پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ ۾ حڪومت ڪندي!
سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو قلعو ايستائين مضبوط رهندو، جيستائين اسان ۾ ڪجھ لاشعوريت رکندڙ ماڻهو ۽ ڀوتارن، وڏيرن جي غلامي واري قيد ۾ جيڪي دوست زندگي گذارين ٿا انهن کان جيئي ڀٽو جو نعرو هڻڻ ۽ پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيڻ کان ڪير روڪي نٿو سگهي، محترم شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلزپارٽي جو قلعو سنڌ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي ويو، پر محترمه واري پيپلز پارٽي ڪيڏانهن گم ٿي وئي، گذريل 10 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي حڪمراني ڪري رهي آهي. 21 هين صدي پاڪستان جي سياست ۾ ڪجھ نوان رنگ ڀريا جو 1975ع کان 1992ع تائين پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ هڪ ٻئي کي وارو ڏئي پاڪستان جي سياست کي پنهنجي جاگير سمجهندا هئا، اها جاگير واري سياست ڪجھ سالن لاءِ ايئن چئجي ته پيپلزپارٽي جي جاءِ تي پرويز مشرف جي پارٽي کي آندو ويو، وري جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي ته ملڪي حالتون مڪمل ڪنٽرول کان نڪري ويون ته اسٽيبلشمينٽ پاڪستان جي سياست واري واڳ پيپلزپارٽي جي حوالي ٿي، 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽي حڪومت ڪئي، وري جڏهن عام چونڊون ٿيڻ واريون هيون ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کان سواءِ ڪا ٻي سگھاري پارٽي ملڪ ۾ نه هئي، وري ن ليگ کي آندو ويو بدقسمتيءَ سان ن ليگ 2013ع کان 2018ع تائين اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا صحيح نه رهيا ۽ مجبورن اسٽيبلشمينٽ هڪ نئين پارٽي کي پاڪستان جي سياست شامل ڪيو. اها پارٽي پي ٽي آءِ آهي، جنهن کي 2018ع جي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي، پاڪستان جي سياست جي واڳ پي ٽي آءِ سرڪار جي هٿ ۾ آئي، پي ٽي آءِ سرڪار کي 3 سال گذري ويا، هاڻي پي ٽي آءِ سرڪار اها دعويٰ ڪري رهي آهي ۽ هڪ پلان جوڙيو ويو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، جيڪا سياست پاڪستان جي نظر اچي رهي آهي، بلڪل ايئن ٿيندو. هاڻي آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت 2023ع ۾ ختم ٿيندي. هاڻي جڏهن به چونڊون ٿينديون ته پيپلزپارٽي اڳتي ايندي، اميد ڪئي پئي وڃي ته اها وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي ۽ سنڌ واسي ٺٺن ۾ هوندا يا وري مٿو پٽيندا.
توفيق لنڊ/ڪنب
سنڌ جي ادر ڪيڊر استادن سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟
