وزير کي تعليم جي ضرورت آ، تعليم کي وزير جي نه!
تعليم کاتي کي سڌارڻ لاءِ تجربن جي لسٽ کي ڏسندي ذھن ۾ خيال ٿو اچي ته تعليم کاتي جو نالو تجربيگاھ کاتو رکجي ته بھتر ٿيندو، تازو تعليم جي وزير تعليم کي سڌاراڻ لاءِ اسڪولن ۾ بائيوميٽرڪ نظام لڳائڻ جو اعلان ڪيو  پر ياد رکڻ گھرجي ته تعليم کي اھو سڌاري سگھندو جيڪو تعليم جي تھ تائين جو واقف ھوندو، بائيوميٽرڪ  مشيننن کان نه! کوڙ سارا استاد اسڪولن ۾ روزانو وڃن ٿا پر انھن اسڪولن جي حالت ته سڌري نه سگھي آھي، سرڪار جي انڌير نگري اھا آھي ته استاد کي پگھار صرف حاضري جي بنياد ملي ٿي، ڪارگردي جي بنياد تي نه، ستر سالن تائين اڪيڊمڪ ڪئلينڊر تي ڪم نه ٿيڻ، استادن لاءِ سبقي منصوبن جو صرف ھڪ ڪتاب اسڪول ۾ نه ھجڻ حڪومت لاءِ ٻڏڻ جو مقام آھي، سرڪاري بائيو ميٽرڪ نظام بدران تدريسي عمل جي جائزي لاءِ ڪو مضبوط نظام ڇو نه ٿو ٺاھيو وڃي، صرف اسڪول ۾ استاد اچڻ سان تعليم ترقي ڪري نه سگھندي، ان لاءِ تدريسي عمل جي جاچ پڙتال لاءِ سرڪار ڪي اثرائتا قدم کڻي، گھٽ ۾ گھٽ روزانون ٻن ٽن شاگردن، اسيسمينٽ ۽ استاد جو مھيني جو ورڪ پلان پنج سبق ھلائڻ جا وڊيوز مانيٽرنگ ٽيم کي موڪلڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي، سيڪريٽريٽ سطح تائين اھا رسائي ھئڻ گھرجي ته ڪھڙي اسڪول ۾ اڄ ڪھڙو سبق ھلي رھيو ھوندو؟ ان جو سبقي منصوبو ھڪ ڏينھن اڳ پورٽل ويب تي اپلوڊ ھئڻ گھرجي، تعلقي، ضلعي انتظاميا انگ اکر ڏيڻ بدران ڪوتاھين جي ذميوار ھجڻ گھرجي، سندن پگھارون حاضري سان گڏ ڪارگردگيءَ جي بنياد تي ھئڻ گھرجن، ٻي صورت ۾ بائيوميٽرڪ نظام استاد جي حاضري جي انگ اکر کي پورو ڪرڻ کان سواءِ ٻي معنيٰ ڏئي نه سگھندو.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
سنڌ يونيورسٽي جي في ۾ واڌ ناانصافي آهي!
غريب طبقي جي پڙهڻ کان ٻيون يونيورسٽيون ته گهڻو پري آهن انهن جون هاسٽل سميت سموريون فيون مهانگيون آهن، ان ڪري غريب ۽ وچولي طبقي جا ٻار گهڻي ڀاڱي سنڌ ورسٽي جو رخ ڪن ٿا، جيڪي سندن پهچ ۾ هيون ۽ هاڻ ته ان جي فيسن ۾ ڳاٽيٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ اها سراسر ناانصافي آهي. دنيا جا ملڪ غريب شاگردن کي اربين رپين جون اسڪالرشپون ڏين ٿا، جيڪي غريب ٻار محنت ڪري اهي اسڪالرشپون حاصل ڪن ٿا پر ان جي ابتڙ سنڌ حڪومت جي دادلي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو فين ۾ گهڻو اضافو ڪيو آهي، جيڪو شاگرد نٿا ڀري سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن غريب شاگرد کي صرف فين جو خرچ ناهي ڀرڻو هوندو، انهن جي مٿان پڙهائي جا ڪيترائي خرچ مڙهيل آهن جيڪي شاگرد روزمره مهيني ۽ سال ۾ ڀريندا آهن، ڪڏهن انهن غريب شاگردن کان اهو ڪنهن پڇيو آهي توهان جي والدين جي ڪهڙي آمدني آهي؟ توهان جا والدين ڇا ڪندا آهن؟ ڏٺو وڃي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد اڪثر وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا، وزيراعلي ۽ ان جي وزيرن، مشيرن ۽ امير طبقي جا ٻار ته ٻاهرين ملڪن يا وري خانگي مهانگين يونيورسٽين ۾پڙهندا آهن ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي غريب شاگردن تي سنڌ حڪومت فين جو بار وڌائي رهي آهي. ان لاءِ مان وي سي ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي عرض ڪندس ته سنڌ يونيورسٽي جي فين ۾ گهٽائي ڪئي وڃي جيئن غريب شاگرد صحيح طرح تعليم پرائي سگهن.
