حيدرآباد جو قيدي!

 

رات جو دير تائين جاڳ جي سفر تي پنڌ ڪندو رهان ٿو، صبح جو سويري ڪورٽ ڏانهن شنوائيءَ تي هليو ٿو وڃان، منهنجا چارئي ڀائر اسد علي، فياض علي، شان علي، سجاد علي، ماما شير، مامي ۽ بي امان ۽ ادو مرتضيٰ سمورو ڏينهن منهنجي آزاديءَ جي ڪري سمورو ڏينهن ڪورٽ ۾ مون سان گڏ ٿا رهن. مير مرتضيٰ ڪمپرومائيز ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ ٿي گھريو جنهن تي ڊاڪٽر امتياز علي عباسي صاحب ۽ منهنجي وڪيلن کان سواءِ مون پڻ اعتراض واري ڇڏيو. ڇو جو مير جي ان عمل سان مون تي ديت چارج به ٿي سگھي ٿي. آخرڪار اهو فيصلو ٿيو ته شاهدي ۾ هيرڦير ڪيو. منهنجي سڀن ڀائرن هڪ حلف نامون پُر ڪري بي امان کي ڏنو، جنهن ۾ انهن لکيو ته جي مستقبل ۾ بي امان يا ماما شير خان جي ڪٽنب کي اسان مان ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار اسان سڀ ڀائر هونداسين. تمام گھڻو سٺو ڏينهن پنهنجي ماسي، مامي ۽ ڀائرن سان گڏ گذاريم. ڪراچيءَ مان رشيد ڏيٿو به تاريخ تي آيو، جنهن مون کي صوبيدار فضل مهر صاحب جا سلام پڻ ڏنا. وري صبح جي شنوائي آهي. شام جو دير تائين ڀائو بدر منير جٽ صاحب سان هُن جي آفيس ۾ ويهي هُن سان رهاڻ ڪريان ٿو. چانهه وغيره گڏجي پيئون ٿا، کوليءَ ۾ اچي بند ٿيس ته خبر پئي ته پيارو دوست علي شير کوسو صاحب ڪاري چڪر مان مون سان ملڻ آيو هو، جنيد کان بدن کي مالش وعيره ڪرايم. هينئر منهنجا ساٿي ٽي وي ڏسي رهيا آهن (25 جنوري 2024، رات جا 07:23)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

زندان جي جھروڪن مان!

 