ڪراچي سميت ڪجھ ضلعن ۾ 2012ع ۾ ادر ڪيڊر استاد ڀرتي ڪري انھن مان به من پسند ضلعن ۾ پگھارون جاري ڪرائي باقي ڪجھ ضلعن جي استادن کي روڊن تي دربدر ٿيڻ لاءِ ڇڏيو ويو جيڪي ويچارا ڪيترن ئي سالن کان استاد ٿي دربدر پيا ٿين، اسان جي ڪورٽ سڳوري به صرف فيصلو ٻڌائي استادن کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏنو، استادن ڪيترن ئي سالن کان ھر در جا ڌڪا کائي ڪورٽن جا چڪر ڪٽي روڊن تي پوليس جا ڏنڊا کاڌا، رئيسن، وڏيرن ايم پي ايز، ايم اين ايز جا در کڙڪايا انهن جو ڪجھه به نه ٿيو. ان وقت جي سڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ۽ وزير تعليم پير مظهر الحق وچ ۾ مسئلا ٿيا، جنھن ڪري اھي استاد رھجي ويا ته ڇا انھن استادن کي ڪير ٻڌائيندو ته انھن سندن ڪھڙو ڏوهه آھي. انھي تمام صورتحال کي ڏسندي اڳوڻي صدر آصف زرداري ھڪ ٽاڪ شو ۾ چيو ته جلد استادن کي پگھارون جاري ڪيون وينديون پر ڪجھ نه ٿيو، وري استاد روڊن تي آيا، جنھن تي پ پ پ چيئرمين پاران حڪم نامو جاري ٿيو ته جلد استادن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري پگھارون جاري ڪيون وڃن، تڏھن به ڪجھ نه ٿيو. وري وزير اعليٰ سنڌ ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو ته مھيني اندر رهيل چند ضلعن ڪراچي، سانگهڙ، نوشھروفيروز، خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي جي استادن جي جاچ پڙتال ڪري پگھارون جاري ڪيون وينديون پر وري به ڪجھ نه ٿيو. ياد رھي ته وزير اعليٰ پاران ھڪ نه پر ڪيترائي ليٽر جاري ڪيا ويا جن تي شايد عمل نه ڪرڻ جي مھر لڳل ھئي. ان دوران ڪيترائي استاد ھي جھان ڇڏي ويا، ڪيترن ئي استادن پاڻ ساڙيو، ھڪ ڀيرو ٻيھر ھي استاد 9 سال گذرڻ بعد پگھارون جاري نه ٿيڻ خلاف روڊن تي اچڻ لاءِ تيار آھن، افسوس جو اھڙي بيحسي تي ناانصافي تي ڪير به ڪونھي جيڪو استادن جي داد رسي ڪري، جنھن جو لقب استاد آھي جنھن ھر ماڻھو کي پڙھائي ان منزل تائين پھچايو آھي، جتي ھو ويھي حڪم ٿو هلائي ته اھي استاد اڳتي وڌن ته انھن مٿان ڏنڊا وسايو، تمام افسوس جھڙي ڳالھ آھي پر ھن ڀيري استادن سان جڏھن ڳالھ ٻولهه ٿي آھي.
سڌير ڇڄڻ /گهوٽڪي
اشرافيه جو راڄ اشرافيه لاءِ!‎‎
اشرافيه پنهنجي ناجائز قبضي کي قانوني ۽ آئيني بنائڻ لاءِ ذوالفقار ڀٽو جي اڳواڻي ۾ عوامي احميت حاصل ڪئي، اڄ ان اشرافيه کي ملڪ جي زمين، عوام جي مڙني وسيلن، حڪومت تي آئيني قبضو حاصل ٿي ويو آهي، عوام لاءِ رڳو رسمي طور ووٽ جو حق ۽ ايم پي ايز يا وزيرن جا دروازا کليل رکيا ويا آهن، جتي هو پنهنجي غلامي جي عيوض خيرات يا امداد حاصل ڪري سگهن ٿا باقي عملي طور عوام لاءِ ڪجھ به ناهي ڪيو ويو نه قانون سازي نه ترقياتي ڪم نه  بنيادي سهولتون، سموريون ترقياتي اسڪيمون ۽ منصوبا رڳو اشرافيه لاءِ مخصوص آهن، بحريا ٽائون، ڊي اڇ اي سٽي، پي اي ايف سٽي ۽ ٻيون سڀ اسڪيمون رڳو امير طبقي لاءِ جوڙيون ويون آهن، مسڪين ماڻهن لاءِ ڪا به ترقي يا منصوبو  نظر نٿو اچي نه ئي وري ڪراچي ۽ حيدرآباد جھڙن شهرن ۾ مسڪين ماڻهن لاءِ قديم ڳوٺن يا ڪچين آبادين کي ليز يا پڪو ڪيو ٿو وڃي. سڀ زمينون ۽ پلاٽ رڳو امير ماڻهن لاءِ مخصوص آهن، جهڙوڪ  حيدرآباد ۾ پام ريزيڊنسي، صائمه ڊائون ٽائون، گيرن سٽي، جميره ريزڊنسي، حمزه گاردن ۽ اندس هيوين ذڪر لائق آهن جن جي شڪل ۾ اشرافيه پنهنجي لاءِ جنتون جوڙائي ڇڏيون آهن جن جا ١٥ فوٽ ڊگها ڪوٽ هنن اميرن جي خاندانن جي بادشاهي جو ڏيک ڏين ٿا. اليڪشن يا عوامي مينڊيٽ هڪ وڏو فريب ۽ دوکو آهي، جنهن سان هي عوام کي سبز باغ ڏيکاري هر دفعي حڪومت حاصل ڪن ٿا. 