محرم علي شر/هنڱورنو
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين جي نانءُ!
محترم چيئرمين صاحب، اوهان به خوب ڄاڻو ٿا ته گذريل سال فيبروري مهيني کان وٺي پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن، ان ڪري وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ملڪي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪري رهيون آهن. ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار به جون 2021ع ۾ مرحلي وار تعليمي ادارا کولي ڇڏيا آهن ۽ خير سان پهرين درجي کان وٺي اٺين درجي تائين جي امتحانن جو مرحلو پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي. امتحان کان پوءِ شاگردن، استادن، والدين ۽ معاشري جا باشعور فردن کي نصابي ڪتابن جو انتظار آهي ته جيئن شاگرد پنهنجون تعليمي سرگرميون جاري رکي سگهن. روزاني پنهنجي اخبار جي وسيلي اسان اوهان کي عرض ٿا رکون ته نصابي ڪتاب ورهائڻ جو سلسلو جلد کان جلد شروع ڪري شاگردن، استادن ۽ والدين جي بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.
عبدالستار کوکر/ ڪنب
آئون مزدور آھيان!
منھنجي جسم جو پگھر سڪڻ کان اڳ مون کي ٻي ڪم جي ڳولا ھوندي آهي، ھڪ ڏينھن جي موڪل منھنجي ٻارن کي لنگھڻ تي سمھڻ تي مجبور ڪندي آهي، ڇو ته آئون مزدور آھيان، منھنجي ھٿن ۽ پيرن جون لڦون ڪنھن حسينا جي جھومڪ جيان ڪنھن شاعر جو نظم نه ٿيا، ڇو ته آئون مزدور آھيان، مون کان ماڻھو نفرت ڪن ٿا، منھنجا لٽا ميرا آھن ڇو ته آئون مزدور آھيان، مون وڏيون وڏيون عمارتون ٺاھيون پر منھنجي جھوپڙي اڄ به برسات جي بوندن ۾ ٽمي ٿي، ڇو ته آئون مزدور آھيان. مون دنيا جا مضبوط قلعا جوڙيا پر منھنجو گھر اڄ به طوفانن ۽ زلزلن جي سٽ ناهي سهي سگھندو، ڇو ته آئون مزدور آھيان. آئون اميرن جا بنگلا ٺاھيندو آھيان پر هڪ پل انهن جي ڀر ۾ ويھڻ منھنجي نصيب ۾  ناهي، ڇو ته آئون مزدور آھيان. مون مسجدن جا منارا ٺاھيا، مون مندرن جون مورتيون ٺاھيون ۽ ڪليسيا به ٺاھيا، مون ڳوٺن ۽ شھر کي روڊ ۽ رستن سان جوڙيو، منھنجي محنت، ھٿن، دنيا جا نقشا بدلائي ڇڏيا پر ھٿن ۾ لڦون ڇالا بيلچو ۽ تغاري ئي رھيا، منھنجو مقدر نه بدليو، نه منھنجي ھٿن جو لڪيرون بدليون، نه ئي منھنجي جھوپڙي بدلي، نه منھنجي جسم جا ميرا لٽا بدليا، نه منهنجي گھر مان اوندهه وئي، ڇو ته آئون مزدور آھيان. منھنجي ڪم جي ساراھ سڀڪو ڪري ٿو، منھنجي سار ڪو به نٿو لھي، مون تي تبصرا ڪرڻ وارن ڪھڙي خبر ته اوھان جي واھ واھ سان منھنجي گھر جو چلھو نه ٻرندو، گرمي ۾ گھر ويھڻ جون صلاحون سٺيون آھن پر گرمي ۾ گھر ويھڻ سان منھنجا ٻار بک تي رھندا، ھيٽ اسٽروڪ ۾ آئون بچي ويندس پر ٻارن جا بکايل اداس چھرا مون کي ماري وجھندا. وبا جي ڏينھن ۾ آئون روز موت سان وڙھان ٿو، روز موت مون کي ماري ٿو آئون روز زندگي سان جنگ جوٽيان ٿو، روز صبح ٿيندي ئي اميد تي جيئان ٿو. منھنجي زندگي تي ڳالھائيندڙ مون کي ڳلي نه لڳائيندا آھن، منھنجي گھر جو پاڻي پئيڻ کان لنوائيندا آھن ڇو ته آئون مزدور آھيان.
