پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ نينگر درياءَ جي ڍوري ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. پني عاقل جي گدپور واري ڪچي جي ڳوٺ خانڻ چاچڙ ۾ 7 سالن جو آزاد چاچڙ ٻڏي ويو، جنھن کي وارثن ڪڍي تعلقي اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنھن بعد وارث لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.