شبير کوکر/قاسم آباد
حڪومت طرفان قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ جو اهم فيصلو!
حڪومت طرفان تمام اهم ۽ سنجيده مسئلو جيڪو سنڌ حڪومت لاءِ هميشه وڏو چئلينج رهيو آهي، اهو آهي سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن وارو مسئلو، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت اهم اجلاس گھرائي ان مسئلي کي ختم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه حڪومت جي ساراهه جوڳي آهي، جنهن لاءِ حڪومت کي خاص ڪري ان مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي ۽ اهو مسئلو امن و امان جي بحالي لاءِ وڏو چيلينج ٿي پوندو آهي. علائقي ۽ حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندو آهي. قبيلائي جهيڙا ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، گهوٽڪي ۽ دادو ضلعن سميت ٻين شهرن ۾ هلندڙ آهن، جن جي ڪري شهرن ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي ويندي آهي، جنهن لاءِ سنڌ سرڪار سنجيده ٿي قدم کڻي ته انساني نسل جي تباهي جو ڪارڻ بڻيل اهي قبيلائي جهيڙا ختم ٿي سگهن ٿا ۽ اهي مسئلا سردارن، حڪومت ۽ پوليس جي گڏيل ڪوششن سان ئي حل ٿي سگهن ٿا. جنهن لاءِ سردارن، چڱن مڙسن، حڪومت ۾ ويٺل نمائندن کي مڪمل نموني ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وقت گهڻن علائقن ۾ جتي سردارن، چڱن مڙسن ۽ چونڊيل نمائندن جي تيز تر ڪوششن سان گهڻا مسئلا حل ڪيا ۽ ختم به ٿيا آهن ۽ علائقن ۾ امن به نظر اچي ٿو پر وري ڪنهن نه ڪنهن ننڍي ڳالهه تان اهي مسئلا ڪَرُ کڻندا آهن. هن وقت انهن مسئلن ڏانهن ڌيان ۽ انهن کي ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي ۽ حڪومت مان اها اميد ڪجي ٿي ته اها انهن مسئلن کي پاڙان پٽڻ لاءِ انساني جذبي تحت حڪومتي طاقت ۽ پنهنجي تيز ڪوششن سان عملي جامو پارائيندي.
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
ڌڻي بنا ڌڻ سڃا!
ميرپورساڪرو تڪ ترقياتي ڪمن کان محروم آهي، ٺٽي ضلعي جو وڏي ۾ وڏو تعلقو جيڪو ساحلي پٽي تي واقع آهي گذريل 30 سالن کان ميرپورساڪرو تعلقي ۾ ترقياتي ڪمن نه ٿي سگهيا آهن، هتان جا روڊ رستا اکڙي تباھ ٿي ويا آھن، هتان جا جيڪي به سرڪاري ادارا آهن اهي سڀ ناڪارا بڻجي چڪا آھن، هتان جو عوام بنادي حقن کان محروم بڻيل آھي، نه روڊ آھن نه بجلي، پاڻي جي به تمام گھڻي کوٽ آھي، هتان جون جيڪي به ذرخيز زمينون آهن اهي سڀ بنجر ٿي ويون آھن، جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آھي، غريب مسڪين ماڻهن جي زمينن جا رڪارڊ رد ٿيا پيا آھن، هتي منشيات به عروج تي هلي رهي آهي، نوجوان نسل تباهي جو شڪار بڻيل آھن، روزانون چورين، ڦرن ۽ زيادتين جهڙا واقعا ٿا پيش اچن، جنهن جو اصل سبب پڻ منشيات جو عام واهپو آھي، هتان جا ماڻهو بيروزگاريءَ جي ڪري فاقاڪشي ۾ ورتل آھن، هتان جي سرڪاري اسپتالن مان غريب ماڻهن کي بخار جي گوري به نٿي ڏني وڃي، ڊاڪٽر پنهنجي پرائيوٽ اسپتالن ۾ غريب ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، سرڪاري اسپتالن ۾ ايڪسري ۽ ٽيسٽن جون ڳريون فيسون ورتيون پيون وڃن جنهن جي ڪري مريض سخت پريشان آھن. هتان جي اسڪولن ۾ استاد موجود نه هجڻ جي ڪري ٻار تعليم کان محروم آھن، اسين وزيراعليٰ سنڌ سائين مراد علي شاھ کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا تعلقي ميرپورساڪري جي مالڪي ڪئي وڃي ۽ هتان جي عوام کي بنيادي حق سهولتون ڏنيون وڃن.