گورڌن روھلائي/ ڏيپلو، ٿرپارڪر
لاھوتي عبدالغفور جي خون سان انصاف ڪيو!‎‎
اڌ مھينو کن اڳ ڳوٺ ملان ابڙا ضلعي لاڙڪاڻي جي رھواسي عبدالغور عرف لاھوتي ابڙي کي بيدرديءَ سان قتل ڪري گولي ھڻي لاش کي باقراڻي لڳ ڪورين جي کوھ ۾ فٽو ڪيو ويو هو، اطلاع ملڻ تي پوليس لاش ڪڍرائي پوسٽ مارٽم ڪرائي سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد ايڌي فائونڊيشن حوالي ڪيو هو جن دفنائي ڇڏيو هو، جڏھن ته مالڪن کي 6، 7 ڪلاڪن بعد پتو پيو ته ھي اسان جو ھمراھ آھي، پوءِ قانوني طريقي موجب لاش ڪڍرائي پنھنجي ابائي ڳوٺ دفنايو ويو. ھاڻي مسئلو اھو آجي جو وارثن پاران شڪ جي بنياد  ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بعد پوليس جاچ ڪئي ۽ 3 جوابدار گرفتار ڪيا، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هنن ڏوھ جو اعتراف ڪيو پر جيڪو مُک جوابدار آهي ان کي اڃا تائين پوليس گرفتار نه ڪري سگھي آهي، ان جوابدار کي تر جي بااثر ھمراھ جي حمايت حاصل آھي ۽ پوليس جو کيسو گرم ڪيو ويو آھي، ان ڪري مُک جوابدار خلاف ڪارروائي کان نابري واريون بيٺي آھي. سو اسان جو وزير اعليٰ کان، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڊي آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل آھي ته  اصل قاتلن کي گرفتار ڪري قانوني موجب سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن عبدالغفور لاهوتيءَ جي پونئرن سان انصاف ٿئي، ٻي صورت ۾ اهو معاملو قبيلائي جھيڙي جو رخ اختياري ڪري سگھي ٿو.
