميھار انڍڙ به دم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏھن ته ٽن ٻارڙن جي حالت خراب ھئڻ ڪري سکر داخل ڪرايا ويا آھن، وارثن موجب ڇهه ٻار ارڙي سبب متاثر ٿيا، جن مان ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن، جڏھن ته ٽن کي سکر جي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آھي، تعلقي ۾ ٻن مھينن دوران پنج ٻارڙا ارڙي وگھي فوت ٿي ويا آھن. ڊي ايڇ او سکر ڊاڪٽر جميل مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻه ٻارارڙي ۾ متاثر ٿيڻ جا اطلاع مليا جن کي ٽيم موڪلي سکر داخل ڪرايا آھن، جڏھن ته متاثره علائقن لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي اڄ انھن ڳوٺن پھچنديون.