پنهنجي ڪهاڻي وَڻَ تان لَھيِ..

0
201

محمد علي پٺاڻ

ماروٽ نجيب سان، مامي سخاوت ۽ پڦي ۽ مامي صابل سان ملڻ لاءِ سندن گهر ويس. اتفاق سان ٻاھرين گهر جو دروازو کليل ھيو. پير اندر ڌريم ته دروازي لڳ نجيب جي ڪمري جي دريءَ جي ھڪ طاق جي ٿورڙي کليل حصي مان نھارَ جو اندر وئي ته، ڀانيم ڄڻ پيرن ۾ ڏاوڻ پئجي ويا ھجن. اکين ۾ عجب جي نشاني اڀري سوچ تي حاوي ٿي وئي.
نجيب ٻنھي ھٿن جي اشھد آڱرين ۽ آڱوٺن کي ڪنن جي پاپڙين ۾ وجهي اٿي ويھي يعني ڪن گوشي ڪري رھيو ھو.
ھو جيئن ته مون سان گڏ پڙهيو هو، انڪري ھڪدم ڌيان پرائمري جي اسڪول وارن ڏينهنِ ڏانهن ھليو ويو، جڏهن ڪنهن غلطيءَ تي چيڙاڪ استاد سائين ڀنڀو خان سموري ڪلاس جي سمورن شاگردن مان ڪنهن کي به ڪن گوشيءَ جو حڪم ڏيندو ھو، ته اھو ڪنن جون پاپڙيون پڪڙي بنا دير جي اُٿَ ويھهَ ۾ مشغول ٿي ويندو هو. انڪار ۽ ضد ڪري چَوَڻُ نه وٺندو هو، ته اڪيلو نجيب. جنهن ڪري موٽ ۾ سائينءَ جي ھٿان ٺاھوڪي مارَ کائيندو ھو.
“خبر ناهي ھيءَ سزا ھن کي مامي ڏني آ، يا ماميءَ. جنهن کي پنهنجي ضد جي وڻ تان لھي، قبول ڪري ھو شروع لڳو پيوآ !؟..” اھو سوال ذهن ۾ ته اڀريو، پر سوچ جي اعتبار ۾ نه ٿي آيو.
“الائي ڪهڙي غلطي ڪئي اٿائين!؟” وري اتي ئي ٻئي سوال جي وڪڙ ۾ آيس.
پيرُ پيرَ ۾ ڏئي ڪمري جي در ڏانهن وڌيس، ته مامي صابل سامھون اچي وئي.
ٻه ئي ھَٿَ ڏئي ملي ته ڪجهه ٻيو ڳالھائڻ جي نجيب جي ان سزا بابت پڇيم.
چيائين،”ڪنهن به سزا نه ڏني اٿس..”
“ته..”
“ان ته جو جواب کانئس ئي وڃي پڇ. پري ته ڪونھئي نه..”
مامي ايترو چئي مُنهن ۾ معنيٰ خيز مرڪ سان ٻئي ڪمري ڏانهن وڌي ته مان نجيب جي ڪمري جو در ٽپي اندر ويس.
“اڙي، ھي ڇا پيو ڪرين؟ ڪو گناھُ ڪيو ٿئي ڇا، جنهن جي ازالي لاءِ..”
“ڪو گناھُ نه ڪيو ٿَمِ..” مون پُڇاڻي جو جملو پورو نه ڪيو ته کن لاءِ اُٿَ ويھهَ جي سلسلي کي منقطع ڪندي وراڻيائين،”ڊاڪٽريءَ جو امتحان مٿان آهي. جنهن لاءِ ذھانت ۽ يادداشت وڌائڻ لاءِ ائين پيو ڪريان. جيڪو يوگا جي ھڪ ڪتاب ۾ آسڻ ڄاڻائي ٻڌايو ويو آهي. جنهن کي سپر برين يوگا جو نالو ڏنل آهي..”
(واٽس ايپ ميسيج)