سرمد ابڙو/ڳوٺ ملان ابڙا، لاڙڪاڻو
پاڪستان ففٿ جنريشن
وار جي لپيٽ ۾ آهي
جنريشن آف ماڊرن وار فيئر جي ٿيوري 80ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪي تجزيه ڪارن ايجاد ڪئي، جنهن لاءِ وليم ايس لينڊر جو نالو سرفهرست آهي، ان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن جنگ ۾ حصو نه ورتو هو پر ان باوجود به هو آمريڪي دفاع لاءِ لکندو آهي، جنهن جنگين کي ڏسي ان تبديلي کي مختلف جنريشن ۾ تقسيم ڪيو، جڏهن جنگين ۾ ٻنهي طرفن جا انسان سامهون ٿي تلوارن سان وڙهندا هئا ته ان کي فرسٽ جنريش وار جو نالو ڏنو ويو. انگريز سول وار 1651-1642 ۽ آمريڪا جي جنگ آزادي 1783-1775 ان جو نمايان مثال آهن. بعد ۾ جڏهن بندوقون ۽ توپون ايجاد ٿيون. ان ذريعي جنگون وڙهيون ويون، انهن جنگين کي سيڪنڊ جنريشن وار چيو ويو. سيڪنڊ جنريشن وار جو وڏو مثال پهرين جنگ عظيم هئي، جيڪا 1914-1918ع تائين وڙهئي وئي. سيڪنڊ جنريشن وار کي فرينچ آرمي ڊيولپ ڪيو هو، جيئن جيئن انسانن ترقي ڪندو ويو تيئن تيئن ملڪن ۾ جنگي محاذ تي هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جو ڪوششون به ٿينديون رهيون. جڏهن جنگين ۾ هوائي ۽ نيوي وغيره کي بنيادي حيثيت حاصل ٿي يا ميزائلن ذريعي پري کان دشمن تي وار ڪرڻ جو رستو نڪتو، ان ٽيڪنالوجي جو استعمال فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو، ان ريت انهن جنگين کي ٿرڊ جنريشن وار جو نالو ڏنو ويو. ٿرڊ جنريشن وار جو سڀ کان وڏو مثال ٻين مهاڀاري جنگ 1945-1939ع ۽ ڪوريا وار 1953-1950ع آهي. ٿرڊ جنريشن تائين جنگيون صرف فوجين ۾ وڙهيون وينديون هيون. وقت گذرڻ سان گڏ جنگي محاذ تي به نوان تجربا ڪيا ويا، جيڪي ڪامياب ويا. جنگيون وڙهڻ لاءِ ملڪي فوج سان گڏ نان اسٽيٽ ايڪٽرس جو ڪردار به اهم ٿي ويو، سوويت يونين خلاف جنگ وڙهي وئي. افغانستان، عراق، شام وغيره جون جنگيون جن جا مثال آهن. ففٿ جنريشن وار جي اصطلاح ڊيوڊ ايڪس 2009ع ۾ وائيرڊ تي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڏني. ففٿ جنريش وار جا بنيادي هٿيار جهاز، ٽينڪون ۽ ميزائل نه پر سفارتڪاري، پراڪسيز، ٽيوي، ريڊيو، اخبار، سوشل ميڊيا، فلم ۽ معيشيت آهن. ففٿ جنريشن وار بابت هڪ چوڻي به مشهور آهي ته هي اها جنگ آهي جنهن کي کٽڻ لاءِ ضروري آهي ته وڙهجي ئي نه.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ اوجاڳو!
اڪثر ڏٺو ويندو آهي ته  ٻنين ۾ 24، 24 ڪلاڪ ٽريڪٽر هلندا آهن ۽ جڏهن سيزن جو عروج ھوندو آهي ۽ برساتن جو وقت ته ھر آبادگار اھو چاھيندو آهي ته سندس ٻني جي پھرين کيڙي ٿئي ۽ ھو سڀني کان پھريان فصل پوکي، ته وري ٽريڪٽرن جا مالڪ به 5 رپيا وڌيڪ ڪمائڻ جي لالچ ۾ 24، 24 ڪلاڪ ٽريڪٽرن کي پيا ھلائيندا آهن، اتي ٽريڪٽرن جي ڊرائيورن جو وڏو اھم ڪردار ھوندو آهي ته ھو ڪيتري مھارت سان ڪم ڪيترو جلدي ٿو ڪري پر ڪڏهن اھو ڊرائيور ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳي ۾ ايترو ته ٿڪجي پوندو آهي جو ڪا خبر نه پوندي اٿس ته ھو ڪھڙي خطرناڪ شيءِ کي ھلائي رھيو آهي ۽ پوءِ ڪڏهن ان جو خطرناڪ نتيجو پڻ نڪرندو آهي. تازو واقعو تلهار راڄوخاناڻي روڊ تي ٿيو جتي سعيدپور ويجهو ڏينهن جو 12 وڳي مين روڊ تان ويندڙ ٽريڪٽر اوناھيءَ ۾ ڪريو پيو نتيجي ۾ ڊرائيور زخمي پڻ ٿيو جڏهن ته اتان جي ماڻهن جا ويچار ٻڌا ته انهن ٻڌايو ته ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب حادثو پيش آيو، ھاڻي ھتي ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا ته ڊرائيور اوجاڳي ۾ گاڏي ڇو ٿا ھلائين؟ گاڏين جا مالڪ کين زوريءَ گاڏي ھلائڻ جو ڇو ٿا چون؟ ڇا انهن کي فڪر ناهي ته انهن جي ڪري پويان ڪيترا گهر ڀاتي ان اوسيئڙي ۾ ھوندا ته اسان جو بابا يا ڀاءُ ايندو ته پئسا کڻي ايندو؟ مطلب ته انهن ۾ گهر ڀاتين جون وڏيون اميدون ھجن ٿيون پر پوءِ به ايتري لاپرواھي ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ ھٿ ٻڌي ھڪ عرض سڀني لاءِ ته مھرباني ڪري پنهنجي پنهنجي گاڏي جو ۽ جيڪي توهان جي آسري آهن انهن جو خيال ضرور رکو، ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ڪجهه ٿي پوي ۽ پوءِ صرف پڇتائڻو پوي.