محمد اسماعيل خاصخيلي/ميرپورساڪرو
سنڌ صوبي لاءِ الڳ بارڊر ڊفينس فورس تيار ڪئي وڃي!
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي عرض آھي ته صوبائي سطح تي بارڊر ڊفينس فورس تيار ڪري سنڌ صوبي جي سرحدي حدن تي مقرر ڪئي وڃي جيئن ته سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ پناھگيرن جي اچ وڃ ۽ لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري آھي، پاڪستان جا سڪيورٽي ادارا ۽ فوج،  پناھگيرن جي غير قانوني اچ وڃ ۽ مستقل رھائش تي سنجيده نه آھن، تنھنڪري سنڌ صوبي جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي. پاڪستاني سرحد کان سواءِ  ٻين صوبن کان ايندڙ، ويندڙ ماڻھن جو به محفوظ ۽ منظم ٺڪاڻو سنڌ ئي آھي. ھن وقت سنڌ ۾ خوني وارداتن سميت مختلف سنگين ڏوھن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، سنڌ ۾ منشيات، اسمنگلنگ ۽ قبضا خوري، منعافي بخش ڪاروبار بڻجي ويا آھن ۽ حق حلال جي روزي ڪمائڻ وارا بدترين معاشي بحران جو شڪار ٿي ويا آھن. اسان جي سنڌ حڪومت کي گذارش آھي ته پناھگيرن کي جاري ڪيل شناختي ڪارڊ رد ڪري انھن کي پنھنجي ملڪن ڏانھن واپس موڪليو وڃي، ته جيئن سنڌ کي مستقبل جي نقصان ۽ خطرن کان محفوظ بڻائي سگھجي. سنڌ صوبي جي سرحدن جي حفاظت لاءِ برقت بارڊر ڊفينس فورس تيار ڪري ۽ ميرٽ تي نوجوانن کي ڀرتي ڪري ڀرپور ٽريننگ ڏئي، بارڊر تي مقرر ڪيو وڃي. اھڙي طرح سنڌ صوبي جي سرحدي پٽي تي ڏھ، ڏھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بارڊر ڊفينس فورس جي چيڪ پوسٽ قائم ڪئي وڃي، ھر ھڪ چيڪ پوسٽ تي فرسٽ آفينس ڊائري F.O.D جو بڪ رکيو وڃي، بارڊر ڊفينس فورس جي پنھنجي الڳ پوليس موبائيل ۽ ھر ھڪ ڊويزن ۾ آفيس قائم ڪئي وڃي.
نويد خان سومرو/راڌڻ، ميهڙ
ھڪ چٺي پ پ جي چونڊيل ايم اين اي سردار محمد بخش مهر ڏانهن!
گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي جي 368 ملازمن کي هٽايو ويو هو جنهن کي اٽڪل سال کان مٿي جو عرصو گذري ويو آهي، انهن غريب ملازمن ڪيترائي احتجاج ڪيا پر انهن احتجاجن جو نوٽيس هن مهل تائين ڪنهن به نه ورتو، پوءِ مجبور ٿي گھوٽڪي پريس ڪلب کان قرآن شريف گڏ کڻي پنڌ لانگ مارچ ڪيو، جيڪو خان ڳڙھ شريف پهتو جتي اوهان انهن 368 ملازمن کي يقين ڏياريو هو ته اوهان کي بحال ڪيو ويندو ۽ اوهان جون رهيل پگهارون پڻ جاري ڪيون وينديون پر افسوس هن وقت تائين غريب ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽي رھيا آھن، اھي ملازم بحال نه ٿي سگهيا آهن، اھي 368 ملازم اوهان جا ئي آهن، هنن اوهان جي خاندان کي ووٽ ڏنو هو، هاڻي توهان جا پاڻ ۾ سياسي اختلاف ٿيا آهن انهن ۾ غريبن ملازمن جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ سياسي اختلاف ٿيندا رهندا آهن، سياسي اختلافن کان هٽي اوهان انهن ملازمن کي بحال ڪرايو ۽ انهن جون رهيل پگهارون انهن ڏياريو، جيئن اهي پنهنجي ٻچن کي ڪجھ کارائي سگهن اهي اوهان کي ۽ اوهان جي خاندان کي دعائون ڪن.