آئون اڄوڪي دور کي وحشت جو دور سڏيان ٿو ۽ سمجھان ٿو ته هي سنڌ آهي، جتي قانون ۽ انصاف جا جنازا سرعام نڪرن ٿا، جتي انصاف اڻلپ ٿي وڃي ۽ داداگيري عام ٿي وڃي اتي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جھڙا بيرحم اصطلاح پيدا ٿيندا آهن. اوهين ٿورو غور ڪريو ته ڀٽائي جي هن نگريءَ ۽ امن جي هن ديس ۾ هر روز بيگناهن جا جنازا کڄن ٿا، رڳو حيدرآباد ۽ ڄامشوري کي وٺو، ٻنهي جاڙن شهرن ۾ هر روز ڪنهن جي قتل، اغوا ۽ پوليس مقابلن جي خبر بريڪ ٿئي ٿي. مون کي حيت ان وقت ٿيندي آهي جڏهن سنڌ جي انهن ٻنهي سڀن کان وڌيڪ پڙهيل لکيل شهرن جا پڙهيل لکيل صحافي دوست پوليس هٿان مارجي ويل ماڻهن کي فل فراءِ جھڙو اصطلاح استعمال ڪندا آهن. هي ڪهڙو ملڪ آهي؟ هي ڪهڙي ملڪ جي مخلوق آهي جيڪا پوليس جي ورديءَ ۾ هر روز ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ بيگناهن کي مارين ٿا، جن جو داد فرياد ئي نٿو ٿئي. ڪا به انڪوائري نه، ڪا به جاچ پڙتال نه، سڌوڳ گولي ۽ پوءِ موت. وڏي ڳالهه ته بيگناهن مارجي ويندڙن لاءِ سنڌ جا باشعور صحافي اهڙي ظلم ۽ زيادتيءَ تي صرف لفظ “مبينا” لکڻ تائين محدود هجن ۽ اخبارن ۾ خبر ڇپجي ته فلاڻو فل فراءِ، هي ته ظلم جي انتها آهي، هر روز سنڌي اخبارن ۾ 3 کان چار ڄڻا انهيءَ پوليس گرديءَ جو شڪار ٿي مارجي وڃن ٿا. ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته هيستائين ان پوليس گرديءَ جي ڪري ڪيترائي گھر تباهه ۽ برباد ٿيا آهن؟ ڪجھه ڏينهن اڳ اخبارن ۾ هيءَ خبر رپورٽ ٿي ته حيدرآباد پوليس هٿان مبينا پوليس مقابلي ۾ حضور بخش بروهي ۽ سندس دوست نصير لاڳو فل فراءِ ٿي ويا. خبر پڙهي آئون سڪتي ۾ اچي ويس، ڇو جو حضور بخش نالي هڪ منهنجو سڳو ڀاءُ به آهي، نيٺ تصديق ٿي وئي، پوليس جنهن شخص کي ڏوهاري ۽ ڌاڙيل ڄاڻائي بيگناهه ماريو اُهو منهنجو ڀاءُ حضور بخش هو. بابا ٻڌايو ته حضور بخش ۽ سندس دوست کي اوطاق تان کڻي ويا ۽ ڏينهن ٻن کان پوءِ حيدرآباد پوليس جي هڪ عملدار اطلاع ڏنو ته تنهنجو پٽ حضور بخش پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، جنهن جو لاش سول اسپتال حيدرآباد ۾ پيل آهي، اچو ۽ لاش کڻي وڃو. بابا ٻڌايو ته اها خبر ٻڌندي ئي مون تي سڪتو طاري ٿي ويو. حضور بخش کي گھران کڻي ويا هئا، پوءِ پوليس مقابلو ڪيئن ٿيو؟ اوهان ٻڌايو، بابا ۽ اسان سان انصاف ڪير ڪندو؟ آئون سوچيان پيو ته حضور بخش جو ايئن بيگناهه ۽ بي سبب مارجي وڃڻ بعد بابا کي هاڻ آٿت ڪير ڏيندو؟ اوهان سوچيو هڪ شخص جنهن جو هڪ پٽ بيگناهه جيل ۾ نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڀوڳيندو هجي ۽ ٻيو پٽ پوليس گرديءَ جو شڪار ٿي بيگناهه مارجي وڃي ته ان کي ڪير انصاف ڏيندو؟ ڪير ان کي تسلي ڏيندو؟ فيصلو اوهان جي عدالت ۾ رکان ٿو. منهنجي دشمني جي سزا منهنجي فيملي کي نه ڏنو، منهنجو انتظار ڪريو، نيٺ ته انصاف به ٿيندو، ان جي لٺ بي آواز آ.

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

بي لغام گهوڙي سوار ۽ سنڌ جون سياسي حالتون!

 

(حصو ٻيون)

 