محمد خان ڏيٿو/ تلھار،بدين
نابينا نيب، چوطرف انڌير!
سڄي سنڌ جا والي آفيسر ۽ سياستدان يا حڪمران بڻيل آهن، ڪو به هڪڙو اختيار ناهي، جيڪو هنن کي حاصل نه هجي، ضلعي سطح تي تمام وسيلا ۽ اختيار آفيسرن کي حاصل آهن ان کان سواءِ سندن روزاني خرچ پکي يا خاندان جي خدمت لاءِ  پگهار ۽ الائونسز، گهر، ملازم، گاڏيون، دوا درمل جون مڙيئي سهولتون ۽ مراعتون کين حاصل آهن، نه جي باوجود سندن فرض ۾ ڪوتاهي، ڪم چوري ۽ رشوت، بدعنواني جون شڪايتون ۽ ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ آهن، جن جي روز شنوائي لاءِ عدالتن جي در تي ڌڪا پيا کائين، جنهن سان سندن آفيسن جو ڪم ڪار رولڙي جو شڪار پيو ٿئي ۽ عوام جو وقت ۽ پئسو ڌار زيان پيو ٿئي، ڇا هي آفيسر اعليٰ ذهانت جو امتحان ان لاءِ پاس ڪري ايندا آهن ته سماج جي سرڪاري وسيلن تي وزن بڻجي عوام جي ٽئڪس مان پگهار به کڻن ۽ عوام جي ڪم لاءِ عوام کان رشوت به وٺن؟ هڪ ئي وقت سرڪار ۽ عوام جي ترقياتي بجيٽ به هڙپ ڪن ۽ کين کان ڪم عيوض  رشوت به مجبور ڪري وٺن، چيف سيڪريٽري سنڌ کي پر زور اپيل ٿي ڪجي ته سمورن کاتن جي مڙني آفيسر ڳري رشوت تي لهي پيا آهن، جنهن کي روڪڻ ۾ موجوده مقرر کاتا بلڪل ناڪام ٿي پيا آهن، تنهن ڪري انهن آفيسرن جون سموريون مراعتون ختم ڪيون وڃن، صرف ايماندار ۽ ڪارڪردگيءَ وارن آفيسرن کي برداشت ڪيو وڃي باقي آفيسرن کي سزائون ڏئي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. اھڙن سمورن آفيسرن مٿان رضاڪار نگران مقرر ڪيا وڃن جيڪي انهن جي ڪم جي ماهوار رپورٽ جاري ڪن جنهن کي توهان پاڻ ڏسو.
شبيرکوکر/ قاسم آباد  
نصيرآباد جي سينگار نوناريءَ کي آزاد ڪريو!