فرمان علي لغاري/گهوٽڪي 
هلندڙ دور جي صحافت ۽ حڪومتي اپاءَ!
ھن دور ۾ صحافت ڪرڻ اڀن ڪاون مٿان پير رکڻ برابر آھي، حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ ڪيترائي صحافي قتل ٿي چڪا، ڪيترن ئي صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، صحافي ته سمجاج جو آئينو ھوندا آهن، سماج ۾ ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ کي بي نقاب ڪندا آھن، ان خبر لکڻ ڪري انهن کي ڪيتريون ئي تڪليفون ملن ٿيون، جڏھن هڪ صحافي تي ڏکيو وقت اچي ٿو ته ادارو به ان جو ساٿ ناھي ڏيندو، خبر لکڻ جي ڪري ھڪ ڏينھن خبر بڻجي ويندو آهي، رياست صحافين کي تحفظ ۾ مڪمل ناڪام وئي آھي، تازوئي خيرپور ۾ خبرون ھلائڻ تان صحافي ھريش ڪمار کي حراسان ڪيو پيو وڃي، سنڌ جا صحافي اڄ به غير محفوظ آهن، ڪٿي کين ڌمڪيون پيون ملن ته ڪٿي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل پيا ٿين، صحافين کي سرڪار طرفان ڪي به مراعتون نه ملڻ ڪري هو معاشي بحران جو شڪار آھن. بااثرن جي عتاب ھيٺ آھن، تازوئي خيرپور جي صحافي کي ايم اين اي نفيسا شاھ پاران حرجاڻي جا نوٽيس موڪليا ويا آھن ۽ ان کي ڌمڪيون ملي رھيون آھن. صحافي ھريش ڪمار ان سلسلي ۾ وڪيل منظور انصاري معرفت سيشن ڪورٽ ۾ 22 ٽو اي بي جي درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ ھريش ڪمار کي قتل جو خدشو آهي، ھريش ڪمار موجب خيرپور اسپتال جون دوائون چوري ٿينديون رھيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ھڪ ڪروڙ جون دوائون پڪڙيون ويون، اھا ڪارروائي پوليس ۽ اسپيشل برانچ وارن ڪئي، جنهن ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ناھي پر ان معاملي کي رپورٽ ڪرڻ ۽ لکڻ سبب مون کي ڌمڪائڻ ۽ حراسان ڪيو پيو وڃي، صحافي کي پھرين ايم اين اي نفيسه شاهه ھڪ ڪروڙ 40 لکن جي ھرجاڻي جو نوٽيس ڏنو ۽ ان کان پوءِ نفيسه شاهه جي خاص ماڻهن ٽوني اوڏ پنجن ڪروڙن جي ھرجاڻي جو نوٽيس ڏنو آهي. سوشل ميديا تي ڌمڪيون ملي رھيون آهن. صحافي ۽ سندس  ڪٽنب کي به خطرا آهن. صحافي سان انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار ڏيو!
ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، سنڌ سڄي پاڪستان کي 75 سيڪڙو ڪمائي ڏئي ٿي، سنڌ تيل، گئس، ڪوئلي، سون، چاندي ۽ قدرت جي هر نعمت سان مالا مال آهي پر افسوس جو سنڌ جي اصل رهواسين، ڌرتي ڌڻين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن معصوم ٻارڙن، پوڙهن يا عورتن کي پنندي ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته ڪيئن نه وقت جي ظالم حاڪمن ۽ سرمائيدارن اسان کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي جو اڄ ماني ڳڀو به نٿو ملي، تڏهن ته پنڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون. جڏهن وقت جا فرعون پنهنجي اقتدار ۽ پئسي جي نشي ۾ ڌت بڻجي هر ظلم ڪن، پئسي ۽ دولت کي ميڙڻ سنڌ مقصد بڻجي وڃي تڏهن عوام سان اهڙي ئي ويڌن ٿيندي آهي. اسان جا سنڌي اڄ پنهنجي ئي وطن ۾ غيرمحفوظ آهن، اڄ ڌرتي اسان کان کسجي رهي آهي، نوجوانن جا روز لاش اسان کي ملي رهيا آهن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري ماڻهو بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن. اسان سان جي ظلم ٿئي ٿو ته انصاف جي بجاءِ صرف آسرا ۽ ڏٽا ٿا ملن پر افسوس اسان جا حڪمران آرام سان ويهي پنهنجي دولت ميڙڻ ۽ عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آھن. سنڌ جي عوام ڪيئن ڏکئي وقت کي منهن ڏئي ٿو يا عوام کي آخر ڪهڙين بنيادي شين جي ضرورت آهي ان سان سنڌ جي حڪمرانن کي ڪا به دلچسپي ناهي. اڄ ڪلهه امير سنڌ جي غريب عوام سان يتيمن وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، خدارا ٿورو عوام تي به رحم ڪريو.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
منشيات کي ختم ڪريو!