ته کيس کي مختلف شرطن تي تربيت جي نون شرطن سان بي لغام گهوڙي سواريء جو نئون ڪرتب ڏئي مارڪيٽ ۾ لاٿو پئي ويو ۽ بي لغام گهوڙي سوار ڪامياب ٿيڻ بعد وڏي واڪي سان چوڻ لڳو اسان جو عوام آڏو ڪوبه مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. هن جي هيڏي وڏي چئلينجز سندس مقابلي بازن لاء ڪنهن حد تائين ڪافي پريشان ڪن حالات پيدا ڪرڻ لڳي،ان پريشان ڪن حالتن جتي ٻنهي گهوڙي سوارن لاء سوال پيدا ڪرڻ شروع ڪيا اتي هنن هينڊلرز يعني بي لغام گهوڙي سواري سيکاريندڙن لاء به سوچڻ جهڙا سوال پڻ سامهون رکيا.اهو زمانو اوهان کي هن وقت جي بي لغام بائيڪ ريس ڪندڙ سوارن جيان محسوس ٿيندو ۽ ان زماني کي اوهان انگريزن جي دور حڪومت،ٽالپرن،مغلن ۽ منگولن  توڻي ترخانن جي دور حڪومتن سان ڪنهن سان به ڀيٽ ڏئي سگهو ٿا.انگريزن جي انڌي دور حڪومت ۾ ايئن ٿيندو  هو، ته هو ڪنهن تي به راضي ٿين ته چوندا هئا ته صبح جو گهوڙو ڀڄاء جتي شام ٿئي اها زمين تنهنجي تحفي ۾ پڻ ايندي!! اهڙا کوڙ سارا ان زماني جي بي لغام گهوڙي سوار جيان مثال طور ڏئي سگهجن ٿا ته ڇا ڇا نه پئي ٿيو!! انگريزن جي ابتر سکيا ڏيندڙ هينڊلرز ڇا ڪيو جو ڄڻ ته انگريزن جي ابتڙ سوچڻ شروع ڪيو،انگريز حڪمران ته پاڻ هو پر هو ڪرسي دار،تمندار،تپيدار،جمعدار سطح جا ڪردار پيدا ڪرڻ لڳو ۽ پاڻ انگريز هينڊلر بڻيو حڪومت ڪري رهيو هو. اهڙن ماضيء جي قصن ڪهاڻين کي اوهان اڄ جي سنڌ جي حالتن سان ڀيٽ ڪندا به ته انهن ۽ هنن حالتن ۾ ٿورو فرق محسوس ٿيندو.اهڙيء طرح بزرگ پراڻي دور جي قصي کي ٻڌائيندي چيو ته اهو بي لغام گهوڙي سوار جتي پنهنجو ته نقصان ڪيو ئي ڪيو پر افسوس جو اهي هن جا تربيت ڪندڙ هينڊلرز به پڻ اڳتي هلي پنهنجي راند ۾ منجهي پيا ۽ پوء جيئن فطري ۽ غير فطري موت ۾ فرق محسوس ٿيندو آھي تيئن ئي هنن سان اهو الميو ٿيو، جيئن اڄ ڪلھ اوهان بائيڪ ريسلرز جي ڪرتبن پويان موت جي ڪٿي به رپورٽ ناهيون پڙھي سگهندا. ايئن ئي بي لغام گهوڙي سوار پنهنجي انڌ جي گهوڙي تي هلندي هلندي پنهنجو غير فطري موت ريڪارڊ تي رپورٽ ڪونه ڪرائي سگهندو.(جاري)

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

لاڙڪاڻي شهر جي بدترين ٽريفڪ جو نوٽيس!

 