اصولن، ضابطن ۽ انصاف کان سواءِ رياست ته پري ٿي پر گهر به نٿو هلائي سگهجي ۽ سنڌ حڪومت جيڪا هينئر بي ضابطگين ۽ ناانصافي جي مشنري بڻجي وئي آهي، جيڪا هر ايندڙ ڏينهن سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن سان جٺيون ڪري رهي آهي، حيرت جي ڳالهه آهي ته جمهوريت جي دعويدار پيپلز پارٽي هينئر آمريت جي بدترين شڪل اختيار ڪري چڪي آهي جيڪا هڪ رت پياڪ سرمائيدار، جيڪو سنڌين جي قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي زوري قبضا ڪرڻ ۾ بدنام آهي ان شخص کي بچائيندي پ پ پ حڪومت سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو آهي. هزارين ڪيس، سوين گرفتاريون ۽ جبري گمشدگيون ضياءَ جي ڪاري دور جي ياد ڏياري ڇڏي آهي، پيپلز پارٽي ۽ آمريت هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، جيڪي صرف اقتدار جي حاصلات لاءِ جمهوري ڍونگ رچائي، سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف ڪندا آهن ۽ اچي مظلوميت وارا ڳوڙها ڳاڙيندا آهن ۽ اقتدار ملڻ کان پوءِ احتجاج، اظهار آزادي ۽ اختلاف راءِ تي پابندي هڻي ڇڏيندا آهن، جهڙي طرح هنن 6 جون کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جو حشر ڪيو آهي، سنڌ جي اهل شعور ماڻهن کي هيسائڻ، جبري کنڀي گم ڪرڻ ۽ قومپرست ڪارڪنن کي فورٿ شيڊول ۾ رکڻ، هي سڀ حيلا پ پ پ حڪومت رياض ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪري رهي آهي پر پ پ پ هاڻي ياد رکي ته سنڌ جو اجتماعي شعور بيدار ٿي چڪو آهي، ماڻهو کري ۽ کوٽي جي سڃاڻپ رکن ٿا، تنهن ڪري هاڻي انهن حرڪتن کان مڙي وڃو. سنڌي ماڻهن تي ٿيل ڪيس فوري ختم ڪيا وڃن. گرفتار ۽ کنڀي گم ڪيلن کي فوري  آزاد ڪيو وڃي، جنهن ۾ نصيرآباد شهر جو بهترين ۽ اصول پرست انسان سائين سينگار نوناري به شامل آهي. اسان سنڌ واسي سائين سينگار نوناري جيڪو هڪ پرامن شهري آهي کي دهشتگردن جيان گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ پ پ پ حڪومت کي آگاهه ٿا ڪريون ته سائين سينگار نوناري سميت سڀني سنڌين ۽ پرامن شهرين کي فوري آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ رياض ملڪ سميت پ پ پ حڪومت کي به ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا.
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد
سجاول ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي!
ڏينهن توڙي رات جو عوام جي جان ۽ مال غير محفوظ آهي، روڊ ۽ رستن تي ڦورن جو راڄ قائم ٿي ويو آھي، سجاول جي ناليواري سياسي شخصيت مرحوم مولوي عبدالله ميمڻ جي پوٽي ۽ اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي ناظم شيرازي گروپ سجاول جي اڳواڻ ظفر حميد ميمڻ کان ميرپور بٺورو ۽ سجاول روڊ تي ڦر جي واردات ڪئي وئي. گذريل رات دير سان ظفر حميد ميمڻ ميرپور بٺورو ۾ پنهنجي مائٽن جي شادي ۾ شرڪت بعد پنهنجي خاندان سان گڏ واپس سجاول اچي رهيو هو ته ڇريٽاڻي اسٽاپ وٽ 6 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڊ بلاڪ ڪري گاڏي کي روڪيو ۽ کانئن روڪ رقم ۽ موبائيل فون وغيره ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اھڙي اطلاع تي سجاول پوليس پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪري رواني ٿي وئي، جڏھن ته اڃا تائين پوليس پاران ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آندي وئي آھي. ٻئي طرف هر ٻئي ڏينهن روڊن تي وڌندڙ ڦر جي وارداتن وارن واقعن سميت مخلتف ڏوهن ۾ اضافو ٿيڻ تي شھري پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ روڊن تي سفر ڪرڻ کان ڊپ محسوس ڪري رهيا آهن، پنهنجي جان ۽ مال کي غير محفوظ تصور ڪري رھيا آھن. پوليس ڏوهن جي روڪٿام ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن اهو ئي حال رهيو ته ڏوهاري شھرين جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيندا. اسان آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته سجاول پوليس جي نااهلي جو نوٽيس وٺي سجاول ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي ته جيئن شھري سڪون سان زندگي گذاري سگهن.
وفا بابو پٺاڻ/ سجاول
ميرپورخاص مالھي ڪالوني کي بنيادي سھولتون ڏيو!