نشو اڄ کا نه پر پراڻي زماني کان هلي رهيو آهي، اڳ جيڪو نشو ڪيو ويندو اهو ايترو نقصان وارو نه هوندو هو جيئن انگورن مان عرق ڪڍي استعمال ڪيو ويندو هو، ڀنگ جيڪا اسان وٽ ڪڻڪ جي فصل سان گڏ پوکي ويندي هئي جيڪا معدي، جگر، مثاني کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي، پوءِ ماڻهن هن قدرتي ٻوٽي کي ڪاڙهي استعمال ڪيو، جنهن سان بيماريون پيدا ٿيون ۽ ٻين هنڌن تان ڪاري ڀنگ آئي، جنهن ماڻهن جا دماغ خشڪ ڪري ڇڏيا، جيڪو انگورن جو عرق وڏا ماڻهو استعمال ڪندا هئا ان جي جاءِ تي ڀاڻ ۾ پوري شراب ٺاهيو ويو، جنهن ۾ بيڪار ڳڙ، سڙيل ميوا ۽ ٻيون شيون استعمال ڪيون ويون، جنهن سان ماڻهن ۾ جگر ۽ ٻين قسمن جون بيماريون پيدا ٿيون، الڪوحل جيڪو دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي ان کي نشي طور استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪري ماڻهن جي اندر جا عضوا ناڪارا بڻجي ويا، ماڻهن مان صحت موڪلائي وئي. چرس جيڪو هتي ڪو نه ٿو ٺهي، اتي ٺهي ٿو جتي ڏوڏي ٿئي ٿي، آفيم، هيروئن جو استعمال ڪيو ويو، هاڻي وري هڪ نئون نشو ٻڌون پيا جنهن کي شيشو چون ٿا، مين پڙي، مائو، گٽڪو وغيره خبر نه آهي ڪهڙا ڪهڙا نشا نڪري پيا آهن، انهن سڀني کي گڏي منشيات چئبو آهي، ان منشيات جي استعمال سان ڪيترائي نوجوان پنهنجي زندگين جا ڏيئا اجھائي چڪا آهن، انهن کي اهو احساس ناهي ته هنن جي وڃڻ کان پوءِ هنن جي گلڙن جو ۽ سندن گھر وارين جو ڇاٿيندو؟ اسان اهڙا ڪيترائي ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي هي جهان ڇڏي ويا، انهن جا ٻچا ڏکيو جيون گھاري رهيا آهن. اسان وٽ منشيات کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون ته آهي پر پوءِ به ان جو اضافو روز به روز وڌي رهيو آهي. تازو ڄامشورو ۾ ڇاپو لڳو ان جي ڪري شڪ شبا وڌيا آهن، منشيات جي روڪٿام لاءِ بڻيل ادارا ئي منشيات جي سپلاءِ پيا ڪن، ڪاروبار وارا ڪک مان لک پتي بڻجي ويا، حڪومت جو اهو فيصلو جيڪو هن رينجرس کي منشيات ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، جيڪڏهن ان ۾ رنڊڪ نه پئي ته خدا ڪندو ته منشيات جو خاتمو اچي ويندو، جيئن اسان جي ڌرتي تان ماتا جو خاتمو ٿي ويو. هي عمل هڪ جو ناهي، اسان کي هن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ گھرجن، اهو ڪم سماجي، سياسي، ادبي وغيره تنظيمون بهتر نموني ڪري سگھن ٿيون.
خادم گھراڻو/نصرپور