17 اپريل تي لاڙڪاڻي جي سيشن جج شرف الدين شاهه لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪاروباري، واپاري مرڪزن ۾ بدترين ٽريفڪ نظام تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڙڪاڻو ٽريفڪ پوليس کي سخت تنبيھ ڪئي ته شهر ۾ ٽريفڪ جي درهم برهم مکيه مرڪزي روڊن رستن تي بيٺل سبزي، فروٽ جي ريڙهين، مخصوص سائيڊن تي چنگچي رڪشا بيهارڻ بجاءِ وک وک تي هر جاءِ تي اوچتو چنگچي رڪشائون جي بيهڻ سان هڪ طرف ٽريفڪ نظام ۾ خلل پئجي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿي رهيو آهي. لاڙڪاڻي جي ڪاروباري مرڪزن ۾ دڪانن اڳيان غير قانوني حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺي شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ شهر تائين سولائيءَ سان خريد فروخت ڪرڻ جي سهولت ته فراهم ڪئي وڃي. شهر جي اڪثر مرڪزي روڊن تي دڪاندار سيڌو سامان رکيون ويٺا آهن، ريڙهين وارا مکيه روڊ رستن تي ريڙهيون بيهاري عوام جي رستا روڪ ڪيون بيٺا آهن، مٿان وري شهر ۾ مينهن جو آزار وڌي ويو آهي، شهر جي هر ٻئي روڊ تان اسڪول وقت دوران مينهون وڏن ٽولن جي صورت ۾ شهر مان گذرندي سڄو ٽريفڪ نظام جام ٿي وڃي ٿو. ان کان به وڏي افسوس جي اها ڳالهه آهي ته شهر ۾ هڪ مخصوص ڌر جي ور چڙهيل ڪاروباري بنا ڪنهن پرميشن جي ٻين صوبن کان ايندڙ ٽرڪن، وڏن ٽريلن جي خاص ڪري جيليس بازار، اناج منڊي، شيوا منڊلي ۽ ٻين شهري علائقن ۾ نه ڏينهن نه ئي منجهند شام جو خيال ڪندي وڏيون ٽرڪون ۽ ٻيون گاڏيون، ڊگھا ٽريلا ڇڏيا وڃن ٿا پوءِ ته شهر هر طرف کان بلاڪ ٿي وڃي ٿو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گذارش آهي ته لاڙڪاڻو شهر مان سڀ کان پهرين مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر ڪڍيا وڃن، لاڙڪاڻي شهر جي اڳ ۾ ٽريفڪ نظام جي شڪايتون آهن مٿان وري مينهن جا واڙا به شهر ۾ هجڻ شهرين سان وڏي زيادتي آهي ٻيو ڪاروباري ماڻهو رات جو ڪهڙي پهر به ٽرڪن وڏين وڏين ڊگهين گاڏين کي شهر ۾ اجازت ڏين باقي ڏينهن جون ڊگهيون وڏيون ٽرڪون گاڏيون ٽريفڪ پوليس جي ڪار پت وائکي ڪري ڇڏين ٿيون. وڏين ٽرڪن جي شهر ۾ اندر داخل ٿيڻ سان پورو لاڙڪاڻو ڄڻ ته بلاڪ ٿي وڃي ٿو. سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ايڏيون حد دخليون شهري ڪاروباري مرڪزن ۾ دڪانن شاپس جي اڳيان ناهن جيتريون لاڙڪاڻو شهر خاص ڪري جيلس بازار ۾ ته ڄڻ انڌيري نگري چرٻٽ وارو نظام آهي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ڪٿان رستو به آهي يا رڳو ريڙهين جي منڊي آهي. خدارا لاڙڪاڻو شهر جي بندر روڊ، پاڪستان چوڪ، جيليس بازار، اناج منڊي، شيوا منڊلي روڊ، گجڻ پور چوڪ، نئون ديرو روڊ، لاهوري محلا روڊ، چانڊڪا پل روڊ، رحمت پور روڊ چوڪ، ٽانگا اسٽينڊ روڊ، پراڻي بس اسٽينڊ روڊ پل وٽان، بئنڪ اسڪوائر روڊ چوڪ سميت ٻين روڊن رستن تي هميشه جمع ٿيل ٽريفڪ نظام سسٽم درست ڪرايو وڃي. اسان سيشن جج شرف الدين شاهه کي جس ڏيون ٿا جو انهيءَ لاڙڪاڻو شهر جي شھرين جي اهم ۽ بنيادي عوامي اهم مسئلي ٽريفڪ نظام تي نوٽيس وٺي نظام درست ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

 

عبدالوحيد عباسي/ لاڙڪاڻو