ميرپورخاص جي مالهي ڪالوني تقريبن پنج هزار گهرن تي مشتمل آهي، هن ڪالوني جا ٽي فيز آهن، فيز پهرين ۾ اڪثريت هندو مينگھواڙ قوم جي آهي، جنهن کي مينگھواڙ پاڙو سڏيو وڃي ٿو. باقي حصي ۾ مسلمانن جون مختلف ذاتيون رهن ٿيون، فيز ٻئي ۽ ٽئين ۾ مسلمانن سان گڏ هندو به رهن ٿا، فيز پهرين يعني مينگھواڙ پاڙي ۾ هر سهولت موجود آهي، مثال بجلي، گئس، پاڻي، سوريج، اسٽريٽ لائيٽ، روڊ رستا موجود آهنم جتي مينگھواڙ پاڙو ختم ٿئي ٿو اتان کان نالي ماتر لائيٽ، گئس آهي، باقي نه روڊ رستا آهن نه ڊرينج سسٽم آهي نه پاڻي آهي ۽ نه وري اسٽريت لائيٽ آهي، مطلب ته ڪا بنيادي سھولت چڱي ريت ميسر ناهي. باقي رهيل فيز ٻه ۽ ٽي ڏي اچون ٿا ته اتي نه لائيٽ جا ٿنڀا آهن نه پاڻي نه گئس نه ڊرينج سسٽم نه وري اسٽريٽ لائيٽ لڳل آهي. مالهي ڪالوني جي رهواسين کي هن وقت وڌ کان وڌ پاڻي جي پريشاني آهي، پاڻي خدا جي وڏي ۾ وڏي نعمت آهي، جيڪو مالهي ڪالوني جا رهواسي ٽي چار ڪلوميٽر پري کان ڀري اچن ٿا. اسان هتان ھن تڪ جي ايم پي اي، هري رام ڪشوري لال کي التجا ٿا ڪريون ته خدارا هندو مسلمان جو فرق ختم ڪري مالهي ڪالوني فيز پهرين، فيز ٻه ۽ فيز ٽي به توهان جي تڪ جا حصا آهن هتي به سهولتون ڏنيون وڃن، ايئن نه ٿئي جو هتي جي عوام توهان جي ان رويي جي ڪري روڊن تي اچي ۽ مجبورن احتجاج ڪري. توهان ياد رکو ته ووٽ وٺڻ توهان هتي ضرور ايندا. اسان جي وزير اعليٰ سنڌ کي به اھا گذارش آهي ته اسان جي مسئلن جو نوٽيس ورتو وڃي.
امتياز علي ڪنڀر/مالھي ڪالوني، ميرپورخاص  
ڪنهن ملڪ لاءِ آئين ڇو ضروري آھي؟
آئين جي معنيٰ آھي قاعدن ۽ قانونن جا اھي مجموعا جن موجب ملڪ جي حڪومت ۽ انتظامن ھلايو وڃي ٿو، مطلب ته آئين جو مقصد آھي ته عوام آزاد پرامن خوش ۽ سٺي زندگي گذاري سگهي، قديم زماني جا رهواسي ننڍين ايڪائين ۾ رهندا ھئا، هر هڪ ايڪائي جا پنهنجا قائدا ۽ قانون هوندا هئا پر پوءِ انهن ننڍين ايڪيائين هڪ ٻئي ۾ سماجي قبيلن کي جنم ڏنو، ملڪ کي ھلائڻ لاءِ ادارا وجود ۾ آيا ۽ ادارن کي هلائڻ لاءِ وري قانون جوڙيا ويا، فردن ۽ ادارن گڏجي حڪومت کي وجود ۾ آندو، حڪومت کي وري نظام ھلائڻ، قانون مرتب ڪرڻو پيو، جيئن حڪومتي شعبن ۽ ادارن ۾ جي وچ ۾ اختيارن ۽ ذميوارين، شھرين جي حقن جي وضاحت ٿي سگهي، ڪنهن به ملڪ لاءِ آئين ان ڪري ضروري آھي ته جيئن ڪو به فرد يا ادارو مقرر ڪيل حقن کي اورانگهي يا فردن جي حقن ۽ ذميوارين جي وضاحت ٿيل هجي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن